ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

حڪمرانن جا عوام سان مذاق

Editorial

حڪمرانن پنهنجي پوڻن چئن سالن جي اقتداري دور ۾ عوام جا اهنج گهٽايا ته ناهن پر وڌايا ضرور آهن، ان باوجود هو اهڙا بيان به ڏيندا رهن ٿا جيڪي عوام سان مذاق جي زمري ۾ اچن ٿا. اهڙو ئي هڪ بيان سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شبلي فراز به ڏنو آهي. جنهن ۾ وفاقي وزير عوام کي گهٽ کان گهٽ پيٽرول استعمال ڪرڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي. شبلي فراز عوام کي مشورو ڏيندي چيو ته “عوام کي جيتري حد تائين ممڪن ٿي سگهي پيٽرول گهٽ کان گهٽ استعمال ڪرڻ گهرجي. پاڪستان پيٽرول ٺاهي ها يا اسان جا پيٽرول جا کوهه هجن ها ته پوءِ ٻي ڳالهه هئي. عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتون 95 ڊالر تائين پهچي ويون آهن، سخت وقت ۾ زندگي نارمل نه ٿي رهي سگهي، حڪومت ڪهڙي ڪهڙي شيءَ ۾ سبسڊي ڏئي؟ اسان جي حڪومت جي اوليت کائڻ پيئڻ جي شين تي سبسڊي ڏيڻ آهي. ڪرونا ۽ مهانگائي عالمي آهي، ان ڪري اسان کي پنهنجو پاڻ کي ان ۾ ايڊجسٽ ڪرڻو پوندو. سائنس واري وزارت جي ڪوشش آهي ته بجلي گهٽ کان گهٽ خرچ ٿئي، بجلي گهٽ خرچ ٿيندي ته آئل جي امپورٽ گهٽ ٿيندي.”
حڪمران ڌر طرفان عوام سان مذاق جهڙا بيان اچڻ هاڻي معمول بڻجي چڪو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ته وزيراعظم ملڪ ۾ ٿوري غربت گهٽجڻ کي پنهنجي سرڪار جو وڏو ڪارنامو قرار ڏنو. جنهن ملڪ ۾ مهانگائي عوام جي چيلهه ڀڃي ڇڏي هجي، اتي غربت ڪيئن گهٽ ته گهٽ ٿي؟ عام ماڻهو ٻن ويلن جي ماني لا پريشان آهي، پر حڪمرانن جي نظر ۾ غربت گهٽجي پئي!! حڪمران عوام سان مذاق جو ڪو به موقعو هٿان وڃائڻ ڪونه ٿا ڏين.!!
ٻئي پاسي پيٽروليم شين جي قيمت ۾ رڪارڊ اضافي کي اپوزيشن پارٽين جي اڳواڻن رد ڪندي مذمت ڪئي آهي. حڪومت 16 فيبروري کان تيل قيمتن ۾ 12 رپيا في لٽر تائين اضافو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن بعد پيٽرول ملڪي تاريخ جي بلند ترين قيمت تائين پهچي ويو آهي، جنهن بعد تقريبن 160 رپيا في لٽر تائين وڪرو ٿي رهيو آهي. ان حوالي سان مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف تيل اسمن جي قيمتن ۾ واڌ کي ظالماڻو قدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پنهنجي بيان ۾ شهباز شريف چيو ته پيٽرول جي قيمت ۾ في ليٽر 12 رپين کان وڌيڪ واڌ، ظالم، ڪوڙي ۽ ڪرپٽ حڪومت جو ظالماڻو قدم آهي. هن چيو ته حڪومت جي وڃڻ تائين مهانگائي جو ظلم ختم نه ٿيندو، عوام کي ظالم حڪومت جي خلاف ٻاهر نڪرڻو پوندو. هن چيو ته حڪومت رڳو تيل اسمن جي قيمت ۾ نه پر ملڪ ۾ غربت مهانگائي ۽ بيروزگاري ۾ اضافو ڪيو آهي، عوام جو اٽو، کنڊ، بجلي، گئس، دوا، ڀاڄي، دال ۽ گيهه جي قيمت وڌي آهي، عوام کي مهانگائي جي سزا ڏيندڙ حڪومت کان نجات ڏياري رليف ڏينداسين. هن چيو ته پوڻن چئن سالن ۾ حڪومت رڳو مهانگائي وڌائي آهي، 46 رپيا في ليٽر پيٽرول ڏيڻ جون تقريرون ڪندڙ اڄ هڪ ئي ڏينهن ۾ 12 رپيا ليٽر واڌ جي منظوري ڏي ٿو. هن چيو ته عمران نيازي جي نئين پاڪستان ۾ غريب جي ڪائي جڳهه نه آهي، صرف مافيا ۽ ڪارٽلز جا کيسا ڀريا پيا وڃن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سليڪٽيڊ حڪومت ڪجهه ڏينهن جي رهجي وئي آهي، شهري ڪنهن به قيمت تي ان تي برداشت نه ڪندا. هن چيو ته حڪومتي پاليسين جو جواب طلب ڪرڻ لا پيپلز پارٽي 27 فيبروري تي لانگ مارچ جو منصوبو ٺاهيو آهي. جماعت اسلامي جي امير سراج الحق پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ رڪارڊ واڌ تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته خميس ۽ جمعي تي ظالماڻي حڪومتي قدم خلاف احتجاج ڪيو ويندو. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته تيل قيمتن ۾ اضافو عوام جي لا ناقابل برداشت آهي، اهو پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ مسلسل گهٽتائي جو نتيجو آهي.
اسان سمجهون ٿا ته أحڪمرانن جي معاشي پاليسين جي ڪري عوام هڪ وڏي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، 5 سئو رپيا ڏهاڙي ڪمائيندڙ ماڻهو لا زندگي گذارڻ وڏو مسئلو بڻجي ويو آهي، پر حڪمرانن کي ان جو تر جيترو به احساس ناهي، جيڪڏهن کيسن احساس هجي ها ته هو ايئن تيل جا اگهه آئي ڏينهن نه وڌائين ها، عوام سان ايڏو ظلم ڪرڻ باوجود حڪمران انهن جي زخمن تي مرهم رکڻ بدران انهن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ جهڙا بيان ڏيندا ٿا رهن. حڪمران جيڪڏهن عوام جون تڪليفون نه پيا سمجهن يا سمجهندي به ڪجهه نٿا ڪرڻ چاهين ته کين گهٽ ۾ گهٽ اهڙا بيان ڏئي عوام سان ايئن مذاق نه ڪرڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button