قاضي احمد ۾ هارين جو قتل عام تمام گهڻو افسوسناڪ هو پر ان تي سنڌ جو هڪ مٺ ٿي بيهڻ وارو عمل تمام گهڻو اتساهيندڙ آهي. سنڌ ۾ ڪڏهن ماڻهو قومپرستن ۽ ترقي پسندن کي منٿون ميڙيون ڪندا هئا ته هو پاڻ ۾ گڏجي جدوجهد ڪن پر ان وقت ۾ اهو ڪم ممڪن نه هو. جڏهن ته هاڻي بنا ڪنهن اپيل جي قومپرست ۽ ترقي پسند ڌريون پاڻ ۾ گڏجي جدوجهد ڪن ٿيون ۽ انهن جا بهتر نتيجا به نڪرن ٿا. اها تبديلي ڇو آئي آهي؟ ان سوال تي الڳ سوچڻ جي ضرورت آهي. هن مهل اهم ڳالهه اها آهي ته سنڌ جي مظلوم ماڻهن جي لاءِ سياسي قوتون گڏيون ۽ انهن کي اتحاد جو ڦل به مليو.
قاضي احمد ۾ جيڪو ڪجهه به ٿيو اهو تمام گهڻو ڏکوئيندڙ هيو. جڏهن ته اسان سميت پوري سنڌ کي معلوم آهي ته هي اهي ماڻهو هئا، جن جنرل ضياءَ جي دور ۾ جمهوريت جي لاءِ تمام وڏيون قربانيون ڏنيون هيون ۽ هن مهل به جيڪڏهن ملڪ ۾ انڌي منڊي جمهوريت آهي ۽ سنڌ ۾ ان جمهوريت جو فائدو پيپلز پارٽيءَ کي حاصل آهي ته ان ڪم ۾ قاضي احمد جي مسڪين هاري عوام جي قربانين جو به وڏو عمل دخل هو. جيڪڏهن قاضي احمد جا ماڻهو ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ جانين جون قربانيون ڏيڻ جي لاءِ به تيار نه هجن ها ته اڄ اسان کي اهڙي تهڙي جمهوريت به نصيب نه ٿئي ها پر ڇا اهو عمل تمام گهڻي افسوس جهڙو ناهي ته جن ماڻهن جي قربانين سان ملڪ ۾ جمهوريت بحال ٿي ۽ سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ کي هن مهل تائين اقتدار ملندو رهيو آهي، پيپلز پارٽيءَ جي موجوده قيادت وري ظلم به انهن ماڻهن جي مٿان پئي ڪري. اهو ته بلڪل ائين ٿيو، جيئن اردوءَ جو هي شعر آهي ته:
”جب چمن ڪو لهو ڪي ضرورت پڙي
سب سي پهلي هي گردن هماري ڪٽي
هم سي ڪهتي هين اب يه اهل چمن
يه چمن هي همارا تمهارا نهين“
پيپلز پارٽيءَ جو اقتداري چمن ڀلي زرداري خاندان وٽ هجي پر گهٽ ۾ گهٽ جمهوريت جي ديوانن ۽ پروانن جي مٿان پيپلز پارٽيءَ جي دور اقتدار ۾ گوليون ته نه هلن ۽ اهي گوليون به ان صورت ۾ نه هلن جو گوليون هلائڻ وارن هٿن کي پيپلز پارٽيءَ جي موجوده قيادت جي حمايت حاصل هجي ۽ ڪجهه ذريعن جي اها دعويٰ هجي ته اصل ۾ ملڪيت جو معاملو ڪجهه اهڙو آهي، جنهن جو ذڪر به نه ڪجي ته سنڌ جي ماڻهن کي بنا ٻڌائڻ جي معلوم آهي ته اها اصل ۾ ڪنهن جي لالچ آهي، جنهن جي ڪري هيڏو سارو ڪهرام متو آهي ۽ هيڏو سارو لهو وهيو آهي.
