منهنجي نظر ۾ ڪلاس روم هڪ ڪوئلي جي کاڻ وانگر آهي، جنهن مان ڪامياب شاگردن جھڙا ھيرا ۽ جواهرات کوٽي ٻاهر ڪڍيا ويندا آهن، ڪن کي وري ھيري جھڙي قدر قيمت ڏيڻ لاءِ وڌيڪ مرمت ڪئي ويندي آهي ۽ پوءِ سماج جي منڊيءَ ۾ انهن جي اها قدر ۽ قيمت عروج تي وڃي پھچندي آهي. هڪ اهڙو فن جيڪو ڪنهن به شيءِ يا ماڻهو کي پنهنجي قابو ۾ ڪري سندس بيان ڪيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ انهن کان ڪم وٺي ۽ پوءِ انهن جي ڪم جي ڪارڪردگيءَ کي جانچڻ جي عمل کي انتظام چئبو آهي، جيئن هڪ استاد جو پوري جماعت کي قابو ۾ ڪري سندس شاگردن کي سرگرمين ۾ شامل ڪري، انهن جي ڪارڪردگيءَ جو جائزو وٺڻ جي عمل کي ڪلاس روم جو انتظام به چئي سگهون ٿا. اثرائتي ڪلاس روم جو انتظام شاگردن ڏانهن ايندڙ ڪاميابيءَ جي پيرن جو پتو ڏيندو آهي.
هڪ ليکڪ لکي ٿو ته “ڪلاس روم جي انتظام جو اصل مقصد آهي، شاگردن جي نگراني ڪرڻ، اهو تجربن ۽ عملن تي مشتمل آهي، جنهن کي ڪلاس ۾ هموار ۽ بنا رڪاوٽن جي سِکيا ڏيڻ وارو ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ استاد استعمال ڪندو آهي.” ڪلاس روم جو انتظام ايئن آهي جيئن پکڙيل موتين کي ميڙڻ، جيئن واريءَ مان سون جي ذرن کي ڇاڻي ڪڍڻ. اهو ھڪڙو ذريعو آهي جنهن جي مدد سان ڪلاس جي سڀني شين کي ۽ شاگردن کي سٺي نموني سان ترتيب ڏني ويندي آهي ته جيئن تدريس ۽ سکيا محفوظ ۽ اثرائتي طريقي سان عمل ۾ آڻي سگهجي.
ھر ڪلاس جو پنهنجو لطف هوندو آهي، جيڪڏهن شاگرد ھڪ ڪلاس کان ٻئي ڪلاس ڏانهن ويندا ته انهن کي مڪمل نئون ۽ مختلف ماحول ڏسڻ وٽان ملندو ۽ اهو سڄو عمل استاد جي مهارت تي دارومدار رکي ٿو ته ھو ڪلاس ۾ لطف برقرار رکڻ لاءِ ڪھڙيون مهارتون، حڪمت عمليون ۽ طريقيڪار ٿو استعمال ڪري، جيڪي شاگردن جي ڪاميابي ۽ سکيا لاءِ مددگار ثابت ٿين ۽ استاد جو اهڙو عمل جيڪو ڪلاس جي ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪيو وڃي جنهن ۾ شاگردن جي تعليمي ڪاميابيءَ سان گڏوگڏ جذباتي ۽ اخلاقي واڌ ويجهه کي به همٿائيندو هجي. ڪلاس روم جي انتظام جي مهارت کي اڪثر ڪري استاد ان لاءِ استعمال ڪندا آهن ته جيئن هو شاگردن جي پريشان ڪندڙ روين، مونجهارن ۽ رڪاوٽن کان سواءِ تدريس کي هموار ۽ آسان طريقي سان عمل ۾ آڻي سگهن. ڪلاس روم جي انتظام جو مقصد مثبت روين ۽ تعليمي ڪاميابيءَ جي مدد سان شاگردن کي همٿائڻ، انهن جي حوصلا افزائي ڪرڻ ۽ انهن جي اندر خود اعتمادي پيدا ڪرڻ آهي. ڪلاس روم جي انتظام ۾ گھڻيون شيون شامل آهن جيئن: استاد جي ڳالهھ ٻولهھ جو انداز، ڪلاس روم جي فرنيچر جي منظم جي ساخت (ڍانچو يا ان جي بناوت)، ڪلاس جو طبعي ماحول، شاگردن مان نصاب جي توقع، ترتيبوار حڪمت عملين جي نگرانيءَ جو ضابطو وغيره. تحقيق مطابق اِهو شاگردن جي رويي ۽ سکيا کي بهتر بڻائڻ لاءِ تمام گهڻو ضروري هوندو آهي.
