پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ شايد ئي ڪو اهڙو سياسي تجربو هجي، جيڪو گذريل 74 سالن ۾ نه ٿيو هجي. ملڪ ۾ صدارتي نظام لاڳو ٿي چڪو. آمريت وسيلي ملڪ کي هلائڻ ۽ بچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. بنا آئين جي ملڪ ڪيترن ئي سالن تائين هلندو رهيو. پوءِ آئين ٺهيو ته ان آئين وسيلي ملڪ جو نظام هلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پارلياماني نظام وسيلي جڏي ڦڏي جمهوريت سان ملڪ کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. صادق ۽ امين ماڻهن جي حڪومت قائم ڪري ملڪ کي سمورين تڪليفن مان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ڇا ايترا تجربا ڪرڻ کان پوءِ ملڪ جا رياستي، معاشي، جمهوري مسئلا حل ٿي ويا. جواب آهي نه!
پر خرابي ڪٿي آهي؟ ان جي خبر سڀني کي آهي. پر تنهن هوندي به ان خرابيءَ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي ويندي، نتيجي ۾ نه رڳو ملڪ ۾ جمهوري ماحول ڪونه جڙي سگهيو پر جمهوري ادارن جي ساک به نه جڙي سگهي. جمهوري ادارا اڄ به بي اختيار آهن ۽ چونڊيل نمائندا ته ايترا بيوس آهن جو “ڪمپني بهادر” جي اشاري کان سواءِ هاڻوڪي حڪومت خلاف بي اعتماديءَ جي رٿ نه نٿا آڻي سگهن. نتيجي ۾ سياسي پارٽيون نه ته هڪ ٻئي تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار آهن ۽ نه ئي وري اهي ايتريون آزاد ٿي سگهيون آهن جو “ڪمپني بهادر” کي اهو باور ڪرائي سگهن ته سياست ڪرڻ سياستدانن جو ڪم آهي.
عمران خان نيازيءَ جي حڪومت خلاف گڏيل اپوزيشن بي اعتمادي رٿ لاءِ تياري ڪري رهي آهي، پر اها بي اعتمادي رٿ واقعي ڪامياب ويندي جيتري اعتماد سان اپوزيشن چئي رهي آهي. عمران خان نيازيءَ کي اقتدار ۾ جنهن به طريقي سان آندو ويو، اهو ڪيترو صحيح ۽ غلط هو، ان تي بحث ٿيندو رهيو آهي پر وري به سوال اهو آهي ته هو انهن اميدن تي پورو نه لٿو، جنهن آسري کيس اقتدار ڏنو ويو هو. سڀني پارٽين کي پاسيرو ڪري، انهن خلاف اهڙو ماحول جوڙيو ويو جو هاڻوڪي حڪومت جي سڄي مدي دوران اهي پنهنجو سر بچائڻ ۾ لڳيون رهيون ۽ عمران خان مزي سان حڪومت ڪندو رهيو. هن نه رڳو عوام کي مديني واري رياست جا خواب ڏيکاريا پر پاڪستان کي دنيا جو سپر پاور ڪرڻ ۽ تبديليءَ سان همڪنار ملڪ جي دعويٰ ڪندو رهيو پر حقيقتون بلڪل ان جي ابتڙ آهن. هڪ پاسي ملڪ جي معيشت تي آءِ ايم ايف جي ڳجهه لامارا ڏئي رهي آهي ته ٻئي پاسي ايف اي ٽي ايف آهي، جنهن جا ڳرا شرط مڃڻ کان پوءِ به پاڪستان لاءِ ڪا نرمي نه آئي آهي. ان کان سواءِ سعودي عرب جهڙي پراڻي دوست به جيڪو قرض ڏنو آهي، اهو ڪنهن وقت به واپس وٺي سگهي ٿو. انهن سڀني معاملن جي هوندي ڇا عمران خان نيازي وارو تجربو ڪامياب قرار ڏئي سگهجي ٿو؟
