ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

وفاق ۽ پنجاب حڪومتون ڊاهڻ جون تياريون

Editorial-Article- Ali Muhammad

 ملڪ ۾ وزير اعظم عمران خان واري وفاقي ۽ پنجاب ۾ عثمان بوزدار واري صوبائي حڪومتن جي تبديلي وارا چئوٻول ڏينهون ڏينهن زور وٺي رهيا آهن. وزير اعظم عمران خان خلاف قومي اسيمبلي ۽ پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار خلاف صوبائي اسيمبليءَ ۾ بي اعتمادي واريون رٿون پيش ڪرڻ ۽ ڪامياب ڪرائڻ ۽ رانديگرن واري سرڪار جو خاتمو ڪرڻ واريون سرگرميون ڏينهون ڏينهن وڌي ۽ زور ٿي رهيون آهن. دلچسپ ڳالهه آهي ته، هن ڀيري مخالف ڌر جون سموريون جماعتون پنهنجا سمورا طريقا ۽ اثر رسوخ استعمال ڪري وزير اعظم عمران خان واري سرڪار کي ملڪ جي وڏي ميدان ۾ ملهه مارڻ ۽ ڪيرائڻ لاءِ ميدان عمل ۾ سرگرم ٿي ويون آهن. اسان جي سٿ جي هڪ خبرنگار جي رپورٽ موجب،”هاڻي ٻيون ڀيرو تاش جا پتا شفل ٿي رهيا آهن ۽ اميد آهي ته تاش 20 کان 22 فيبروري تائين ورهائجي ويندي، ان کان پوءِ اصل راند شروع ٿيندي ۽ هر هڪ رانديگر پنهنجي پنهنجي چال هلندو، راند شروع ٿيڻ ۽ ختم ٿيڻ جو دورانيو مختصر رکڻ جا اطلاع آهن”. حڪومت جي تبديليءَ جي حوالي سان ڳجهن نقطن ۽ لڪل حوالن کي اڌ اکري ۽ اشارن ۾ بيان ڪرڻ وارا اهي معاملا ۽ منظر يقينن قابل غور آهن. ائين لڳي ٿي رهيو آهي ته، حڪومت جو وقت پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچڻ وارو آهي.

       ملڪ جي سياست ۽ پارليامينٽ ۾مخالف ڌر جي جماعتن ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقتور ۽ اثر رسوخ رکندڙ ٻن ڌرين پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ نواز شريف جي قيادت ۾ ٿيل هن تازي پرمغز ۽ سنجيده گڏجاڻيءَ ۾ ٿيل ڳالهين جا نتيجا پڻ اوترو ئي تيزيءَ سان سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن. گڏجاڻي کان پوءِ آصف علي زرداري طرفان حڪومت جي اهم اتحادي مسلم ليگ (ق) جي قيادت چوڌري شجاعت حسين ۽ چوڌري پرويز الاهيءَ سان تفصيلي گڏجاڻي ڪئي وئي ۽ ٻه طرفان معاملا طئي ڪيا ويا آهن. اطلاعن موجب، وفاق ۽ پنجاب صوبي ۾گڏيل حڪومت ٺاهڻ بابت صلاح مشورا ڪيا ويا آهن، ان کان پوءِ پي ڊي ايم جي صدر مولانا فضل الرحمان پڻ مسلم ليگ (ق) جي قيادت سان اهڙي قسم جي مقصدن لاءِ گڏجاڻي ڪئي ۽ گذريل ڏينهن مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ مسلم ليگ (ن) جي صدر ميان شهباز شريف پڻ مخالف ڌر جي جماعتن سان اتحاد ۽ گڏيل حڪومت جي نقطن تي ڳالهيون ڪيون آهن. ايندڙ ڏينهن ۾ حڪومت جون ٻيون جماعتون ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي سان پڻ مخالف ڌر جي جماعتن جي رابطن ۽ ڳالهين جون خبرون منظر عام تي اچي رهيون آهن. واضح رهي ته، مسلم ليگ نواز جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر اياز صادق طرفان پڻ تازو هڪ نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ چيو ويو هو ته “ملڪ ۾ڪجهه نه ڪجهه ضرور ٿيڻ وارو آهي. سندس چوڻ موجب، ملڪ ۾جلد ڪو وڏو ڌماڪو ٿيندو پر ڇا ٿيندو اهو هن وقت نه ٻڌائيندس نه ته ان کي روڪڻ لاءِ تياري شروع ٿي ويندي.” 

      وزير اعظم عمران خان جي “رانديگرن” واري سرڪار جي هن وقت حالت اها ٻڌائي پئي وڃي ته، هاڻي هن مان نه سندس سڄڻ کي ڪو آسرو آهي ۽ نه دشمن کي ڪو ڀئو باقي رهيو آهي. پي ٽي آءِ سرڪار هن وقت”ڦوڪڻي” وانگر مڪمل طور تي هوا جي زور تي اڏامي رهي آهي، سرڪار جا حال هيڻا ۽ ملڪ ۽ قوم جا سور ٻيڻا ۽ چئوڻا ٿي ويا آهن. اهڙي حالت ۾ به حڪومت جا نه پير زمين تي آهن ۽ نه ئي سندس مٿي تي سرپرستن وارو آسمان باقي رهيو آهي. حڪومت طرفان پنهنجي نالي ماتر پت بچائڻ ۽ ڪارڪردگي سڌارڻ ۽ باقي بچيل ڏيڍ سال ڇڪي ڪڍي وڃڻ بدران پنهنجن سمورن مخالفن ۽ مايوس طرفدارن کي لڳاتار للڪارڻ ۾ مصروف آهي. ائين لڳي رهيو آهي ته حڪومت پاڻ به ڪنهن ڌڪي لڳڻ يا پنهنجي مٿان بي اعتمادي واري ڇپ ڪرڻ جي انتظار ۾ آهي ته جيئن صاف نظر ايندڙ وڏي شڪست يا ڪا شاهڪار خواريءَ جو شڪار ٿيڻ بدران حڪومت واري ڳري ڇپ مٿي تان لاهي اڇلائڻ وارو ڪو وجهه ملي وڃي.