ڪلاس روم جي بهترين انتظام جي مدد سان استاد ڪلاس ۾ اهڙو ته ماحول تيار ڪندو آهي جنهن ۾ شاگرد اثرائتي طريقي سان سکندا ۽ پڙهندا آهن. استاد ڪلاس ۾ سڀني حڪمت عملين ۽ طريقن کي استعمال ڪري ڪلاس جو تمام گھڻو ڪارائتو ماحول ٺاهيندو آهي ته جيئن ڪلاس ۾ شاگردن جي شرڪت گهڻي کان گھڻي ٿي سگهي ۽ سڀئي شاگرد سرگرمين ۾ برابريءَ سان حصو وٺي سگهن. جيڪڏهن ڪلاس جو نظم ۽ ضبط سٺو هوندو ته استاد پنهنجو سڄو وقت ۽ ڌيان شاگردن جي سکيا تي ڏيندو ۽ شاگرد به بنا ڪنهن رڪاوٽن جي مڪمل ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۾ مشغول رھندا. جيڪڏهن ڪلاس جو نظم ۽ ضبط اڻ اثرائتو هوندو ته استاد شاگردن کي ادب ۽ ترتيب سيکاريندي ئي پنهنجو سڄو وقت ضايع ڪندو ۽ ڄاڻ شاگردن جي ذهن مٿان هوائي جهاز وانگر زوزاٽ ڪندي ويندي ۽ اهي ڪجهه به پرائي نه سگهندا. ڪلاس روم جي انتظام کي بهتر بڻائڻ جا ڪجھه بنيادي ۽ اھم نقطا هِن ريت آهن جن تي استاد کي ڌيان ڏيڻ گهرجي.
هڪ ڪلاس جو طبعي ماحول: ڪلاس جو ماحول مثبت هجڻ جي ڪري شاگرد ڪلاس ۾ آرامده محسوس ڪندا آهن، پنهنجي استاد کي اڳواڻ سمجهي، ان جي حڪمن تي عمل ڪندا آهن، استاد کي گهرجي ته شاگردن جي سڀني سوالن جا صحيح نموني سان جواب ڏئي انهن جي اندر پختو اعتماد پيدا ڪري. اهڙو دوستاڻو ماحول پيدا ڪري جنهن ۾ شاگردن کي پيش ايندڙ مونجهارن جي مدد لاءِ استاد سان رابطو ڪرڻ ۾ مشڪلات نه ٿئي. سختي وارو ماحول اڪثر ڪري شاگردن جي قابليت تي سِڌا وار ڪري انهن ۾ ڊپ پيدا ڪندو آهي ۽ اهڙو ماحول سکيا جي عمل لاءِ ڪارائتو ثابت ناهي ٿيندو.
ٻيو ڪلاس جا قانون: استاد جي ڳالھه کي غور سان ٻُڌڻ، ڪلاس ۾ استاد جي غير موجودگي ۾ به آرام ۽ نرميءَ سان ڳالهائڻ، ڪلاس ۾ صفائي سٿرائي، شاگردن جي خراب عادتن ۽ روين جو خاتمو ڪرڻ، خاموشيءَ سان استاد ۽ ساٿين کي ٻڌڻ، پريشانيءَ ۾ مدد گھرڻ جھڙا قانون جوڙڻ سان سکيا جو عمل ۽ نظم ۽ ضبط به برقرار رهندو آهي.
