سنڌ جي سياست تي امير طبقي جو قبضو آهي، جيڪو غريبن جي حقن جو علمبردار ته نظر اچي ٿو، پر پاڻ غربت جي اثرن کان ناواقف آهي. اهو طبقو عوام سان همدردي ته رکي ٿو پر سياسي نظام ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ پرعزم نه آهي. اهو تاثر ڏنو ويندو آهي ته غريب تابعداريءَ لاءِ ۽ امير قيادت لاءِ پيدا ٿيو آهي. اهڙيءَ طرح طبقاتي فرق وڌندو پيو وڃي ۽ موجوده جمهوريت غريب عوام لاءِ غير ضروري ٿيندي پئي وڃي.
استحصالي سوچ سماج جي هر شعبي ۾ موجود آهي، جنهن جو امير فائدو حاصل ڪري ٿو ۽ غريب مايوس آهي. حقيقي جمهوريت ۾ عوام سان ڀائيواري سندن حالتن جي برابريءَ لاءِ هوندي آهي پر هتي جي سياست صرف ووٽ حاصل ڪرڻ تائين آهي.
غريب عوام کي هن جمهوري نظام مان وڏيون اميدون هُيون پر هُو هِن ڪرپٽ نظام جي استحصالي نوعيت کان سخت پريشان آهن. ان ڪري ان ڳالهه جي تمام گهڻي ضرورت آهي ته غريب، محروم، مايوس ۽ پسمانده ماڻهو پاڻ کي منظم ڪن ۽ هن استحصالي نظام جو ڀرپور مقابلو ڪن.
استحصالي طاقت جي اثر رسوخ کي وڌائڻ لاءِ سرمائي ۽ اثاثن تي قبضو ڪيو ويندو آهي، ته جيئن غريب ماڻهن جي معيشت کي پنهنجي چنبي ۾ رکي سگهجي. سنڌ ۾ جمهوريت استحصال جي ڪُک مان پيدا ٿيندي رهي آهي. سنڌ ۾ جاگيردار طبقو پاڪستان ٺهڻ کان پهريان به اقتدار جو خواهشمند هو ۽ هميشه سياست جي چونڊ ان طبقي پنهنجي معاشي مفادن جي لاءِ ڪئي آهي. ڪجهه سماج سُڌارڪ ساٿين جو خيال آهي ته تعليم سان تبديلي ايندي پر جيڪڏهن غور ويچار ڪجي ته موجوده تعليمي نظام ماڻهن کي نوڪري ۽ غلامي جي ترغيب ڏئي ٿو. غريب وٽ ساده تعليم آهي ۽ امير وٽ جديد تعليم آهي جنهن کي هُو پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪندو آهي ۽ ڪمزور طبقن تي پنهنجو اثر وڌائڻ لاءِ پيداواري ذريعن تي پنهنجو قبضو ۽ حاڪميت وڌائيندو رهندو آهي.
مفادن جي حاصلات لاءِ ڌرتيءَ جو هجڻ ضروري آهي ڇو جو انهيءَ ڌرتيءَ تي پيداواري ذريعا موجود هوندا آهن. جيڪڏهن سنڌ کي ڏِسجي ته هتي به بهترين زمينون، ڪارخانه، معدني وسيلا ۽ چوپايو مال آهي. 2008ع کانپوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ ۾ مڪمل اقتدار ۾ رهي آهي ۽ انهيءَ هن پيداواري ذريعن تي پنهنجو اثر قائم ڪيو آهي. تمام وڏيون جاگيرون خريد ٿيون ۽ وڌنديون وڃن پيون. سنڌ ۾ شگر مِلون ۽ ڪاٽن فيڪٽريون به سرمائيدارن جون آهن، ڪراچي ۾ موجود ڪارخانه، فيڪٽريون ۽ ٽرانسپورٽ تي مختلف قومن جو اثر آهي ۽ منظم رٿابندي نه هجڻ ڪري اهو تضاد اختلافن جي ور چڙهندو رهيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ جهيڙا ٿيندا رهيا آهن ۽ نفرتون وڌنديون رهيون آهن. پيپلز پارٽي جو منظم متبادل نه هجڻ ڪري مايوس عوام يا ته ووٽن جو بائيڪاٽ ڪري يا مظلوم ماڻهن جي نمائندن کي ووٽ ڏئي اقتدار ۾ پهچائي.