ڇا ان تاثر ۾ دم آهي ته اسٽيبلشمينٽ هاڻ عمران خان نيازيءَ مان پنهنجي بيزاريءَ جو اظهار ڪري رهي آهي ۽ اها هن مان جان ڇڏائڻ لاءِ رستا ڳولي رهي آهي. ان ڪري پهريون آپشن هن خلاف عدم اعتماد واري تحريڪ آڻڻ آهي، جنهن لاءِ اپوزيشن جماعتون حڪومت جي اتحادي جماعتن سان رابطو ڪري رهيون آهن. ايندڙ وقت ۾ جيڪي به صف بنديون ٿينديون، ان مان اها ڳالهه واضح ٿي ويندي ته عدم اعتماد واري رٿ جو اٺ ڪهڙي پاسي ٿو ويهي. ڇاڪاڻ ته هن وقت حڪومت جا وزير به وڏي اعتماد سان اهو اظهار ڪري رهيا آهن ته اها تحريڪ ناڪام ٿي ويندي. اهي اها ڳالهه ان ڪري به چئي رهيا آهن جو ماضي ۾ اپوزيشن کي اڪثريت هوندي به ناڪامي ملي هئي. جيڪڏهن هن ڀيري به ناڪامي ٿئي ٿي ته اها حڪومت جي وڏي سوڀ هوندي، پر حڪومت وٽ هاڻ گهڻو وقت نه بچيو آهي. جيڪڏهن ان وٽ اڃا ٻه سال هجن ها ته ان کي وڏي خواريءَ جو منهن ڏسڻو پوي ها، ڇاڪاڻ ته جتي حڪومت جو احتساب وارو نعرو ناڪام ويو آهي، اتي اها ڪرپشن جو خاتمو به نه ڪري سگهي آهي. جنهن لاءِ عمران خان نيازي چوندو هو ته هو نوي ڏينهن ۾ ڪرپشن جو خاتمو ڪري ڏيکاريندو. جڏهن ته ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي تازي پڌري ٿيل رپورٽ جي آئيني ۾ حڪومت پنهنجو چهرو ڏسي سگهي ٿي پر لڳي ائين ٿو ته حڪومت آئينو ڀڃڻ وڌيڪ بهتر سمجهيو پر پنهنجو چهرو ان آئيني ۾ ڏسڻ جي همت حڪومت ۾ ڪانه هئي.
عمران خان نيازي ان ڳالهه جو اعتراف پاڻ ڪري چڪو آهي ته احتساب جو عمل صحيح نه ٿي سگهيو، جنهن ۾ ناڪامي ٿي. حڪومت جو ان ڳالهه تي زور رهيو ته نواز ليگ کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي پنجاب ۾ پاڻ کي مضبوط ڪجي. اڄ به عمران خان نيازيءَ جي خواهش اها آهي ته شهباز شريف کي جيل ۾ واڙيو وڃي پر ان لاءِ هاڻ شايد کيس گهربل سهولت مليل ڪانهي. پي ٽي آءِ ڪرپشن واري بيانيي کي عوام ۾ هر فورم تي پيش ڪيو، ان وکر کي جتي ڪٿي وڪڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڳچ عرصي کان عوام پي ٽي آءِ جو اهو وکر خريد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. هونئن به پي ٽي آءِ جا وزير توڙي مشير عمران خان کي هڪ ايماندار، صادق ۽ امين برانڊ طور مشهور ڪري رهيا آهن، ان ڳالهه کي مڃي به وٺجي ته هو ايماندار آهي پر ڇا رڳو ايمانداريءَ جي سرٽيفڪيٽ سان سڀئي ملڪي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. اصل ڳالهه اها آهي ته عوام کي آڇڻ ۽ ان کي ڏيڻ لاءِ هاڻوڪي حڪومت وٽ ڪي اهڙا بهترين پروگرام آهن، جن وسيلي عوام کي بک تي گذارو نه ڪرڻو پوي. بيروزگاريءَ ۾ واڌ نه ٿئي ۽ نه ئي ملڪي معيشت جي تباهه حاليءَ جو سلسلو وڌيڪ هلندو رهي.