ڀنڊ برادريءَ جي ماڻهن جي مٿان جيڪا قيامت ڪڙڪي آهي، ان جو بنيادي سبب اهو آهي ته هن مهل تائين سنڌ ۾ قانون جي حڪمراني پيدا ٿي نه سگهي آهي ۽ هن مهل تائين مجرم صفت ماڻهوسمجهن ٿا ته هو ڪجهه به ڪري بچي ويندا ۽ قانون انهن کي ڪجهه نه ڪري سگهندو. جيڪڏهن سنڌ ۾ قانون جي حڪمراني هجي ها ته ڇهه انسان اجل جو شڪار نه ٿين ها ۽ نه 18 ٻار يتيم ٿي وڃن ها. اهو تمام وڏو سانحو آهي ۽ ان واقعي جي پسمنظر ۾ اسان کي سڀاڻي جي امڪاني نقصانن جو تدارڪ به سوچڻ گهرجي. ڇو ته جيستائين اسان پنهنجي معاشري جا جهول نه جاچينداسين ۽ انهن کي دور ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪنداسين، تيستائين بار بار اهي معاملا اسان جي مقدر جو حصو ٿيندا رهندا. سنڌ ۾ جيڪو ڪجهه غيرقانوني ٿي رهيو آهي، اها انساني حقن جي لتاڙ هجي يا اها سڌي سنئين قانون جي لتاڙ هجي پر اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو آهي جو سنڌ ۾ هاڻي اها ڳالهه عام ٿي وئي آهي ته جنهن جي هٿ ۾ اقتدار جي طاقت آهي، اهو ڪجهه به ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن جي هٿ ۾ حڪومت آهي ته ان جو گناهه به ثواب آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن جي هٿ ۾ حڪومت ناهي ته ان جو ثواب به گناهه سمجهي سگهجي ٿو. ان حساب سان اسان کي معاملن جي نئين سر پروڙ حاصل ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿي رهي آهي.
قاضي احمد واري واقعي جي سلسلي ۾ گهڻيون ڳالهيون ذهن کي سوچڻ جي دعوت ڏئي رهيون آهن ۽ انهن ڳالهين ۾ هڪ بنيادي ڳالهه اها به آهي ته هن مهل طاقت کي ڪا به پرواهه ناهي ته ان جي عمل سبب ان جي عزت مٿان ڪهڙو حرف ايندو؟ جڏهن اقتداري ڌرين کي عزت جي نه پر صرف مفادن جي پرواهه هجي ته پوءِ معاملو تمام گهڻو سنگين ٿي پوي ٿو. ان کان سواءِ اسان جي آڏو اها ڳالهه به آئي آهي ته اقتداري طاقت به اهو نه ٿي ڏسي ته ڪير حق تي آهي ۽ ڪير ناحق تي آهي، اها به پنهنجن مفادن کي ڏسي حق ۽ ناحق جو فيصلو ڪري ٿي. قاضي احمد واري واقعي ۾ جهڙي ريت سنڌ حڪومت هڪ ڌر ٿي بيٺي ۽ اها مظلومن جو پاسو کڻڻ بدران ظالمن جو پاسو کڻڻ ۾ ڪو به عار محسوس ڪندو نظر نه آئي ته ان سان به معاشري ۾ خطرن جون گهنٽيون لازمي وڄن ٿيون. هڪ حڪومت ۽ اها به جمهوري هجڻ جي هام هڻندڙ حڪومت کي جيڪڏهن مظلومن بدران ظالمن جو ساٿ ٿيڻ ٿي ڪابه لڄ محسوس نه ٿي ٿئي ته اهو سنڌ جي سماج جي لاءِ سخت پريشانيءَ وارو معاملو آهي ۽ ان معاملي کان بچڻ جي لاءِ نه صرف سياسي ۽ سماجي ڌرين کي پر سنڌ جي عام سمجهدار ماڻهن کي به پنهنجي طرفان ڀرپور قسم جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ڇو ته اهو هڪ اصولي قسم جو قدم آهي ۽ ان سان معاشري مٿان مثبت اثر پوندو. اسان معاشري کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهيون ۽ انسان پنهنجي ارتقا جي مرحلن ۾ جيڪو ڪجهه به حاصل ڪيو آهي، ان ۾ معاشري جو قيام تمام اهم ۽ وڏو عمل آهي. جيستائين اسان معاشري جي تحفظ لاءِ ڪوئي ٺوس ۽ عملي قدم نه ٿا کڻون ته اسان جا باقي عمل ان غيرقانوني ٻوڏ ۾ لڙهي ويندا.
قاضي احمد جو واقعو ان حوالي سان به افسوس لائق آهي ته هن دور ۾ به ماڻهو ڏاڍ جي بازار گرم ڪرڻ کان باز نه ٿا اچن. جڏهن ته هٿ هٿ ۾ ثبوت مهيا ڪندڙ موبائل فون آهي ۽ ماڻهن جي اکين آڏو اهو ڪجهه ٿي رهيو آهي، جنهن جو اڳ ۾ تصور ڪرڻ به محال هو. سنڌ ۾ اهو عمل ماضيءَ ۾ ته عام جام هو پر ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ هن مهل سنڌ ڪٿي بيٺل آهي؟ ۽ نه رڳو سنڌ پر انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ سبب شين ۾ ڪيتري نه تبديلي آئي ۽ ان تبديليءَ معاشري جي مٿان ڪيترا نه مثبت اثر وڌا آهن ۽ انهن اثرن کان دنيا جو ڪو به معاشرو محروم ناهي. ان صورت ۾ دنيا جي ان جديد دور ۾ به جڏهن قديم قسم جون وحشتون ماڻهن جي مٿان ڪڙڪي پون ٿيون ۽ ماڻهو بنهه مجبور ٿي وڃن ٿا ته ان مهل قانون ۽ انصاف جو فرض بڻجي ٿو ته هو بنهه اڻ ڌريو بڻجي وڃي ۽ انهن جو ساٿ ڏئي، جيڪي ماڻهو مظلوم آهن. جيستائين قانون ۽ انصاف مظلومن جو ساٿ نه ڏيندو، تيستائين اهو قانون ۽ انصاف چورائڻ جي لائق به نه هوندو. قانون ۽ انصاف جي پهرين ۽ بنيادي شرط اها ئي آهي ته هو مظلوم جي پاسي هجي ۽ ظالم سان مهاڏو اٽڪائي ۽ ان تي ڪو به سمجهوتو نه ڪري. ان سان ئي معاشري ۾ هڪ بهتر پيغام وڃي ٿو ۽ ان سان ماڻهن ۾ قانون ۽ انصاف جي لاءِ عزت واري سوچ پيدا ٿئي ٿي ۽ ماڻهو قانون توڙي انصاف تي هلڻ جي لاءِ ذهني طور تي تيار ٿين ٿا.
