سرد جنگ واري دور ۾ روس کان ايندڙ سرخ ڪتابن ۾ عجب قسم جو سڳنڌ هوندو هو. اهو سڳنڌ ڪتابن جي ڪاغذن ۾ به هوندو هو ۽ اهو سڳنڌ انهن ڪتابن جي مواد ۾ به موجود هوندو هو. ان حوالي سان اوهان چئي سگهو ٿا ته اهي ڪتاب پنهنجي جسم ۽ پنهنجي روح جي حوالي سان مهڪيل هوندا هئا. انهن ڪتابن سبب اسان جي سياسي ماحول ۾ به هڪ مهڪ اچي ويندي هئي. اسان جو اهو سياسي ماحول جنهن ۾ هاڻي تمام سخت بدبوءِ پيدا ٿي پئي آهي. اهو ممڪن آهي ته اها بدبوءِ ڪتابن جي اڻاٺ سبب پيدا ٿي هجي. هونءَ به شبير پياڪ ۽ هن جي جوڳي يار کي پتو آهي ته منافقت کان پوءِ سخت بدبوءِ صرف جهالت ۾ هوندي آهي. اها جهالت ڀلي ڪهڙي به قسم جي هجي! جڏهن ته سياسي جهالت جهالتن جو بنياد هوندي آهي. عام طور پوري عالم ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ ڪتابن کي سياست کان ڪٽڻ هڪ وڏي سازشي واردات هئي. هن دور ۾ اسان ان ڏوهه جو ڪيتو ته لوڙي رهيا آهيون. هن وقت سياستدانن توڙي صحافين جي وچ ۾ جيڪا به آن دي رڪارڊ توڙي آف دي رڪارڊ گفتگو ٿئي ٿي، ان ۾ ڪتابن جو ڪو به ذڪر نه ٿو ٿئي. جڏهن ته ٿيڻ گهرجي. پر ڪيئن ٿيندو؟ جڏهن ڪتاب نه پڙهيا ويندا ۽ سمورو ڪم چالاڪين تي هلايو ويندو ته پوءِ ڪتابن جو تذڪرو ئي ڪوئي ڇو ڪندو؟
اسان هن وقت ان دور ۾ جيئڻ جي سزا سهي رهيا آهيون، جنهن دور ۾ ڪتابن ۽ سياست جي وچ ۾ دوري تمام گهڻي وڌيل آهي. جهڙي طرح افلاطون جي خيالي رياست ۾ شاعرن جي داخلا ممنوع هئي، تهڙي طرح سياست جي عملي دنيا ۾ ڪتابن جي اچڻ تي بندش لڳل آهي پر پوءِ به ڪو نه ڪو واقعو وسري ويل ڪتابن جي سار جو سبب بڻجي پوي ٿو. ان سلسلي ۾ هن مهل جڏهن سنڌ جي سرد راتين ۾ طاقت جي هٿان قتل ٿي ويل هارين جا لاش رستن تي رکيا آهن، تڏهن انهن ڪتابن جو ياد اچڻ به فطري عمل ٿي پوي ٿو، جن ڪتابن ۾ هڪ ڪتاب “ورجن سوائل اپ ٽرنڊ” به هو. اهو ڪتاب روس جي عظيم اديب شولوخوف جو هو. اهو شولوخوف جنهن جي عالمي شهرت يافتا ناول “۽ ڊان وهندي رهي” تي کيس نوبل انعام به مليو هو. جڏهن ته ڪامريڊ شولوخوف جا اڪثر ناول اهو چئي مسترد ڪيا ويندا هئا ته سوويت يونين جي سوشلسٽ حڪومت هن کان اهي ڪتاب جبري طور تي لکرائي رهي آهي. جڏهن ته اهو تاريخ جو تمام وڏو ڪوڙ هو. مهاڪوڙ هو. شولوخوف جهڙي رائٽر مٿان جبر ڪرڻ ممڪن نه هو. هو ته پنهنجي سرشت ۾ ئي سرخو هو. هن جيڪو ڪجهه به لکيو، دل جي چوڻ تي لکيو ۽ انهن لکڻين ۾ اڄ به تمام گهڻي ڪشش آهي. هونءَ ته شولوخوف جا ڪيترائي ڪتاب مشهور ٿيا. هن جو هڪ ناول “ماڻهوءَ جو ڀاڳ” ته ننڍي کنڊ جي تمام وڏي رائٽر قرت العين حيدر به ترجمو ڪيو هو. هن جو ٻيو ناول “هو پنهنجي ديس لاءِ وڙهيا” ٻي مهاڀاري جنگ جي پسمنظر ۾ پنبڻيون پسائيندڙ ناول آهي.
