پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ نالي مخالف ڌر جي اتحاد وزيرِ اعظم عمران خان خلاف عدم اعتماد جي رِٿ آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ حڪومت جي اتحادين ۽ مخالف ڌر جي سياسي اڳواڻن وچ ۾ ڪجهه اهم ملاقاتون به ٿيون آهن جن ۾ خاص ڪري ميان شهباز شريف جو گجرات جي چوڌرين وٽ وڃڻ تمام گھڻو اهم سمجهيو وڃي ٿو.
پاڪستان توڙي هندوستاني پارليامينٽ لاءِ عدم اعتماد جي رٿ ڪا نئين ڳالهه ڪانهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هن وقت تائين هندوستان اندر عدم اعتماد جون ڪل 27 رٿون پارليامينٽ ۾ آنديون ويون آهن جن منجهان ڪامياب رڳو ٽي ئي ٿي سگهيون، جن جي نتيجي ۾ وشوناٿ پرتاب سنگهه ۽ اٽل بهاري واجپائي سميت ٽي چونڊيل وزيرِ اعظم گهر ڀيڙا ڪيا ويا آهن. پر پاڪستاني پارليامينٽ جي تاريخ جيتوڻيڪ عجيب غريب مسخرين سان ڀريل آهي پر هتي ڪنهن به وزيرِ اعظم کي عدم اعتماد جي رِٿ آڻي آفيس منجهان نه ڪڍيو ويو آهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته ٻن وزيرِ اعظمن جي خلاف اهڙي رِٿ آندي ته وئي هئي پر اهي مالڪن کي راضي ڪري معاملي کي وقت سر ٺپي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئا. پهرين نومبر 1989ع تي محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي خلاف عدم اعتماد جي رِٿ 12 ووٽن تان ناڪام ٿي هئي ۽ ساڳي نموني 2006ع ۾ وزيرِ اعظم شوڪت عزيز کي عدم اعتماد جي رِٿ ذريعي ٽپڙ ويڙهائڻ واري ڪارروائي به ناڪاميءَ جو منهن ڏٺو. جيڪڏهن تاريخ کي ڏسنداسين ته دنيا جي سڀ کان پهرين بي اعتماديءَ جي رِٿ برطانوي وزيرِ اعظم لارڊ نارٿ جي خلاف 1782ع ۾ آندي وئي هئي. جڏهن ته دنيا جا لڳ ڀڳ 100 کن صدر ۽ وزيرِ اعظم ان رِٿ ذريعي عهدن تان هٽايا ويا آهن. سو، بي اعتماديءَ جي رِٿ نه ته ڪا نئين ڳالهه آهي ۽ نه وري ان جو لازمي نتيجو موجوده حڪمرانن منجهان جان آجي ٿيڻ ئي آهي. مثال طور اندرا گانڌيءَ جي خلاف 15 ڀيرا اهڙي رِٿ آندي وئي هئي پر هوءَ ان هوندي به پنهنجي جاءِ تي برقرار رهي جيستائين کيس گوليون هڻي قتل نه ڪيو ويو. پاڪستان ۾ به جيئن اسين بيان ڪري چڪا آهيون ضروري نه آهي ته عمران خان جي خلاف عدم اعتماد جي رِٿ پيش ٿئي ۽ ڪامياب به ٿي وڃي پر ڪوششون ته جاري آهن.
وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد صاحب اهڙن ماڻهن منجهه ڳڻيو ويندو آهي جنهن کي انتهائي باخبر ۽ لاڏلن ڀائٽين سان گڏوگڏ بااختيار چاچن جي به گھڻو ويجهو بلڪه سندن بنا پيسي وڪيل سمجهيو ويندو آهي. ان فرمايو آهي ته حڪومت ڪيڏانهن به نه پئي وڃي اسٽيبلشمينٽ حڪومت سان گڏ آهي. مخالف ڌر بس پنجاهه ڏينهن اندر وکري ويندي. اهڙو سمجهدار ماڻهو يقينن ڪجهه سوچي سمجهي ئي اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيو هوندو. شيخ صاحب ائين به چوندو رهي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ حڪومت جي پٺڀرائيءَ ۾ آهي ۽ ساڳي وقت اهو به ته اسٽيبلشمينٽ اڻ ڌري آهي. خير، سمجهڻ وارا سمجهي ويندا ته حقيقت ڇا آهي؟ اصل ۾ هن مخالف ڌر کي جواب ڏنو آهي جيڪا اهو سوال ذهن ۾ کڻي جِي رهي آهي ته جڏهن اها فيبروري يا مارچ جي پڇاڙيءَ ۾ حڪومت مخالف مهم شروع ڪندي ته ان وقت اسٽيبلشمينٽ جو ردِعمل ڪهڙو هوندو؟
هن وقت پارليامينٽ جي صورتحال اها آهي ته مخالف ڌر وٽ 162 جڏهن ته حڪومت ۽ سندس اتحادين وٽ 182 ووٽ آهن. جيڪڏهن معاملو واقعي به عدم اعتماد جي تحريڪ ڏانهن وڌي وڃي ٿو ته پوءِ ووٽن جو جيڪو فرق نظر اچي رهيو آهي، اهو ڪو گھڻو ڪونهي. جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ جي شفقت جو هٿ حڪومت جي مٿي تان هٽي وڃي ته پاڻ وارو کلاڙي (زرداري) ته ٺهيو مولانا صاحب ئي حڪومت جو ڪم لاهي سگهي ٿو. پر ماريو ان ڳالهه آهي ته اسٽيبلشمينٽ اڃان اهو چِٽو اشارو نه پئي ڏئي ته اها تحريڪِ انصاف جي حڪومت کي بچائي وجهندي يا نه؟ ڇاڪاڻ ته انهن ويهن ووٽن منجهان رڳو اڌ مخالف ڌر سان اچي ملن جيڪي سولائيءَ سان ملي سگهن ٿا ته حڪومت نه بچي سگهندي.
هن وقت گجرات جي چوڌرين وٽ قومي اسيمبليءَ ۾ پنج ووٽ آهن. ٻه وفاقي وزارتون ۽ پنجاب جي صوبائي اسيمبليءَ جي اسپيڪر جي سيٽ به انهن وٽ آهي. پر سوال اهو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ نواز ليگ پنجاب ۾ ڪنهن ٻئي خاص ڪري انهن چوڌري ڀائرن کي ايڏو وڏو حصو ڏيڻ تي راضي ٿي ويندي، جيڪي خان صاحب جي گناهن ۾ برابر جا شريڪ ۽ نواز ليگ جا ڀڳوڙا آهن؟ ساڳي صورتحال ايم ڪيو ايم لاءِ به آهي جيڪا هن وقت رڳو ٻن ايم اين ايز جي زور تي ايترو بليڪ ميل ڪري رهي آهي. ايندڙ وقت ۾ نواز ليگ ان کي نوازي پنهنجي خاص اتحادي پيپلز پارٽيءَ جي مٿي ۾ سُور وجهندي ڇا؟ جڏهن ته پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان به فرمائي چڪو آهي ته مخالف ڌر جي پارليامينٽيرنس کي عدم اعتماد واري رِٿ جي معاملي تي پاڻ سان ملائڻ جي ڪوشش ته ڀرپور ڪنداسين پر ڪنهن کي به ايندڙ وقت لاءِ پارليامينٽ ۾ سيٽ يا ڪا وزارت وغيره نه آڇينداسين. اسين سمجهون ٿا ته سياست ۾ ميڊيا اڳيان ائين ئي ڳالهائبو آهي پر پردي پٺيان ضرور ٻِي صورتحال هوندي آهي. جيڪڏهن توهان ڪجهه نه ڏيندا ته پوءِ ماڻهن وٽ جيڪي ڪجهه آهي اهو ڇا لاءِ وڃائين؟ خير، گجراتي چوڌرين ۽ ايم ڪيو ايم کان پوءِ باقي وڃي ٿو بچي جهانگير ترين. جنهن وٽ سندس دعوى موجب 20 ايم اين ايز آهن. پر سوال اهو آهي ته ڇا هُو پنهنجا اهي گهوڙا اسٽيبلشمينٽ جي مرضيءَ جي ابتڙ نيلاميءَ ۾ ڪاهي ايندو؟ يقينن نه. ان ڪري عدم اعتماد جي رِٿ جو مقدر حتمي طور تي وري به اسٽيبشلمينٽ ئي طئي ڪندي جيڪا شيخ رشيد احمد چواڻي اڻ ڌري به آهي ۽ حڪومت سان گڏ به آهي.
