ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مياڻي جي جنگ: سنڌ جو وسريل باب-I

Editorial-Article-Aijaz Chalgri

17 فيبروريءَ کي سنڌ جي تاريخ جي ڪاري ڏينهن طور ياد ڪيو ويندو آھي. ڇاڪاڻ ته 17 فيبروريءَ 1843ع جمعي جي ڏينهن سنڌ جي طويل غلامي شروع ٿئي ٿي. ان ڏينهن تي دشمنِ سان هڪ ئي چڪري ۾ ٻن ڪلاڪن اندر سنڌ جي ويهارو کن سردارن ۽ هزارين عام سنڌي باشندن سپاهين هندن توڙي مسلمانن پنهنجي آزاديءَ جي مقدس حق ۽ پنهنجي وطن جي حفاظت لاءِ وڙهندي جام شهادت پيتو هو.
17 فيبروريءَ 1843 تي انگريز سامراج سنڌ جي مقدس ڌرتيءَ کي پنهنجا وحشي چنبا کوڙي پنهنجي قبضي ۾ ڪري ڇڏيو هو. انگريز سامراج جي اها پاليسيءَ هوندي هئي ته هو ڪنهن به ملڪ يا خطي تي قبضي ڪرڻ کان پهرين آسپاس جي تمام ملڪن ۽ خطن سان دوستاڻا معاهده ڪندو ھو، ۽ پو جنهن ملڪ تي کيس قابض ٿيڻو هوندو هو ته اُن ملڪ سان واپار سانگي معاهده ڪندو هو، ۽ ان ملڪ جي سرزمين ۾ داخل ٿي پنهنجا پير ڄمائي انهيءَ رياست جا بنياد اکيڙي ڇڏيندو هو، جيئن برصغير ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني قائم ڪرڻ واسطي داخل ٿيڻ ۽ بعد ۾ برصغير تي قبضو ڪري کيس فتح ڪرڻ. جڏهن انگريز سموري هندستان تي قابض ٿي چڪو هو، تڏهن انگريز سامراج سنڌ تي قبضي ڪرڻ جا سانباھا شروع ڪري ڇڏيا هئا.
انگريز جي سنڌ ۾ پهرين آمد 1635 ۾ مغل دؤر ۾ ٿي. مغل دؤر ۾ ٺٽو سنڌ جو ڪاروباري مرڪز هو، جتان لهري بندرگاهه تان سنڌ جي برآمد وچ اوڀر ۽ گجرات تائين ٿيندي هئي. انگريزن مغل بادشاهه جهانگير جي درٻار ۾ اپيل پيش ڪئي ته هُو سنڌ ۾ ڪاروبار ڪرڻ چاهين ٿا کين اجازت ڏني وڃي، پر اُن وقت هِندي سمنڊ تي پُورچو گالِين (پورچوگيز) جي هڪ هٽي قائم هئڻ سبب پورچوگيزن اها ڌمڪي ڏني ته انگريزن کي سنڌ ۾ ڪاروبار ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي ته اسان لهري بندرگاهه تباهه ڪري ڇڏينداسين، بهرحال انگريز ۽ پورچوگالين ۾ معاهده طئي ٿيا، ۽ ائين انگريزن 1635ع ۾ ٺٽي ۾ هڪ ڪارخاني جو بنياد وڌو، جيڪو 1662ع ۾ بند ٿي ويو، مغل دؤر کان بعد جڏهن ڪلهوڙن جو دؤر آيو ته ميان غلام شاهه ڪلهوڙي 1758ع ۾ ٻيهر انگريزن کي سنڌ ۾ ڪاروبار ڪرڻ جي دعوت ڏني ته هُو سنڌ ۾ ٻئي ڪارخاني جو قيام ڪن، ۽ اهو ڪارخانو به سنڌ ۾ 1775ع تائين هلي سگهيو.