سنڌ ۾ تبديل ٿيندڙ حالتن ۾ مايوس عوام کي اهو سمجهڻ گهرجي ته سنڌ اسيمبليءَ ۾ جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي نمائندگي ته آهي پر مظلوم ماڻهن جي نمائندگي نه آهي. هڪ ڳالهه تجربي جي بنياد تي واضح آهي ته سنڌي قوم ۾ قومي غيرت تمام گهڻي آهي ۽ هاڻي انهيءَ کي نمائندگيءَ جي صورت ۾ اڳڀرو ڪرڻ جي شديد ضرورت آهي. مشهور چوڻي آهي ته جنهن تي گذري ٿي ان کي خبر پوي ٿي. ساڳئي نموني لينڊ ڪروزر ۾ گهمندڙ، وڏن بنگلن ۾ رهندڙ، چمچن جي گهيري ۾ هلندڙ شخصيتن کي ڪهڙي خبر ته غريب جي چُلهه ٻرڻ لاءِ ان کي ڪيترا ڪشالا ڪٽڻا پون ٿا. لڳندو ائين آهي ته اُهي ڄمندي ئي آقا آهن ۽ ماڻهو انهن جا نسل در نسل خريد ٿيل غلام آهن.
موجوده جمهوري نظام ۾ وڏيرا شاهي ۽ نوڪر شاهي ته پنهنجي نمائندگي ڪري ٿي پر مظلوم عوام پنهنجي نمائندگي نٿي ڪري. سنڌ واسين جي اکين ۾ جيڪي بهترين خواب آهن اُهي ان ڪري اڻ پورا آهن جو انهن جي اڳواڻي مظلومن جا نمائنده نه بلڪه امير طبقو ڪري ٿو. هڪ ڳالهه تمام گهڻي هلائي وڃي پئي ته اليڪشن لڙڻ لاءِ وڏي خرچ جي ضرورت آهي تنهن ڪري غريب پيٽ گذر جي ڪري يا مقابلو ڪري ته انهيءَ جي جواب ۾ اهو سمجهڻ ضروري آهي ته سڀ کان طاقتور مادو نظريو هوندو آهي ۽ جيڪڏهن ان جي حاصلات لاءِ قوم کي قائل ڪجي ته پوءِ پئسي جي ڪا حيثيت نه رهندي.
ڌرتيءَ جي حلالي پُٽن ۽ نياڻين کي گهرجي ته سنڌ ڌرتيءَ سان محبت کي سمجهن ۽ هتان جي پيداواري ذريعن کي عام سنڌي ماڻهن لاءِ ميسر ڪرائين. اهو تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن هڪ وڏي منظم حڪمت عملي يا ڪايا پلٽ ٿئي، جنهن ۾ پهريان اسيمبلين ۾ داخل ٿجي پوءِ قانون سازي ڪجي پوءِ پيداواري ذريعن کي هر ماڻهوءَ تائين رسائجي جنهن مطابق جاگيرون، ڪارخانه، ٽرانسپورٽ، خوراڪ، گهر، صحت ۽ شعوري تعليم هر ماڻهوءَ تائين پهچائي سگهجي.
تاريخ ۾ تبديلي اڻٽر رهي آهي ۽ اها تبديلي ضرور ايندي ڇو جو هر گهر ۾ جيڪڏهن خوراڪ، تعليم ۽ روزگار هجي ته پوءِ ڌرتيءَ سان ايندڙ نسل به محبت ڪندا رهندا ڇو جو ڌرتي انهن کي پالڻ ۽ زندگي گذارڻ جو هڪ مقصد فراهم ڪري ٿي. سنڌ جي مظلوم، مايوس، غريب ۽ متوسط طبقي کي گهرجي ته مظلومن جي نمائندگي ڪندڙ ماڻهن کي پهرين پرکين، سندن ڪردار ۽ عمل کي سُڃاڻن ۽ پوءِ انهن کي راضي ڪن ته جيئن اهي قانون ساز اسيمبلين ۾ پهچي انهن جي نمائندگي ڪري سگهن.
سياسي تبديليءَ ۾ دلچسپي رکندڙ متحرڪ دوستن کي گهرجي ته هو پنهنجي علائقي واسين جي بهتريءَ لاءِ پنهنجي علم ۽ فهم ذريعي عوام ۾ سجاڳيءَ جي لاءِ بحث مباحثن، سياسي تربيتي پروگرامن ۽ عوامي مسئلن تي مظاهرن جي چونڊ ڪن. تبديلي تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن غريب عوام اميرن جي فائدي لاءِ ٻاهرين ملڪن مان آيل موجوده جمهوريت جي هن استحصالي نظام کي سمجهن، پنهنجن نمائندن کي انهيءَ محاذ تي چونڊي پاڻ ۽ سنڌ ڌرتيءَ تي ٿيندڙ استحصال کي روڪي سگهن.