بنيادي طور تي هڪ رانديگر هئڻ جي ناتي سان عمران خان پنهنجي وزيرن ۾ ڪارڪردگيءَ مطابق ايوارڊ ونڊي اهو اشارو به ڏنو آهي ته راند پوري ٿي چڪي آهي ڇاڪاڻ ته ته ايوارڊ سدائين راند پوري ٿيڻ کان پوءِ ئي ڏنا ويندا آهن. ساڳي نموني ٿورو وقت اڳ سندس اها ڌمڪي به معنى خيز هئي ته جيڪڏهن کيس اقتدار کان محروم ڪيو ويو ته هُو وڌيڪ خطرناڪ ٿي ويندو. ان ڪري ممڪن آهي ته جيڪڏهن محفل مچي ته هُو ايف آءِ اي، نيب يا ڪنهن ٻئي اداري ذريعي مخالف ڌر جي پارليامينٽيرينس کي گرفتار يا اغوا به ڪرائي سگهي ٿو. اهو به ٿي سگهي ٿو ته خان صاحب پنهنجي ٻيڙي ٻڏندي ڏسي پنهنجي پراڻي آقا کي اسٽيبلشمينٽ جو سربراهه مقرر ڪري ڇڏي. ان سان ملڪ جي انتهائي طاقتور اداري جي اندروني معاملن ۾ مداخلت وارو معاملو سامهون ايندو، جيڪو يقينن ڪنهن مصيبت کان گھٽ ڪونه هوندو پر خان صاحب جهڙي ماڻهوءَ کان اهڙي اميد ڪري سگهجي ٿي ته هُو چئي ڏئي: هم تو ڊوبي هين صنم تم ڪو ڀي لي ڊوبينگي. بارود سان کيڏي ويندڙ اها راند جيڪڏهن خان صاحب کي ڦٻي ٿي وڃي ته پوءِ ايندڙ پنج سال به ان جا سمجهو.
ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته موجوده حڪومت پاڪستان جي سياسي تاريخ جي بدترين حڪومت ثابت ٿي آهي. وزيرِ اعظم جي قول ۽ فعل ۾ جيڪو تضاد آهي. هُو پاڻ ۽ سندس پوري ٽيم جهڙي نموني اک جي پڪائيءَ جو اظهار ڪري رهي آهي، ان کان اڳ اک ۽ نڪ جي اهڙي پڪائي ڪنهن جي به نصيب ۾ نه هئي. پنهنجا نوازيءَ جي نڙي ڦاڙي مخالفت ڪرڻ وارو وزيرِ اعظم پنهنجي چوڌاري سڀ پنهنجا مِٽ مائٽ يار دوست ويهاريون ويٺو آهي. ذلفي بخاريءَ کان وٺي رميز راجا تائين پنهنجا نوازيءَ جا انيڪ مثال موجود آهن. فضول خرچيءَ خلاف ڪنن جا پردا ڦاڙي وجهڻ واريون تقريرون ڪندڙ خان صاحب پنهنجي ڪابينا ۾ 18 ته خاص مددگار رکيون ويٺو آهي. ڪرپشن جي خاتمي جا خطبا ڏيڻ وارو امير المومنين سڀ کان وڏو ڪرپٽ ثابت ٿيو آهي. ٻيو ته ٺهيو ڪورونا فنڊ کان به نه مڙيو آهي. پاڪستان 2018ع ۾ سموري دنيا اندر ڪرپشن جي حوالي سان تيار ڪيل ملڪن جي فهرست ۾ 117 هين نمبر تي هو جتان اهو هاڻي 140 هين نمبر تي اچي ويو آهي. يعني خان صاحب جي ڪرپشن مخالف جهادي حڪومت اچڻ کان پوءِ ڪرپشن گھٽجڻ بدران وڌندي رهي آهي. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ست سالن کان فارين فنڊنگ ڪيس جي هلندڙ جانچ جي نتيجي ۾ نيٺ ان حقيقت تائين پهچي وئي آهي ته پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي ڪرپشن جو راڳ ڳائيندڙ تحريڪِ انصاف اصل ۾ پاڻ سڀ کان وڏي ڪرپٽ پارٽي آهي. ٻين کي فرعون ڪوٺڻ وارو پاڻ هر محفل ۽ مجلس ۾ فرعون طور اڳيان اچي رهيو آهي. پر ان سڀ ڪجهه هوندي اهو نه سمجهڻ گھرجي ته عمران خان ۽ سندس حڪومت خلاف عدم اعتماد جي رِٿ اچي رهي آهي ۽ حڪومت جي تڏا ويڙهه پئي ٿئي. ان جي ابتڙ هيءُ اصل ۾ ايڪسٽينشن جي ڏي وٺ جو معاملو آهي. تون مون کي ايڪسٽينشن ڏي ته مان توکي ايڪسٽينشن ڏيان. جيڪڏهن نه ته مون کي ايڪسٽينشن ڏيڻ وارا ٻيا به گھڻا آهن. البت سٺي خبر اها آهي ته خان صاحب ساڳي اداري منجهان ايڪسٽينشن جي حمايت ۽ مخالف جي تڪ تور ڪري رهيو آهي. کيس جيڪو پُڙ ڳرو لڳو، ان پاسي ٿي بيهندو.