گذريل رات مُنهنجو پاڙي جي درگاهه سيد نانگو شاهه وڃڻ ٿيو، جنهن تي هر سنڌي مهيني جي 14هين تاريخ، صوفي راڳ ۽ ننگر جو اهتمام ٿيل هوندو آهي. مون کي مُنهنجا قدم نه چاهيندي به ان ڏانهن ڇڪي ويا. آئون اهڙين محفلن جو عادي ناهيان، ان ڪري بوريت مِحسوس ڪندي درگاهَه تي پوکيل هڪ قديمي نِم جي ڀر ۾ اچي ماحول جو جائزو وٺڻ لڳس. هي درگاهه هڪ صديءَ کان به وڌيڪ قديم آهي. درگاهه تي ايندڙ پانڌيئڙا توڙي درگاهه جي ڀرسان گُذرندڙ مُسافر اونهاري جي موسم ۾ ان جي ڇانو ۾ ڪي سُڪون جون ساعتون اچي گهاريندا آهن. آئون ايئن ئي اڃا سوچن جي ان ڪشمڪش ۾ هئس ته اوچتو هڪ اوپري ماڻهوءَ سان ملاقات ٿي، جيڪو ان وقت چرين جهڙو ورتاءُ ڪري رهيو هو، يعني محسوس ايئن پئي ٿيو ڄڻ کيس ڪا کاڌُ جي بيماري هجيس پر معلوم ٿيو ته يار هيروئن ۽ چرس جو عادي هو ۽ مون کي حيرت ان تي ڳالهه ٿي ته سندس شاهه لطيف يونيورسٽيءَ مان ايم اي سنڌي ٿيل هيس.
مُنهنجو ذِهن سُن ٿي ويو ته هڪ پڙهيل لکيل انسان اِها راهه ڪيئن ٿو اَپنائي سگهي؟ اها اسان جي بدقسمتي رهي آهي ته مِعدني وسيلن سان مالا مال هُئڻ جي باوجود هِتان جي شعور کي محروم رکيو ويو آهي.
هڪ ڳالهه ته طئي آهي، اسان جا شاگرد ڊگريون کڻڻ کان پوءِ جيڪا شيءِ کين ورثي ۾ ملڻي آهي اها آهي سگريٽ، سستو چرس ۽ هيروئن. اها ڪا ريشمي پوشاڪ نه آهي جو هو خوشيءَ سان اوڍِين ٿا. An idl’s man mind is devil’s shop واندو ماڻهو سدائين وهم، وسوسن ۽ سوچن جي اونهن دريائن ۾ گم هوندو آهي ۽ هُو ايترو اڳتي هليا ويندا آهن، جتان واپسي جي اُميدَ گهٽ ئي هوندي آهي. جتي خودڪشي، چوري، ملڪيت، نوڪري، مٽن مائٽن جا طعنا، استادن جون ٻڌايل ڳالهيون، حڪومت جون مَڪاريون، سموري صورتحال دَردَ جو ڪُشالو بڻجي سندن اڳيان اچي بيهندي آهي جنهن ۾ هُو غوطا کائي ڪَپر ڳوليندي ڳوليندي آڙاهَه ۾ وڃي ڦاسندا آهن.
ڳوٺ جا اڪثر نوجوان پڙهيل لِکيل بيروزگار ۽ ناڪاره هوندا آهن. هنن جو مشغلو، موبائيل ايس ايم ايس ذريعي، سنوڪر، لڊو، تاس، جوا، ڀنگ، چرس، گٽڪو، مين پڙي ۽ ٻين غير اخلاقي شين ۾ پناهه وٺڻ هوندو آهي. ان جو وڏو ڪارڻ سندن حصي جون نوڪريون پئسن وارن سفارشين، دلالن ۽ عورتن ذريعي جسم فروشي ڪرائيندڙ ماڻهن حوالي ٿيو وڃن ۽ ويچارا پڙهيل لکيل نوجوان جن پنهنجي خوابن ۽ خيالن ۾ جنتون ٺاهڻ جا وچن ڪيا هجن، سندن مٿان خرچ پکو ٿيل به پاڻيءَ ۾ ٻڏيو وڃي ۽ مايوسي سندس جذبن ۾ حاوي ٿي وڃي ٿي.