ٽيون روزمره جو مسلسل معمول وارو ڪم: ڪلاس جو اھڙو ماحول جنهن ۾ استاد جي دٻاءُ کان سواءِ شاگرد پاڻمرادو سڄو ڪم ڪري، اهو تڏھن ممڪن آهي، جڏهن استاد ۽ شاگرد وچ ۾ مضبوط ۽ مثبت تعلق هوندو.
چوٿون ڪلاس جي ذميوارين ۾ شاگردن جي شرڪت: شاگردن کي اهو احساس ڏيارجي ته سڀئي سرگرميون انهن لاءِ آهن، سندن ذميواري آهي ته اهي انهن سرگرمين ۾ حصو وٺن ۽ اهو به احساس ڏيارجي ته فيل ٿي وڃڻ جي ڪري خاموش نه رهو پر ذهن ۾ ايندڙ سڀئي خيال پوري ڪلاس اڳيان ونڊيو. غلطيون ڪرڻ کان نه گھبرايو ڇو ته سدائين غلطيون ڪندڙ ئي ڪجهھ سکندا آهن. هر شاگرد کي سندس قابليت مطابق ڪا نه ڪا ذميواري به ڏيڻ گهرجي.
اسڪول جي ڪاميابيءَ جو دارومدار ان جي عمارت جي خوبصورتي تي نه پر ڪلاس روم جي ماحول ۽ بندوبست تي آهي. ڪلاس جو انتظام ئي اصل طاقت آهي جيڪو شاگردن کي ڪاميابي ۽ سکيا ڏيڻ لاءِ سڀني طوفانن سان وڙهڻ لاءِ وس ڪندو آهي. ڪلاس روم اسڪول جو روح ۽ طاقت آهي. جيڪڏهن ڪنهن جسم ۾ طاقت نه هجي ته اِهي خطرناڪ طوفان اُن جسم کي ڀورا ڀورا ڪري سندس روح کي روانو ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏيندا آهن. اسڪول جسم وانگر آهن، جيڪڏهن جسم ئي نه هوندا ته استاد انهن ۾ روح ڪيئن ڦوڪيندا؟ بدقسمتيءَ سان اسان جي گلابن جهڙي سنڌ جي اسڪولن جي حالت تمام گھڻي نازڪ ۽ حساس آهي، سنڌ ۾ اهڙا اسڪول آهن جن جي عمارت ئي ڪونهي يا وري عمارت آهي ته زخمي جسم جيان ڀڳل ٽُٽل، ڪِن ۾ هڪ ڪمرو هوندو آهي ته ڪن ۾ ٻه کان ٽي جنهن ۾ الڳ جماعت جي ٻارن کي ويهارڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي.آخر اھڙي صورتحال ۾ پوءِ استاد ويچارو ڪري ته ڇا ڪري؟
اعليٰ عهديدارن کي گهرجي ته اجاين پاليسين ۽ استاد لائسنس جھڙين اجاين ڳالهين کي ڇڏي سنڌ جي سڀني اسڪولن جي عمارتن جي مڪمل مرمت ڪرائي کين محنتي عملو مھيا ڪري اسڪول جي نگراني ڪندڙ عملي کي به سخت ذميواريون سونپي، جيئن اسڪول جي نگراني ڪرڻ اچن ته مرغ مڇي پيٽ پوڄا پنهنجي گھران ڪري اچي ڪم تي ڌيان ڏين، اسڪول جي سار سنڀال لھڻ، گوسڙو عملي جي نگراني ڪرڻ، صفائي سٿرائي جو خيال رکڻ ۽ سِکيا جي عمل تي ڌيان ڏيڻ لاءِ پابند رھن. باقي ٻُٻرن کان ٻير گھرنداسين ته ڪنڊا ملندا ۽ خالي ٺونٺن تي جھنگ جي شينهن کي ڏسي چئون ته “جاڙا خان ڪتو جھل اسين تنهنجا مهمان”.