مخالف ڌر جي جماعتن جي پهلوانن واري وڏي اتحاد پي ڊي ايم طرفان پڻ آخرڪار وزير اعظم عمران خان ۽ صوبي پنجاب واري عثمان بوزدار حڪومت هٽائڻ ۽ هر قيمت تي انهن کي ڪيرائڻ لاءِ سمورا رستا، وسيلا ۽ اثر رسوخ استعمال ڪري ڪاميابيون حاصل ڪرڻ وارا فيصلا ڪرڻ تي مجبور ٿيڻو پئجي ويو ۽ اهڙي قسم جي معاملن ۾مڃيل مٿير پيپلز پارٽيءَ جي صدر آصف علي زرداريءَ جي شاگردي قبول ڪرڻ ۽”گرو دڪشنا” لاءِ ميان شهباز شريف جي گهر تي رکيل دعوت ۾ ميان نواز شريف ۽ مريم نواز طرفان سمورا قسم، وعدا ۽ انجام ڪرڻ واري رسم ادا ڪرڻ  کان پوءِ هاڻي ملڪ جي سياسي آسمان تي ڪارا ڪڪر ڇانئجڻ لڳا آهن ۽ وڄون پڻ ڪڙڪندي نظر اچڻ لڳيون آهن ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪرامتن جي ظهور ٿيڻ ۽ معجزن وارن سبب جي نروار ٿيڻ وارا منظر ڏسڻ جا موقعا اچڻ وارو انتظار ٿي رهيو آهي. خبرن موجب، حڪومت ڪيرائڻ ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻيل مولانا فضل الرحمان ۽ ميان نواز شريف ۽ مريم نواز کي پڻ آخرڪار اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويئي ته، اسيمبلين تان استعفائون ڏيڻ يا حڪومت کي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ سان سندن صفايو ٿي ويندو. ڇاڪاڻ ته حڪومت کي ڪيرائڻ کانسواءِ اهي ٻئي ڌريون ايندڙ چونڊن ۾ پڻ ڪا خاص ڪاميابي حاصل ڪري نه سگهنديون ۽ حڪومت سازي واري عمل کان ٻاهر ئي رهنديون. تنهنڪري لازمي آهي ته، سمورا حيلا هلائي ملڪ جي سياسي ميدان ۾ ئي رهڻ گهرجي ۽ حالتن جو مقابلو ڪرڻ گهرجي.

    پي ڊي ايم ۾ شامل سمورين جماعتن طرفان ملڪ جي حالتن ۽ سياسي صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ پاڻ بچائڻ لاءِ آخرڪار پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي موقف کي قبول ڪيو ويو ۽ مسلم ليگ (ن) جي صدر ميان شهباز شريف ذريعي آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداريءَ سان سمورن معاملن تي کليل نموني ڳالهيون ڪيون ويون ۽ ٻه طرفان معاملا طئي ڪيا ويا. ان گڏجاڻي کان پوءِ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته وزيراعظم  خلاف بي اعتماديءَ جي رٿ جي معاملي تي سموري اپوزيشن سان گڏ آهيون. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي قيادت جي روايتي ذهن ۽ بيانن مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته، هو حڪومت ڪيرائڻ لاءِ پنهنجو سمورو زور، سمورا طريقا ۽ وڌ ۾ وڌ پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪرڻ جي حق ۾ آهن ۽ وزير اعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي واري رٿ کي ڪامياب ڪرائڻ ۾ ڀرپور مدد ۽ سهڪار مهيا ڪندا پر ان کان پوءِ ٺهندڙ ڏيڍ سال واري حڪومت ۾ پنهنجي شرڪت ۽ حصيداري بابت اڃا ڪجهه طئي ڪرڻ يا وقت کان اڳ ڪجهه گهر ڪرڻ نه ٿا چاهين. اها پڻ حقيقت آهي ته، جيئن حڪومت خلاف بي اعتمادي واري رٿ ڪامياب ڪرائڻ ۾ پيپلز پارٽيءَ جو مرڪزي ڪردار هوندو اهڙي ريت، نئين حڪومت سازي پڻ پيپلز پارٽيءَ جي مدد کان سواءِ ٿيڻ ممڪن نه هوندي، اهڙي ريت، اهو ئي درست ۽ مناسب وقت هوندو ته، پنهنجا شرط، مطالبا ۽ گهرون پيش ڪري ۽ مڃرائي سگهجن، ٻي صورت ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان ملڪ ۾ هلندڙ پنهنجي عوامي هلچل، لانگ مارچ ۽ پنجاب سميت سموري ملڪ ۾پيپلز پارٽيءَ جي بحالي ۽ عام چونڊن واري عوامي رابطا مهم تحريڪ جي صورت ۾ جاري رکي ويندي ۽ ملڪ ۾پنهنجي ڪاميابي لاءِ عام چونڊون ٿيڻ جو انتظار ڪيو ويندو. 

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button