سنڌ ۾ هاري تحريڪ تي مون هن ايڊيٽوريل جي صفن تي تازو ئي 2 ڀيرا لکيو آهي. هن وقت هاري تحريڪ ۽ ان جي ڪردارن تي اڃا لکڻ ۽ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ٽيننسي ايڪٽ تي عمل نه ٿيڻ ڪري به سنڌ ۽ ملڪ جا هاري پنهنجا حق وٺڻ کان قاصر رهيا آهن. زرعي زمينن تي ڏهاڙي وارا مزدور رکڻ سان هارپي وارو ڪردار به مٽجي رهيو آهي. جنهن زرعي زمين تي صدين ۽ سالن کان جيڪي هاري هارپو ڪندا اچن ٿا، اتان زميندار هنن هارين کي قانوني طور به بيدخل نٿو ڪري سگهي. جيڪڏهن اهو زميندار پنهنجي زمين کپائڻ به چاهي ته هاري جي اجازت کانسوا ٻئي ڪنهن کي نٿو وڪڻي ڏئي سگهي. پهريون خريدار به هاري ئي هوندو، اسان ڏٺو آهي ته هارين جي مالڪي نه هجڻ جي ڪري وڏا جاگيردار زميندار توڙي ننڍا آبادگار زمينون وڪڻي ڇڏين پر هاري کي ڪڏهن خريدار نه بڻائيندا. جيتوڻيڪ هن وقت ڪامريڊ حيدر بخش جي سنڌ هاري ڪميٽي ۽ ٻيون هارين جو تنظيمون موجود آهن پر هاري کي مجموعي ۾ گڏائي کين حق ڏيارڻ لا ڪير به اڳتي نٿو اچي. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ ان جي ساٿين واري جدوجهد کي ٻيهر اڀارڻ جي ضرورت به آهي. ان هاري تحريڪ جا ڪردار اڄ به پنهنجي جوهر ۾ ٿي بيٺا آهن.
اهڙن هارين جي حقن لا جدوجهد ڪندڙ ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي خودداري سان هاري جدوجهد کي جيئندان ڏئي حيدرآباد جي ڪينٽونمينٽ قبرستان ۾ ابدي ننڍي سمهي رهيو آهي. هن پاڻ ئي حياتي ۾ ڪينٽ جي قبرستان ۾ تدفين ڪرڻ جي نصيت ڪئي هئي. هن جي زندگي جو وڏو حصو زرعي زمينن تي ئي گذريو هو. اتي هن پنهنجي وجود کي ارپڻ بدران شهر جي رش ۾ رهندي وري آرامي به ان شهر ۾ ٿيڻ پسند ڪيو هو، محمد رمضان خاصخيلي هڪ اڏول ۽ اصولن واري زندگي گذاريندڙ هاري اڳواڻ هو. مونکي ۽ سندس پٽن جاني خاصخيلي ۽ غلام حسين خاصخيلي کي گڏجي مرحوم کان هڪ هاري تحريڪ ۽ سندس زندگي بابت انٽرويو به ڪرڻو هو، جيڪو اسان نه ڪري سگهياسين. ڪنهن بيماري ۾ سندس هڪ خاموش ڪيفيت ۾ ساهه جو سڳو ٽٽي پيو، هن حيدرآباد جهڙي اجگر شهر ۾ رهندي به پنهنجو ٻهراڙي وارو مزاج ۽ اٿڻي ويهڻي تبديل نه ڪئي هئي. هو اردو آبادي جي ڳتيل آبادي ۾ به سنڌي ٽوپي ۽ ڪڏهن اجرڪ، پٽڪو پائي پيو گهمندو هو.
ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ ڪامريڊ ڄام ساقي جو ويجهو ساٿي هو. ڪامريڊ رمضان خاصخيلي جوانيءَ جي سياست دوران پنهنجي تڪ 10 نيبائو ڀورا سڪرنڊ مان بنا مقابلي ڪائونسلر به چونڊيو هو، سندس سياسي جدوجهد هارين جي حقن ۽ وڏيرڪي نظام خلاف هئي، جنهن جي ڏوهه ۾ اتي جي جاگيردارن کيس گرفتار پڻ ڪرايو، هن گرفتاري ته قبول ڪئي پر هنن جو ظالماڻو نظام ڪڏهن به قبول نه ڪيو. هن جو جنم سڪرنڊ جي ڳوٺ ڪنڊو انڙ ۾ 1935 ڌاري ٿيو. هن ڪڏهن به تعليم نه پرائي. ان باوجود هو هاري تحريڪ کي تمام گهڻو ويجهو رهيو. هو هاري سياست جي تجربي آهر سيد امداد شاهه جي تعريف ڪندو هو. هو اڪثر چوندو هو ته وڏيرا اسان جي هاري جدوجهد جا نه صرف مخالف هئا پر اسان جي رستا روڪ به ڪندا هئا، ان جي باوجود اسان ڪڏھن به پوئتي نه هٽياسين هيئنر توڙي جو اهي سياستدان به ناهن رهيا حڪمران به صرف کائو ۽ پنهنجي پيٽ لاءِ آهن پر فطري اصول آهي ته حق غالب رهندو باطل فنا ٿيندو، پوءِ اسان هجون نه هجون پر ڪڏھن نه ڪڏھن سڌارا ضرور ايندا. محمد رمضان خاصخيلي جي برک سياسي اڳواڻن ولي خان، سائين جي ايم سيد، ڄام ساقي، نواب اڪبر بگٽي، شيخ مجيب الرحمان ذوالفقار ڀٽو، بينظير ڀٽو، غلام مصطفيٰ جتوئي، نوابزده نصرالله خان، رسول بخش پليجو ۽ ٻين سياستدانن سان سندس سياسي ملاقاتون رھيون، مرحوم پنهنجي ڳوٺ جو چڱو مڙس به ھو راڄ سميت مختلف برادرين جا فيصلا به ڪندو ھو، وڏيرو شاھنواز جوڻيجو سندس ويجھن دوستن منجهان هڪ هو. سينيئر صحافي عبداش پنهور ۽ ٻين ساٿين جو به ويجهو رهيو. هن سنڌ ۾ ڪيترائي فيصلا به ڪيا، سنڌ ۾ ايم آرڊي تحريڪ جو به حصو رھيو، اها تحريڪ ايتري ته سگهاري هئي، جنهن جي اڳيان هر رياستي طاقت نٻل ۽ ڪمزور ٿي سامهون آئي هئي. ضيا رجيم خلاف ان ايم آر ڊي جي ڏور ان وقت پ پ وٽ به هئي. ان دور ۾ هارين لا بينظير ڀٽو يا ان کان ذوالفقار علي ڀٽو وٽ هڪ پروگرام به هو، هن وقت هڪ وڏو خال سامهون اچي ويو آهي، جنهن کي پ پ نه پر ماضي جهڙي هاري ڪميٽي جهڙي پارٽي ئي پورو ڪري سگهي ٿي. حيدرآباد ۾ تازو پيپلز پارٽي پاران فتح چوڪ تي وڏو هاري مارچ ڪيو ويو هو، ان علائقي ۾ هاري تحريڪ جو سرگرم اڳواڻ محمد رمضان خاصخيلي رهندو هو، مارچ کان هفتو پهرين محمد رمضان وڇڙيو هو. مرحوم هاري اڳواڻ حيات هجي ها ته پ پ جي هارين واري مارچ تي پنهنجي رائي ڏيڻ کان ڪڏهن به نه ڪيٻائي ها. جنهن پنهنجي سڄي ڄمار هاري تحريڪ کي ارپي اصولن تي زندگي گذاري هئي.