سن 1782ع ۾ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن وچ ۾ هالاڻي واري ميدان تي جنگ لڳي، مير فتح علي خان جي اڳواڻي ۾ ٽالپرن جي ڇهه هزار فوج ڪلهوڙن جي ٽيھه ھزار فوج کي شڪست ڏيئي ڪلهوڙن جي اقتدار جو خاتمو ڪيو ۽ مير فتح علي خان کي رئيس مقرر ڪيو ويو. مڪمل اقتدار حاصل ڪرڻ کان بعد، ميرن حاصل ڪيل اقتدار کي رواجي ملڪيت سمجهي سنڌ کي ٽڪرن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو ۽ حڪومتي انتظام جداگانه هلائڻ لڳا. هاڻ انگريز ٽالپرن سان معاهده ڪرڻ لڳو. 1807ع ۾ انگريزي وفد ٽالپرن سان دائمي دوستي جو معاهدو ڪيو، جنهن مطابق انگريزن جو نمائندو مستقل طور سنڌ ۾ مقرر رهندو. 1820ع ۾ انگريزن ۽ ٽالپرن وچ ۾ ھڪ ٻيو معاهدو طئي ڪيو ويو ته ٻين ڌارين قومن کي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي ۽ سنڌ ۾ ڌارين جي ڪاروبار ڪرڻ تي پڻ بندش لاڳو ڪئي وڃي. 1832ع ۾ ڪرنل پاٽنجر ٽالپرن سان هڪ ٻيو معاهدو ڪيو ته انگريزي فوج ۽ فوجي اسباب سنڌ ۾ آڻڻ تي ڀلي بندش ھجي، پر واپار سانگي کين سنڌ ۾ اچڻ جي ميرن پاران عام اجازت مليل هجي. ساڳئي وقت خيرپور وارن ميرن سان انگريزن ڌار معاهده ڪيا، جنهن موجب واپار واسطي خيرپور جي حدن، رستن ۽ سنڌو درياءُ کي پنهنجي ڪاروباري سرگرمين جي استعمال لاءِ عام اجازت مليل هجي.
سن 1837ع ۾ سنڌ جي اتر سرحد تي آباد مزارين ۽ سکن وچ ۾ جهڙپ ٿي پئي، جنهن ڪري رنجيت سنگھه سنڌ تي ڪاھه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. انهيءَ تضاد مان فائدي وٺڻ لاءِ انگريزن ميرن کي لکيو ته رنجيت سنگھه ۽ ٽالپرن جي وچ ۾ هلندڙ تڪرار کي نبيرڻ جي ذميواري کين سونپي وڃي ۽ انگريز ريزيڊنٽ کي مستقل طور حيدرآباد ۾ رکڻ جو انگريز کي اختيار ڏنو وڃي. مير ٽالپر اڳ ئي سنڌ کي ٽڪرن ۾ تقسيم ڪري چڪا هئا، تنهن ڪري ٽالپرن ان وقت رنجيت سنگھه سان مقابلي ڪرڻ جي ڪا به وڏي مستحڪم تياري ڪرڻ بجاءِ انگريزن کي وڌيڪ رعايتون ڏيئي رنجيت سنگهھ جي حملي کان بچڻ لاءِ انگريز کان مدد وٺڻ جو رستو پسند ڪيو ۽ 1838ع ۾ رنجيت سنگھه ۽ ٽالپرن جي وچ ۾ هلندڙ تڪرار کي نبيرڻ ۽ حيدرآباد ۾ مستقل طور ريزيڊنٽ رکڻ جو انگريز کي اختيار ڏنو ويو. ائين ئي مختلف وقتن تي انگريز ٽالپرن سان ڪاروباري توڙي دوستاڻا معاهده قائم ڪري مڪمل سنڌ ۾ داخل ٿي چڪا هئا. سنڌ ۾ ڪاروباري سرگرمين سان گڏوگڏ انگريز سنڌوءَ درياءُ ۽ آسپاس جي علائقن جو سروي به ڪندا رهيا. انگريزن کي سنڌ پنهنجي سلطنت ٺاهڻ جي ضرورت ان وقت پئي، جڏهن زار روس وچ ايشيا ۾ پنهنجو اثر وڌائي رهيو هو، ۽ هاڻ انگريز کي پنهنجي فتح ڪيل هندستان جي سرحدن جي سلامتي جو فڪر ٿيڻ لڳو ۽ روس کان کيس خطرو محسوس ٿيو ۽ ٻيو ته سنڌ زرخيز علائقو هو جنهن ۾ انگريز پنهنجو اثر وڌائڻ ٿي چاهيو. انهيءَ خطري کي روڪڻ لاءِ انگريز افغانستان جي امير دوست محمد بار ڪزائي ڏانهن سفارت موڪلي، ته وڃي ساڻس دوستي جو معاهدو ڪري اچي، افغانستان جي امير دوست محمد انگريز سفارت اڳيان اها خواهش ڏيکاري ته انگريز کيس پشاور ضلعو واپس ڪرائڻ ۾ سندس مدد ڪندو، جيڪو ان وقت راجا رنجيت سنگھه جي قبضي هيٺ ھو، اها ڳالهھ انگريز قبولڻ کان انڪار ڪيو، ڇاڪاڻ ته ان وقت انگريز راجا رنجيت سنگھه سان اٽڪاءُ کائڻ نه پئي چاهيو. نتيجي ۾ افغانستان جي امير دوست محمد روس جي ويجهو ٿيو. هاڻ انگريز کي وڌيڪ خطرو محسوس ٿيڻ لڳو، انگريز راجا رنجيت ۽ شاهه شجاع کي پاڻ سان هم ساز ڪري ڪابل تي ڪاھه ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو. 1838ع ۾ انگريزن اڳ ڪيل سمورن معاهدن جي ڀڃڪڙي ڪندي افغانستان تي چڙھائي لاءِ پنهنجي بمبئي واري اعليٰ هٿيارن سان مسلح پنجاھه هزار جي لڳ ڀڳ فوج کي سر جان ڪين جي ڪمان هيٺ اچي سنڌونديءَ جي ڇوڙ وٽ سرزمين سنڌ ۾ داخل ڪيو ۽ ميرن ڏانهن هدايتون جاري ڪيون ويون ته انگريزي فوج لاءِ ٻيڙين ۽ رسد جي ٻئي سامان جو بندوبست ڪيو وڃي. سنڌ ۾ انگريزي فوج داخل ڪرڻ کان بعد ان کي قانوني صورت وٺائڻ ۽ اڳتي هلي سنڌ کي مڪمل قبضي هيٺ آڻڻ لاءِ ميرن سان نئين عهدنامي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. 20 جنوري 1839ع ۾ ڪئپٽن ايسٽ وڪ ۽ ميجر جيمس آئوٽرام کي نئين معاهدي جي مسودي سان حيدرآباد موڪليو ويو، ته وڃي ٽالپرن سان ڳالهيون ڪن، ميرن جي هڪ عزيز پاران انگريزي وفد جو استقبال ڪيو ويو ۽ کين ٻين ميرن سان درٻار ۾ ملايو ويو. رسمي خير عافيت بعد ڪئپٽن ايسٽ وڪ معاهدي جو مسودو پڙھي ٻڌايو، هن معاهدي جا ٽيويھه فقرا هئا، اول صلح ۽ دوستي جي دستوري اعلانن کان بعد ٺٽي ۾ انگريز فوج جي مستقل رهائش ۽ خرچ ميرن کان طلب ڪيو ويو، سنڌ جي سرحدن جي حفاظت جي ذميواري انگريزن پاڻ تي کنئي ۽ سنڌ ۾ انگريز ۽ ٽالپر ملي حڪومتي نظام هلائڻ چاهين پيا. مسودي جي خاتمي بعد ميرن انگريزي وفد کي جواب ۾ چيو ته اسان ملڪ جا واحد وارث ناهيون. قوم جا مفاد حڪومت سان وابسته آھن، کين پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪرڻ جو وقت ڏنو وڃي. 23 تاريخ انگريزي وفد کي ميرن پاران جواب اچڻو هو، پر عام سنڌين ۾ گهڻو جوش ھو.
معاهدن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ ۽ نئين معاهدن جي سٽاءَ جوڙڻ لاءِ درٻار ۾ آيل انگريزي وفد کي سنڌ واسي وڏي حقارت سان ڏسڻ لڳا، سنڌين جو خون جوش کائڻ لڳو، سنڌين ڄاتو ٿي ته انگريزن جي سنڌ ۾ اڪثريت سان داخل ٿيڻ سبب سنڌين جو اثر صفا ختم ٿي ويندو، سنڌي ماڻھن جي ناراضگي باوجود به ٽالپرن ذلالت آميز معاهده قبول ڪيا.
1839ع جي معاهدن جي طئي ٿيڻ کانپو حڪمران مير انگريزن جا محتاج بڻجي ويا ۽ مٿن نظرداري رکڻ لاءِ ايجنٽ مقرر ڪيا ويا. انگريز فوجي ماهرن جي وفد برگيڊ ميجر جي اڳواڻي هيٺ حيدرآباد قلعي ۽ ان جي پسگردائي جي علائقن جي جاچ پڙتال ڪري، فيبروري 1839ع تي بمبئي واري فوج اتر ڏانهن ڪوچ ڪري ڪوٽڙي وٽ اچي منزل ڪرائي وئي.
1840ع تائين سنڌ جون حالتون گهڻيون بهتر نه پر ڪجھه سانتيڪيون هيون.
1842ع ۾ انگريزي فوج افغانستان کان شڪست کائي خوار خراب ٿي واپس موٽي، ايلن برو کي نئون وائسراءِ مقرر ڪيو ويو، ايلن برو افغانستان کي شڪست ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ چارلس نيپئر کي سنڌ جو نئون ريزيڊينٽ مقرر ڪري موڪليو ويو.
)هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button