قاضي احمد ۾ مسڪين هارين سان جيڪو ڪجهه به ٿيو اهو پنهنجي حساب سان تمام اذيت وارو عمل هو پر ان عمل جي سلسلي ۾ اسان کي هڪ ڳالهه شدت سان اها محسوس ٿي ته جيڪڏهن ڪنهن به ڪارڻ جي ڪري ڪجهه ماڻهن سان بي انصافي ٿئي ٿي ۽ اها به پنجن لاشن جي صورت ۾ تمام گهڻي ڀيانڪ قسم جي بيحيائي ٿئي ٿي ته پوءِ ان بعد به حڪومت جو رويو ڪهڙو بيهي ٿو؟ جيڪڏهن حڪومت واقعو ٿيڻ کان پوءِ به مظلومن جو ساٿ ڏئي ها ۽ ظالم ڏوهارين لاءِ ڏهڪاءَ جهڙي صورتحال پيدا ٿئي ها ۽ انهن تي سنڌ جي زمين تنگ ٿي وڃي ها ته ان سان ماڻهن ۾ پنهنجي نظام جي لاءِ هڪ طرح جي عزت پيدا ٿئي ها ۽ اها عزت ماڻهن ۾ اعتماد پيدا ڪري ها ته هو ڪنهن به طرح سان لاوارث ناهن. پر قاضي احمد ۾ ايتري گهڻي ظلم جي باوجود به جڏهن قانون اسان کي ان حوالي سان بيوس نظر آيو ۽ اهو مظلوم ڌر جو ساٿ ڏيڻ بدران ظالم جو ساٿاري بڻيو ڏسڻ ۾ آيو ته ان سان معاشري ۾ مايوسيءَ جو پيدا ٿيڻ به ته هڪ فطري عمل آهي.
قاضي احمد ۾ جن ماڻهن جا ڪونڌر ڪٺا ويا ۽ جن ماڻهن سان تاريخي ناانصافي ڪئي وئي، انهن ماڻهن ٽن ڏينهن تائين سنڌ جي سمورين غيرسرڪاري پارٽين سان گڏجي سرد راتين ۾ بي ڪفن لاشن سان گڏجي ڌرڻو هنيو ۽ ٽن ڏينهن تائين پوري ملڪ جي ميڊيا وڄندي رهي پوءِ وڃي انهن ماڻهن کي نالي ماتر انصاف مليو ته ان قسم جو عمل ڇا ثابت ڪري رهيو آهي؟ ڇا ان عمل سان اهو ثابت نه ٿو ٿئي ته هن معاشري ۾ ڪنهن به انسان يا ڪنهن به خاندان جو ڪنهن ظلم جو نشانو بڻجڻ ته تمام آسان آهي پر هن کي قانون جهڙو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪيتري نه ڪٺن ڪوشش ڪرڻي ٿي پوي. جڏهن ته اهو معاملو ڪنهن به طرح سان اهڙو نه هو جو ان معاملي کي گهڻو اينگهايو وڃي ها ۽ ان معاملي تي ڪي مذڪرات ٿين ها. قانون جي ڪتابن ۾ سڀ ڪجهه لکيل آهي. جنهن سان به ظلم ٿئي ٿو، ان کي انصاف ملڻ جو رستو صاف طور تي لکيل آهي پر ان جي باوجود به انصاف جون تقاضائون پوريون نه ٿيون ٿين ۽ هڪ ته ماڻهن سان ظلم ٿئي ٿو ۽ ٻيو ته انهن کي انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻهن جا ميڙ ميڙي ۽ لاشن سميت ڌرڻا هڻڻا پون ٿا. هن معاشري ۾ مظلومن لاءِ انصاف حاصل ڪرڻ ڪيترو نه ڪٺن آهي!!!؟؟؟