پر هن وقت جڏهن قاضي احمد ۾ قتل ٿيل ڪسانن جا بي ڪفن لاش رکيل آهن، تڏهن مون کي ياد اچي رهيو آهي، هن جو ناول “ورجن سوائل اپٽرنڊ” ان ناول جو اردو ترجمو به ٿيو هو ۽ ان اردو ترجمي جو نالو هو “جب کيت جاڳي” معنيٰ جڏهن کيت جاڳيا! ان ناول جو مرڪزي ڪردار ڪامريڊ ديدوف آهي ۽ هو ڪسانن ۾ وڃي ڪميون ٺاهڻ جي جدوجهد ڪري ٿو. ننڍي کنڊ جي طبقاتي سياست ۾ ان ڪتاب کي به استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته جيئن برصغير جي بي زمين هارين کي جاڳائي انقلاب جي واٽ تي آڻي سگهجي. سنڌ ۾ به اهو ناول پڙهيو ويو هو. اها سنڌ جنهن ۾ هارين جي جدوجهد تاريخ جو اڻ لکيل ۽ ناقابل فراموش باب آهي. اها سنڌ جنهن ۾ ڪڏهن حيدربخش جتوئيءَ کان وٺي لاڙ، وچولي ۽ اتر جا ڪيترائي ڪردار وڏيرن سان سياسي ويڙهه وڙهندا سرخ پرچم جو ڪفن پهري ان ڌرتيءَ ۾ ابدي ننڊ سمهندا رهيا، جنهن ڌرتيءَ جا ڌڻي هن وت تائين جاڳي نه سگهيا آهن.
شولوخوف جو ناول “جڏهن کيت جاڳيا” انهن ٻنين جي باري ۾ به هو، جن ۾ سونا سنگ جهومندا هئا. اهو ناول انهن هارين جي حوالي سان هو، جيڪي انهن ٻنين ۾ ساهه وجهندا هئا ۽ اهي ٻنيون اناجن سان لهرائجڻ لڳنديون هيون. انهن ٻنين تي پورهيو ڪندڙ پورهيت انهن ٻنين مان جڏهن پنهنجي حصي جي بک کڻي ويندا هئا، تڏهن حساس اديبن ۽ شاعرن جي سينن ۾ ڪا شيءَ ٽڙڪي پوندي هئي. اهو احساس صرف شولوخوف تائين محدود نه هو. اهو احساس لطيف کان اياز ۽ اقبال کان فيض احمد فيض تائين ننڍي کنڊ جي هر ٻوليءَ ۾ ٻهڪيو آهي. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته اياز اهو نظم ڇو لکي ها؟
“هي ڌڱاڻو خان
انهيءَ جو پيءُ به هاري
پٽ به هاري
ساڳي جوڙيءَ تي پاڃاري
ساڳيا هر ۽ ساڳيا ريجا
ساڳيا ٻيجا
پيڙ ڪڙيون ۽ ٿاڻا ساڳيا
نينگر لاءِ جماڻا ساڳيا”
۽ علامه اقبال جو پس منظر ڀلي ته زرعي نه هو پر پوءِ به هن لکيو:
“جس کيت سي ميسر نهين دهقان ڪو روزي
اس کيت ڪي هر خوشه گندم ڪو جلادو”
پر فيض احمد فيض ته پاڻ ڪامريڊ هو. ان ڪري هن جي شاعريءَ ۾ بار بار هڪ جدوجهد جي پڪار آهي. هن جي شاعريءَ ۾ اهڙا ته معصوم سوال آهن، جن جو جواب تاريخ اڄ ڏينهن تائين تلاش ڪندي رهي ٿي. ڇا ڪسانن جي استحصال جي سلسلي ۾ اڀاريل ان سوال جو جوان ڪنهن وٽ به آهي ته:
“يه حسين کيت ڪه ڦٽا پڙتا هي جوڀن جن ڪا
ڪس ليي ان مين فقط بوک اگا ڪرتي هي؟”
۽ سنڌ جي موجوده صورتحال جي پسمنظر ۾ اهو سوال پيدا ٿيڻ به لازمي آهي ته “سنڌ جا هاري آخر ڪيستائين پنهنجين ٻنين کي پگهر پياري تيار ڪندا ۽ انهن جي حصي ۾ پوءِ به بک ۽ ڏک ايندا؟” پر هن مهل ته جمهوري حڪومت جي هام هڻندڙ سرڪار جي سهڪار سان قاضي احمد ۾ ڪسانن سان سان اهو حشر ڪيو ويو آهي، جهڙو انگريزن جليانا والا باغ جي حوالي سان هندستانين سان ڪيو هو.
اهو ڪو ادبي ۽ صحافتي ابهام ڪونهي. اها سادي سودي حقيقت آهي ته قاضي احمد ۾ وحشين هارين جو قتل عام ڪيو آهي. صرف ان جي لاءِ ته سرڪار انهن جي ساٿاري هئي. پوليس انهن سان تعاون ڪندڙ هئي.
۽ اها حيرت جي نه پر شرم جي ڳالهه آهي ته هن مهل تائين هن وطن جي بي ڪفن ۽ بي دفن هارين جا لاش رستي تي رکيا آهن پر پوليس فريادي ڌر جي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ تيار ڪونهي. ڇو ته ان ۾ هڪ اڌ نالو اهڙو آهي، جيڪو هن حڪومت جي مائي باپ جو ساڄو هٿ آهي. انهن شهيد هارين جي حوالي سان هن مهل پوري سنڌ ۾ تمام گهڻو تاءُ آهي. عام ماڻهو به هارين جي حق ۽ حڪومت جي خلاف پنهنجي ضمير جو اظهار ڪري رهيا آهن ۽ سوشل ميڊيا کان وٺي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تائين هڪ شور آهي. ۽ ان اشوءَ غيرسرڪاري سياست کي مجبور ڪري وڌو آهي ته اها اڳتي اچي ۽ انهن هارين جي حق ۾ ٻه ٻول ٻولي جيڪي هاري صرف ان ڏوهه سبب قتل ڪيا ويا جو انهن جي ٻني حوس پرست حڪمرانن کي تمام گهڻي وڻي ويئي هئي ۽ انهن چاهيو پئي ته اها ٻني به انهن وٽ هجي، جنهن ٻنيءَ سان گڏ هڪ خوبصورت ڍنڍ به آهي ۽ ان ٻنيءَ تي ڪو خوبصورت محل به جڙي سگهي ٿو! اهو سوچي هارين جي مٿان هلان ڪئي وئي ۽ هڪ پوليس آفيسر سميت پنجن هارين جا لاش ٻنين ۾ ڦتڪڻ لڳا. اهڙي طرح اهي هاري جن سدائين پنهنجين ٻنين کي پگهر پياريو هو، انهن هن ڀيري انهن کي پنهنجي رت جو ريج به ڏنو.
سنڌ حڪومت کي ته فريادي پنهنجي مخالف ڌر سمجهي رهيا آهن جڏهن ته هن مهل تائين انهن جي دانهن ۽ ڪوڪن جو نوٽيس وفاقي حڪومت به نه ورتو آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه ان ڪري به ٿي رهيو آهي ته سياسي پارٽيون هن حق ۽ انصاف جي معاملي ۾ به پنهنجن مفادن کي تورين ۽ تڪين ٿيون. جيڪڏهن هن مهل سنڌ ۾ هارين جون تنظيمون هجن ها ته انهن شهيد هارين جا اجرڪ جدوجهد جا جهنڊا ٿي جهولين ها ۽ ڀوتارڪي جمهوريت ڪنهن ڀتيءَ ڀت وانگر ڦهڪو کائي ها ۽ سنڌ جا ماڻهو حقيقي ۽ عوامي جمهوريت جو بنياد رکن ها. اهڙي جمهوريت جو بنياد، جنهن جمهوريت جي جڙ وڏيري جي پٽڪي جي ور ۾ نه پر هاريءَ جي جيءَ سان جڙيل هجي ها. سنڌ ۾ هارين جي تحريڪ ڪنهن دور ۾ ڀرپور هئي ۽ پوءِ اها ڪمزور ٿيندي وئي ۽ هن وقت اها تحريڪ نالي ماتر به نه رهي آهي ۽ ان تحريڪ جي نه هجڻ سبب سنڌ جا هاري پنهنجن طبقاتي حقن جي حوالي سان بنهه يتيم ٿي ويا آهن. انهن وٽ اهڙو ڪو به سگهارو سهارو ناهي، جيڪو انهن جي بنا ڪنهن مفاد جي مدد ڪري. جيڪو انهن جو ساٿ صرف ان جي لاءِ ڏي ته هو هن ڌرتيءَ جا مظلوم هاري آهن ۽ انهن نسل در نسل وڏيرڪن گهاڻن ۾ پنهنجي وجود جي رت جو آخري ڦڙو به ڏنو آهي. ڌرتيءَ جا اهي معصوم ۽ مظلوم هاري پنهنجي طبقاتي طاقت نه هجڻ سبب انهن سياسي ڌرين جي رحم ڪرم تي آهن، جن جا آئين ۽ منشور الڳ آهن. انهن جي لاءِ قاضي احمد وارو قتل عام هڪ زبردست اشو ته آهي پر انهن ۾ اهو ڪهڪاءُ ڪونهي جيڪو باشعور ۽ ترقي پسند ڌرين ۾ انهن هارين جي لاءِ هوندو آهي، جيڪي هاري پنهنجي ڌرتيءَ سان ايئن پيار ڪندا آهن، جيئن معصوم ٻار پنهنجي ماءُ سان پيار ڪندا آهن. انهن هارين جي پويان هن مهل جيڪڏهن هڪ زبردست هاري قوت هجي ها ته اڄ سنڌ جو منظرنامو الڳ هجي ها. سنڌ ۾ طبقاتي ظلم ڪالهه کان وڌيڪ اڄ آهي پر اسان جي هاري جدجهد ان سوال ۾ الجهيل آهي ته آخر کيتن جا نيڻ ڪڏهن کلندا؟