زندگيءَ جي ڏکين پيچرن تي هلندي هلندي ڪڏهن صبر جو دامن پڪڙي ڪڏهن همت جي عزم کي برقرار رکندي آخر ڪيستائين زندگيءَ کي دلاسن ۾ رکي سگهجي ٿو.
جڏهن هو سوچن کان بيزار ٿي، ادارن جي دلاسن کان جن جا دلاسا هوندا ته سچا آهن پر اسان جي سماج ۾ سفارش ۽ رشوت کان بنا سکڻي ڀاڄي به نٿي ملي سگهي.
اهي هٿ جن ۾ قلم هئڻ کپي جيڪي سنڌ جو شعور آهن، جيڪي ايندڙ نسل لاءِ زنده مثال بڻجي سگهن، جيڪي دنيا جي معيشت سان سنڌ کي جوڙي سگهن ٿا جيڪي گهر گهر ۾ علم جي روشني جو ڏيئو ٻاري سگهن ٿا، جيڪي قوم لاءِ پنهنجي زندگي اُرپي سگهن ٿا، انهن کي ان گدلي سينور ۾ ڌڪڻ يقينن سوچيل سمجهيل سازش آهي. سنڌ ۾ جيڪي به وڏيرا، رئيس، پير، مير ۽ سياستدان ملندا. سندن ٻار ٻاهرين ملڪن جا تعليم يافته هوندا آهن ۽ اعليٰ عهدن سندن ورثو هوندو آهي ۽ اسان جي نصيب ۾ سگريٽ، سلفي ۽ چرس جهڙا تحفا ڏنا ويندا آهن جيڪي پيا زندگيءَ جي گاڏيءَ کي گهليندا آهن.
ان ماڻهوءَ سان جڏهن مُنهنجو تعارف ٿيو ته سندس ڳالهين ۾ هڪ فڪر سمايل هو پر سندس لفظن ۾ درد باهه جيان ڀڙڪي رهيو هو. هُن جي اکين ۾ اڄوڪي شاطر سماج لاءِ جوالا مُکي ٻري رهي هُئي. الائي ڇو اُن وقت مُنهنجي دل به روئي ڏنو ۽ آئون هُن جي ڳالهين ۾ ايترو ته وڪوڙجي ويس جو خبر ئي نه پئي ته يار هاڻي هوش سنڀالڻ لڳو آهي. ڪجهه وقت کان پوءِ جڏهن هُو سامت ۾ آيو ته پاڻ دنيا جي ڳالهين تان ڦري وري پنهنجي ڪچهريءَ جو مرڪز ادب بڻيو، جڏهن هُن ڳالهائڻ شروع ڪيو ڀٽائيءَ کان ويندي عُمر خيام تائين هُن جي ڳالهين کي ٻڌي آئون پنڊ پهڻ ٿي ويس. حقيقت ۾ پُڇا ڪرڻ تي هُن ٻڌايو ته هو هڪ غريب هاريءَ جو پُٽ هو، جڏهن هن نوڪريءَ جو امتحان پاس ڪيو ته هو خوشيءَ ۾ نه پئي ماپيو پر جڏهن لسٽ لڳي هميشه جيان هن جي نالي بدران ٻين جا نالا ظاهر ٿيا.
ايئن ئي اسان جي ڪچهري جاري رهي، ڀرسان لڳل قنات ۾ اختيار خُشڪ سُرن سان ماحول کي خوشگوار بنائي ماڻهن کي مدهوش ڪري ڇڏيو. جڏهن مان ان همراهه کان پُڇا ڪئي نشي جهڙي بيماري توکي ڪيئن لڳي ته هُن جي جواب مون کي لاجواب ڪري ڇڏيو يا شايد هُن غيرمعمولي ڳالهه ڪئي. جيڪا منهنجي سمجهه کان مٿانهين هئي. چيائين “اسان ڳوٺ جي ماڻهن وٽ جيئڻ جو محور احساس هوندا آهن، اُهي احساس جيڪي اسان کي فطرت سان جوڙي رکندا آهن، جيڪي رِشتن جو ڀرم قائم رکندا آهن، هر فرد جي بنجر دل تي مُحبت جي برسات ٿيندي آهي ته شخصيت ۾ نکار اچي ويندو آهي.” وري اوڇنگارو ڏئي روئڻهارڪي لهجي ۾ چيائين ته “مُنهنجي مڱَ جو ڳاڙهي جوڙي ۾ جيئرو جاڳندو جنازو کنيو ويو.” مان اندران وکري چُڪو هئس، هڪ وڏي ساهي کڻندي چوڻ لڳو
خيالن جي خاموشي
ذهن ۾ متل مانڌاڻ
اندر ۾ اُٿيل داستانن جي ٻوڏ
اکين جي نور اڳيان
حسين لمحن جا لاش
زندگيءَ جي بهارن کي
خزان وانگر سُست بڻائي رهيا آهن!
تنهائين جي ته ۾ پوريل
صدين جا ڪي ئي سور سمايل
اکين جا ڳوڙها سنڌوءَ جيان سڪل
جن مان رت جا ڦڙا پيا ٽمن
اسان جي زندگي ٿر جي ريگستان جيان
جنهن ۾ ڪير محبت جي جهوپڙي
کي اڏڻ لاءِ تيار ئي ناهي!
هاڻي تون ئي ٻُڌائي ته ڪهڙي راه اختيار ڪَجي، اسان جي غُربت اسان جي زندگيءَ جو جنازو ڪڍي ڇڏي ٿي ۽ اُهو لاوارث جنازو جنهن جي سُڃاڻپ ئي ڪانه ٿئي ٿي، جنهن وٽ آمدني آهي اهوئي هِن سماج جو بِهترين فرد طور سڃاتو وڃي ٿو. ڀلي اُن جا عَمل ۽ فعل ڪهڙا به هُجن، هُو پئسي سان هر شيءِ تي پردو رکي سگهن ٿا پر آئون شايد ان ملڪيت جو وارث هئس جنهن جي جهوليءَ ۾ سڃائيءَ کان سواءِ ڪجهه به نه هُو. اڪيلائيءَ جي واءُ مون کي جهوري وڌو هو. اُن ڪري پهرين سگريٽ کان به نفرت هُئي پوءِ دل جڏهن دردن جو محل بڻي ته سگريٽ پوءِ چرس ئي سُڪون ۽ راحت جو ڪارڻ بڻيا. آئون حيرت منجهان سوچڻ لڳس ته ڪيئن عشق اڏين تي ڪُسجي ٿو ۽ ماڻهو ساهن ۾ سُڏڪا سانڍي جيئڻ سزا ڀوڳي ٿو.
مون وٽ سواءِ هُن کي ٻُڌڻ جي ٻيو ڪو به چارو نه هُو، جتي دليون درد ۾ دونهاٽيل هُجن، حقيقتن جا چهرا اُجهاميل هُجن، اهڙا پڙهيل لکيل نوجوان جن سان سماج ظُلم ڪري ٿو، اُهي سختين ۾ صليبن جا ساٿي بڻجي وڃن ٿا. جذبا ڪنهن رولاڪ ٻار جيان بڻجي وڃن ٿا ۽ ڳوڙها ڳلن تان احساسن کي جنجهوڙي رت جو ٽيپو ٽيپو ٿي ٽِمن ٿا.