هن وقت ماضي جي ڀيٽ ۾ هاري جدوجهد جي تمام وڏي ضرورت محسوس ٿي رهي آهي. هارين جي نمائنده طاقتور تنظيم نه هجڻ جي ڪري هارين جا حق کسجي رهيا آهن. هاري بي يارو مددگار هجڻ جي ڪري سندن مالڪي لا سياسي ۽ مذهبي سڀ ڌريون سامهون اچڻ لڳيون آهن. جيتوڻيڪ هارين جي حقن جو بنيادي سوال هن ملڪ جي معشيت، زمين جي مالڪي ۽ ملڪيتن جي رشتي سان جڙيل آهي. اها تنظيم ئي هارين کي ظلم کان نجات ڏياري سگهي ٿي. جنهن وٽ هارين جو معاشي بنيادي سوال موجود هوندو. هاري منظم نه هجڻ جي ڪري هن رياست ۾ پنهنجا حق به وٺي نه سگهيا آهن. انفرادي ۽ ٽولين جي صورت ۾ طاقتور ڌرين هٿان موت جي منهن ۾ ويندا رهيا آهن. هاڻي تي زمينن تان بيدخل ته پري جي ڳالهه مرڳو هارين کي گولين جو کاڄ بڻائي ابدي ننڍ سمهاريو پيو وڃي. جنهن ۾ تازو نواب ولي محمد لغاري ڳوٺ ڀرسان ڪچي جي زمين جي معاملي تان زرداري برادري جي زميندارن سرنهن جو تيار ٿيل فصل لڻڻ تان ڀنڊ برادري جي هاري ڳوٺاڻن تي جديد هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، پوليس جي موجودگي ۾ مرزا پور چيڪ پوسٽ جو انچارج ايڊيشنل ايس ايڇ او عبدالحميد کوسو، اياز ڀنڊ، معشوق ڀنڊ، فقير ڀنڊ ۽ اڪمل ڀنڊ گوليون لڳڻ سبب موقعي تي ئي مارجي ويا، جنهن ۾ فائرنگ ۾ امين ڀنڊ، ديدار سنگراهه، اختر ڀنڊ، قربان ڀنڊ، گلشير ڀنڊ، آصف ڀنڊ، خالد سنگراهه ۽ قادر زخمي ٿي پيا، جنهن ۾ ڪيترن هارين کي گم به ڪيو ويو، هن تڪراري زمين تي زرداري، ڀنڊ، ٻگهيا، سنگراهه برادري جو پراڻو جهيڙو هلندڙ هو. جنهن جا ڪيترائي ڀيرا منظور پنهور سميت چڱن مڙسن وٽ فيصلا به ٿيا. جنهن تي عمل نه ڪيو ويو.
5 ڄڻن جي قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ لا قومي شاهراهه تي مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن ۽ سوين ماڻهن 3 ڏينهن قومي شاهراهه بند ڪري 2 قتل ڪيس 17 ڄڻن تي داخل ڪرائڻ ۽ هفتي اندر جوابدار گرفتار ڪري تڪراري زمين ڀنڊن حوالي ڪرڻ جي ٺاهه کانپو ڌرڻو ختم ڪيو ويو آهي، هن وقت تائين به ڳوٺ اسماعيل ڀنڊ ۾ شھيد ٿيل ڀنڊ برادري جي گھرن ۾ قيامت جا منظر هوندا، اها زمين ته کڻي ملي به وڃي پر گهر اجڙڻ جو نوحو سڄي ڄمار پيو هلندو.
هن خوني واقعي ۾ 18 ٻار يتيم ٿي ويا آهن، چار بيوهه عورتن جا گھر اجڙي ويا آهن. هن واقعي کانپو سنڌ ۽ ملڪ جي هارين ۾ هڪ تا به پکڙيو آهي. ماضي وانگر ڪا مضبوط هاري ڪميٽي يا هارين جي تنظيم پوري سنڌ ۾ هجي ها، هارپي وارو قانون جا ٽربيونل بحال هجن ها ته نواب ولي محمد لغاري جهڙو سانحو جنم نه وٺي ها. انقلابي پارٽيون ۽ سياسي اڳواڻ هميشه هڪ تاريخي واقعي جي انتظار ۾ هوندا آهن. اهي واقعا انساني تاريخ ۾ صدين کانپو ايندا آهن، جيڪي هڪ پل ۾ سموري صدين جو ظلم ۽ ستم ڪنهن دريا جي موجن وانگر واهي ڇڏيندا آهن. 5 هارين جو قتل به هڪ هاري انقلاب جي نويد ضرور بڻجي ها، جيڪڏهن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ احمد لغاري، عثمان لغاري، قاضي فيض محمد، جمال الدين بخاري، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، ڦوٽو رستماڻي، جبل سنڌي، قادر بخش طالباڻي، عزيز سلام بخاري، حمزو هاري، باقر سنائي، علي محمد خاصخيلي، محب نظاماڻي جهڙا اڏول اڳواڻ هجن ها ته پو ان جو فيصلو به چمبڙ تحريڪ وانگر ڪنهن ڀوتار، جاگيردار جي اوطاق يا ٿاڻي تي نه پر ان قومي شاهراهه تي ئي ٿئي ها.
ماضي ۾ هارين جي حقن جو پهريون شهيد شاهه عنايت ئي آهي. جنهن جيڪو کيڙي سو کائي جو نعرو هڻي جام شهادت نوش ڪيو هو. هن سان گڏ شهيد ٿيندڙ 25 هزار هارين جون قبرون اڄ به جهوڪ شريف ۾ موجود آهن. ماضي ۾ هاري اڳواڻ هارپي جي حساب “اڌ بٽئي ” جو حصو ڏيارڻ لاءِ سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ترسيل هوندا هئا. هن “اڌ بٽئي” تحريڪ لا ڪيترن ئي هارين قرباني ڏئي شهادت ماڻي. هارين جي جدوجهد لا ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڪليڪٽر واري نوڪري تان به استعيفي ڏئي ڇڏي هئي. پاڪستان جي وجود اچڻ واري سال ۾ ئي عظيم هارياڻي اڳواڻ مائي مختاور لاشاري شهيد ٿي هئي. ٽالهي شهر ۾ مائي بختاور شهيد جو واقعو ٿيو هو. هارياڻي مائي بختاور لاشاري به پنهنجي ڪڻڪ جي کري تي اناج جي ڍڳ تي ويهي رهي ۽ چيائين ته اپت جو اڌ ڪري ڏيو ٻي صورت ۾ ڪڻڪ جي کري کي ڪير به هٿ نه لائيندو. ان وقت سفاڪ ظالم زميندار زبردستي ڪڻڪ کڻڻ تي ڏمرجي مائي بختاور تي بندوق جا سڌا فائر ڪري ڪڻڪ جي کري تي شهيد ڪري ڇڏيو هو. مائي بختاور جي شهادت جي خبر پوري سنڌ ۾ باهه وانگر ڦهلجي وئي هئي. ان وقت هارياڻي مائي بختاور لاشاري جي قتل جو ڪيس 13 ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو. مائي بختاور جو ڪيس ان دور جي نامياري قانوندان وڪيل عورت بينارام وڙهي جوابدارن کي سزائون ڏياريون هيون. شهيد بيظير ڀٽو به مائي بختاور جي جدوجهد کان متاثر ٿي پنهنجي ڌي جو نالو بختاور رکيو هو. اڌ بٽئي جي تحريڪ جو ٻيو سگهارو دور اسان چمبڙ جي تحريڪ ۾ ڏٺوسين. ايوبي آمريت جي دور ۾ هي چمبڙ تحريڪ پوري دنيا ۾ مشهور ٿي وئي آهي. جنهن ۾ تاريخ ۾ پهريون دفعو هتي رياست جي اندر رياست قائم ڪري مشهور هاري اڳواڻ ڪامريڊ احمد لغاري هاري عدالتون لڳائي فيصلا ٻڌائيندو هو. جنهن ۾ زميندار ڪورٽن ۾ پهچي هارين کي حساب ادا ڪندا هئا. اهڙين هاري ڪورٽن ان وقت جي وڏن جاگيردارن جون ننڍون حرام ڪري ڇڏيون هيون، وڏا توڙي ننڍا جاگيردار هارين تي اغوا، ڌاڙن جا ڪوڙا ڪيس به داخل ڪرائي پنهنجي اندر جي باهه ڪڍندا هئا. اڄ ان چمبڙ تحريڪ جا املهه ڪردار فوت ٿي چڪا آهن. جن جا اکين جي نور ۽ ٻڌڻ جي سگهه کان محروم هوندي به انقلابي ۽ ويڙهه جا جذبا ماضي کان به وڌيڪ سگهارا هوندا هئا. هن برصغير ۾ هڪ جاگيرداري دور جي موجودگي جي ڪري اسان کي هارين جي جدوجهد جون وڏيون تحريڪون ملن ٿيون، ملڪ جي وجود ۾ اچڻ کانپو به هارين کي وڏي پئماني تي منظم ڪيو ويو. ايتري قدر هارين کي پڙهيل هاري اڳواڻ پرائمري تائين تعليم ڏئي زميندار کان اڌ بٽئي سميت ٻيا حساب وٺًڻ جو ٻڌائيندا هئا. لاڙڪاڻي ۾ عبدالقادر کوکر هاري اڳواڻ جي زندگي تي پير علي محمد راشدي به سٺو لکيو آهي. اهي هاري اڳواڻ جاگيردارن اڳيان وڏي مزاحمت ڪري بيهي رهندا هئا، سندن سماج ۾ ايتريون ته پاڙون مضبوط هونديون هيون جو ڪير جرئت نه ڪري سگهندو هو ته ائين اجتماعي قتل ڪيا وڃن، ان جو نتيجو اهو نڪرندو هو، جو زميندار هارين کي حق ڏيڻ به شروع ڪندا هئا.