ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ جي گيس تي لڳندڙ ڌاڙو

Editorial

پاڪستان جي وفاقي حڪومت جا ڏند هاٿي وانگر آهن، جيڪي ڏيکارڻ جا هڪڙا ته کائڻ جا ٻيا آهن. وفاق هڪ پاسي ته صوبن جي حقن جي ڳالهه ڪندو آهي، ٻئي پاسي اهو پاڻ ئي صوبن جي حق تي ڌاڙو هڻندو رهندو آهي، جنهن جي ڪري صوبن ۾ نه رڳو احساس محرومي وڌندو پيو وڃي بلڪه گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان وفاق جي ارهه زورائي پڻ جاري آهي. جنهن جي ڪري صوبن ۽ خاص ڪري سنڌ کي گهڻيون ئي شڪايتون آهن. پر هن وقت تائين نه رڳو وفاق سنڌ کي ان جا جائز حق ڏيڻ کان انڪار ڪندو پيو اچي بلڪه وڏي وقت کان اهو سلسلو جاري رکندو پيو اچي. ملڪ ۾ جيڪي به قدرتي وسيلا يا معدنيات نڪري ٿي ان تي پهريون حق ان علائقي ۽ صوبي جو هوندو آهي، جتان اهي نڪرندا آهن. اها ڪا ٺلهي ڳالهه ناهي بلڪه آئين ۾ لکيل آهي ۽ جيڪڏهن وفاق ڪنهن به صوبي جي قدرتي وسيلن تي ڌاڙو هڻي ٿو ته اهو آئين جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو. سنڌ مان نڪرندڙ گيس تي پهريون حق سنڌ جي ماڻهن جو آهي پر وفاق ان گيس جي فراهمي سنڌ کي بنهه گهٽ ڪري رهيو آهي. ان کانسواءِ گيس جي لوڊشيڊنگ ۾ سنڌ ۾ جاري آهي. ان حوالي سان هاءِ ڪورٽ ۾ شنوائي ڪئي وئي آهي، جنهن تي عدالت جيڪي ريمارڪس ڏنا آهن، اهي وزنائتا آهن.
سوئي سدرن گيس ڪمپني (ايس ايس جي سي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر (ايم ڊي) ڪراچي ۾ گرمين ۾ به گيس جي گهٽتائي برقرار رهڻ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ صوبي کي گيس جي گهٽ فراهمي بابت ڪيس جي شنوائي ٿي. ايم ڊي سوئي سدرن گيس ڪمپني عدالت کي ٻڌايو ته وفاقي سيڪريٽري جي حڪم تي سنڌ کي 15 سيڪڙو گهٽ گيس فراهم ڪئي پئي وڃي. ايم ڊي سوئي سدرن گيس ڪمپني چيو ته وفاقي سيڪريٽري جي هدايت تي سنڌ کي گيس جي فراهمي گهٽ ڪري ٻين صوبن کي فراهم ڪئي پئي وڃي. جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڪنهن سيڪريٽريءَ جي آئين جي ڀڃڪڙي جي همت ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ جسٽس ڪريم خان آغا ريمارڪس ڏيندي چيو ته آئين جي آرٽيڪل 158 تحت پيداواري علائقن جو قدرتي وسيلن تي پهريون حق آهي. ايم ڊي ايس ايس جي سي چيو ته آرٽيڪل 158 تحت سنڌ ۽ شهري علائقن کي گيس جي فراهمي لاءِ خط لکيا آهن، جڏهن ته وفاقي سيڪريٽري انرجي سميت ڪنهن انهن خطن تي ڌيان ناهي ڏنو. ڪراچي ۾ هن وقت 178 ايم ايم سي ايف ڊي گيس جي ضرورت آهي. جيڪڏهن گيس جي فراهمي جي موجوده صورتحال برقرار رهي ته گرمين ۾ به بحران برقرار رهندو. عدالت وفاقي سيڪريٽري توانائي کي ٻن هفتن ۾ صورتحال جي وضاحت لاءِ طلب ڪري ورتو. عدالت وفاق طرفان ٻهراڙين کي گيس جي فراهمي لاءِ پائيپ لائين وڇائڻ لاءِ فنڊز فراهم نه ڪرڻ تي ناڻي سيڪريٽري کي به طلب ڪري ورتو.
ملڪ ۾ توانائي بحران ته وڏي وقت کان هلندڙ آهي پر هيستائين وفاقي حڪومت ان کي حل نه ڪري سگهي آهي. جڏهن ته قدرتي وسيلن جي ورڇ ڪيئن ٿيڻي آهي، اهو آئين ۾ موجود ارڙهين ترميم ۾ لکيو پيو آهي. پر ڇا وفاق ان تي عمل ڪري رهيو آهي. جڏهن ته اهو ارڙهين ترميم تي عمل ڪرڻ جو پابند آهي. هڪ پاسي ته وفاقي وزير اهو پڻ چوندا رهيا آهن ته سنڌ جي گيس ڪنهن ڪم جي ناهي ۽ ٻئي پاسي وري اهي سنڌ جي گيس کي پنجاب توڙي ٻين صوبن ۾ استعمال پڻ ڪندا رهيا آهن. ان ڪري ان ٻٽي معيار کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. وفاق جڏهن سنڌ کي ضرورت کان گهٽ گيس ڏئي رهيو آهي ته ان جو مطلب اهو آهي ته اهو آئين جي ڀڃڪڙي ڪري پنهنجي مرضيءَ جو فيصلو مڙهي رهيو آهي. تنهنڪري اهڙي فيصلي جي نه رڳو مذمت ڪرڻ گهرجي ته وفاق کي ڪنهن به ريت اهو حق نٿو پهچي ته اهو سنڌ جي گيس جو وڏو حصو سنڌ جي اجازت کانسواءِ پنهنجي مرضيءَ سان استعمال ڪندو رهي.
اسين سمجهون ٿا ته هي هڪ اهم معاملو آهي ۽ ان معاملي تي ڪورٽ جيڪڏهن پڇاڻو ڪري رهي آهي ته اهو هڪ بهتر فيصلو آهي. سنڌ مان نڪرندڙ قدرتي وسيلن کي پهرين سنڌ ۾ استعمال ڪيو وڃي. ان کان پوءِ وفاق جو حق آهي. اڄ به سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا علائقا آهن، جتان گيس ته نڪري ٿي پر اتان جي ماڻهن کي گيس جي سهولت ناهي مليل ۽ اهي ڪاٺيون ٻاري گذارو ڪري رهيا آهن. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جي گيس تي ڌاڙو هڻڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ڪڏهن به ٻين جي قدرتي وسيلن جو استعمال ناهي ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button