پر حڪومت وٽ انهن ٽنهي معاملن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪجهه به ناهي. بلڪه مهانگائيءَ جي ماريل عوام مٿان وڌيڪ مهانگائيءَ جو بار وجهڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن. ان ڪري عوام جون همدريون وري به انهن سان نظر اينديون جيڪي عمران خان نيازيءَ کان گهٽ ظالم حڪمران رهيا آهن.
پر سوال اهو آهي ته عمران خان نيازيءَ کان پوءِ ڇا؟ “ڪمپني بهادر” ڪو اهڙو متبادل ڳولي ورتو آهي ۽ ان وٽ ڪو اهڙُو ماڻهو آهي، جيڪو ڪجهه وقت لاءِ اقتدار جي گاڏيءَ کي ڌڪي سگهي. سو اهو مرحلو بنهه گهڻو اهم آهي. جيڪڏهن “ڪمپني بهادر” کي وري به اڳوڻن سياستدانن جي مدد گهربل هئي ته پوءِ عمران خان نيازي واري ڊرامي نه رڳو ملڪ جو پيسو وڃايو پر عوام جو وقت به وڃايو آهي. جنهن مان اها پڻ خبر پئي ته جڏهن سياستدانن کي سياست نه ڪرڻ ڏني وڃي ۽ اقتدار ڪنهن اهڙي ماڻهو حوالي ڪيو وڃي جيڪو ڪڏهن ڪائونسلر به نه ٿي سگهندو هجي ته پوءِ ملڪ جو حشر اهڙو ئي ٿيندو آهي، جهڙو اسين هاڻ ڏسي رهيا آهن. جيڪڏهن عمران خان نيازي پنهنجي مرضيءَ سان اقتدار ڇڏي ٿو وڃي ته پوءِ سندس رهيل عزت بچي ويندي پر جيڪڏهن هن اهو فيصلو ڪيو آهي ته هو آخري بال تائين کيڏندو، (جيئن سندس شيدائي اينڪر چون ٿا) ته پوءِ کيس ان لاءِ به تيار رهڻ گهرجي ته ملڪي سياست ۾ ڪجهه به ممڪن آهي. ماضي ۾ آيل عدم اعتماد وارين تحريڪن کي به کيس نظر ۾ رکڻ گهرجي.
بهرحال، سياست جي هن گورک ڌندي ۾ سڀ کان وڌيڪ ناڪام تجربو عمران خان نيازي وارو ئي هو، جنهن جو شو پهرين ڏينهن کان فلاپ ان ڪري ويو جو هن سياست کي به ڪرڪيٽ سمجهيو. ان کان سواءِ هن کي “ڪمپني بهادر” جي ضرورت کان وڌيڪ سهائتا به ملندي رهي پر تنهن هوندي به هو اهڙُو ڪجهه به نه ڪري سگهيو، جنهن لاءِ کيس اقتدار جي مسند تي ويهاريو ويو هو.
“ڪمپني بهادر” ڀلي ڪيترا به سياسي تجربا ڪري پر سياستدانن کي سياست کان پري رکي اها پنهنجا هدف به ماڻي نٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته هي ملڪ دنيا کان ڪٽيل ناهي بلڪه دنيا ۾ ٿيندڙ عمل هن ملڪ تي اثرانداز ٿئي ٿو. تنهنڪري عمران خان نيازيءَ جي اقتدار ۾ اچڻ ۽ ان کان پوءِ ايندڙ وقت ۾ سندس موڪلاڻيءَ کان پوءِ جيڪو سفر رهندو، ان اهو پيغام ڏنو آهي ته سياست جي آزادي ۽ اصل ۾ ملڪ ۾ سياسي آزاديءَ کي جنم ڏيندي آهي ۽ ان سياسي آزادي وسيلي ئي اسين هر مسئلي جو حل ڳولي سگهون ٿا. تنهنڪري هن تجربي کان پوءِ وڌيڪ تجربا ڪرڻ جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي.