ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سرڪار تي “ڇائنجندڙ” ڪارا ڪڪر ۽ “معجزا”

Editorial-Article-Yameen Jatoi

جيتوڻيڪ پي ٽي آ سرڪار خلاف مخالف ڌر جي ڪا به چرپر (جيئن سينيٽ چيئرمين جي چونڊ، هن خلاف بي اعتمادي رٿ ۽ اهم قانون سازين جهڙا معاملا وغيره) هن مهل تائين ڪامياب ناهي وئي پر هيل اپوزيشن گهڻي پراميد ۽ پراعتماد آهي ته ان جي بي اعتمادي رٿ عمران خان خلاف ڪامياب ويندي. ان حوالي سان ليگي اڳواڻ گهڻا پراميد آهن ته عمران خان سگهو ئي گهر ويندو. مريم نواز کان وٺي شهباز شريف تائين ليگي اڳواڻن جي بيانن مان لڳي ٿو ته عمران خان خلاف ماحول گرم ٿي رهيو آهي. بهرحال، اقتداري شهر ۾ ڪجهه نه ڪجهه پچي ته ضرور رهيو آهي، جنهن بابت ته ڪجهه وقت اڳ عمران نيازي پاڻ چئي چڪو آهي ته هن لا ٽي مهينا انتهائي اهم آهن، نيازي جي ان بيان کان پو شيخ رشيد هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته ٽي مهينا اهم هئا، هڪ گذري چڪو آهي، باقي ٻن مهينن ۾ عمران “سرخرو” ٿيندو.
سو، حڪمرانن جي بيانن مان به اهو ته واضح ٿئي ٿو ته هنن جي رڌڻي ۾ رولو آهي. سياسي پنڊتن جو به چوڻ آهي ته عمران خان کي ڀلي ڀت خبر آهي ته “هن خلاف پلان ڪٿي جڙي رهيو آهي. سرڪار ڪجهه به ڪري جيڪي ڪارا ڪڪر اقتدار مٿان ڇانئجي ويا آهن، اهي ضرور وسندا.” ٻيو ڪجهه وقت کان جنهن نوعيت جون سياسي اڳڀرايون ٿين پيون، اهي به گهڻيون اهم آهن. جيئن 16 فيبروري تي جهانگير ترين گروپ جو اجلاس ٿيو، ان ۾ جيڪي ڳالهيون ٿيون، انهن بابت ميڊيا ۾ جيڪي خبرون آيون اهي به ڪافي دلچسپ آهن. گروپ جي اڪثر ميمبرن سرڪار مخالف لائحه عمل ۾ (ن) ليگ سان گڏ بيهڻ جي تجويز ڏني، جڏهن ته جهنگ جي اسيمبلي ميمبرن اجلاس ۾ آزاد حيثيت برقرار رکڻ جي تجويز ڏني. جهانگير ترين گروپ جي اڪثريت کلي سياسي ميدان ۾ اچڻ جو مشورو ڏنو ۽ اڪثريت جي اها را هئي ته وقت اچي ويو آهي ته سرڪار مخالف لائحه عمل اختيار ڪيو وڃي. اهو به چيو پيو وڃي ته ترين گروپ بي اعتمادي جي رٿ باضابطا پيش ٿيڻ تي پنهنجو لائحه عمل آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ بي اعتمادي جي رٿ پيش ٿيڻ تائين پنهنجي گروپ جا سياسي ڪارڊ ڳجها رکڻ جي صلاح ڏني آهي. ذريعن موجب ترين گروپ چيو آهي ته بي اعتمادي رٿ پيش ٿيڻ تي گروپ اپوزيشن جو ساٿ ڏئي سگهي ٿو. ترين گروپ جي ميمبرن جي را هئي ته تڪن ۾ تحريڪ انصاف جي پوزيشن ڏاڍي ڪمزور آهي. جنهن جي ڪري بلدياتي چونڊن ۾ مضبوط شخصيتون پي ٽي آ جي ٽڪيٽ وٺڻ پسند نه ڪنديون، ميمبرن جو موقف هو ته مهانگائي عام ماڻهو جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي، ان ڪري پي ٽي آ ميمبرن کي سخت عوامي ردعمل کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
ان سان اهو ته چٽو ٿئي ٿو ته ترين گروپ نيازي سرڪار کي ڪا به رعايت ڏيڻ نٿو چاهي. جنهن سان فواد چوڌري جي اها دعويٰ کوکلي ثابت ٿي وڃي ته ترين پارٽي سان گڏ آهي.
جڏهن ته وفاقي حڪومت به اپوزيشن جي بي اعتمادي رٿ خلاف حڪمت عملي طئي ڪري ورتي آهي. ذريعن موجب حڪومت بي اعتمادي رٿ خلاف حڪمت عملي جي طور تي اتحادي پارٽين کي “خوش” ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهي خبرون اچن پيون ته اتحادي پارٽين جي ميمبرن کي مملڪتي وزير جو عهدو ڏنو ويندو ۽ اتحادي جماعتن سان ڪيل سمورا واعدا “پاڙيا” ويندا. ميڊيائي ذريعا دعويٰ ڪن ٿا ته اتحادي پارٽين جا خدشا فوري طور ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ ان حوالي سان وزيراعظم ويجهن ساٿين سان مشاورت مڪمل ڪري ورتي آهي. حڪومتي اتحاد ۾ شامل بلوچستان عوامي پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم سميت ٻيا اتحادي وزارتن جو مطالبو ڪري چڪا آهن.
اپوزيشن جي بي اعتمادي رٿ خلاف نيازي سرڪار جي حڪمت عملي جون خبرون پاڻ سرڪار اندر پريشاني جو واضح اظهار آهي. بهرحال، هڪ پاسي ان نوعيت جون اڳڀرايون ٿين پيون ته ٻئي پاسي وري، اهڙي سنگين صورتحال، باوجود پي ٽي آ سرڪار وقتن بوقتن ڪي “ڪاميابيون” به حاصل ڪندي رهي ٿي. جيئن ٻه ڏينهن اڳ سينيٽ اجلاس ۾ عددي اڪثريت باوجود اپوزيشن کي هڪ ڀيرو ٻيهر شڪست جو منهن ڏسڻو پيو ۽ حڪومت طرفان پيش ڪيل 3 بل منظور ٿيا، منظور ڪيل بلن تحت اوگرا هاڻي گئس جي اگهن جي مقرري جي حوالي سان خودمختيار بڻجي وئي آهي ۽ اها اگهه بنا ڪنهن عوامي شنوائي جي مقرر ڪري سگهندي.
ميڊيا ۾ آيل خبرن موجب: ايوان ۾ اهم قانون سازي دوران اپوزيشن پنهنجي اڪثريت “ثابت” ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، حڪومت آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ٻيو ترميمي بل، اقرا الائيڊ هيلٿ پروفيشنل ڪونسلز سميت 3 اهم بل منظور ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. اوگرا ترميمي بل تي دلاور خان گروپ هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومت جي حق ۾ ووٽ ڏنو ۽ بل جي منظوري تي اپوزيشن واڪ آئوٽ ڪيو. اوگرا ترميمي بل جي منظوري کانپوءِ وفاقي وزير حماد اظهر سينيٽ ۾ آيو ته چيئرمين کيس چيو ته توهان هليا وڃو، بل منظور ٿي چڪو آهي، توهان سدائين جيان اڄ به دير سان آيا آهيو. پ پ سينيٽر رضا رباني چيو ته بل جي منظوري تي شرمسار آهيون، بل کي گڏيل مفادن جي ڪائونسل ۾ وڃڻ گهرجي ها. سينيٽ ۾ اوگرا ترميمي بل کانسواءِ الائيڊ هيلٿ پروفيشنل ڪونسلز بل به منظور ٿيو، سينيٽ چيئرمين جي ووٽ هڪ ڀيرو ٻيهر فيصلائتو ڪردار ادا ڪيو. الائيڊ هيلٿ پروفيشنل ڪائونسلز بل پيش ڪرڻ جي رٿ تي ووٽ 29-29 سان برابر ٿيا ته سينيٽ چيئرمين پنهنجو ووٽ حڪومتي بئنچ کي ڏنو. سينيٽ چيئرمين اوگرا ترميمي بل جي منظوري اڳ ۾ پوئتي ڪئي ۽ ايوان ۾ حڪومتي ميمبرن جي اڪثريت ٿيندي ئي بل منظوري لاءِ پيش ڪري ڇڏيو. اوگرا ترميمي بل موجب جيڪڏهن وفاقي حڪومت اوگرا جي تجويز ڪيل قيمت 40 ڏينهن ۾ نوٽيفاءِ نه ڪندي اوگرا پاڻ نوٽيفاءِ ڪندي. اوگرا کي عوامي شنوائي بنا آر ايل اين جي، ايل اين جي جو اگهه طئي ڪرڻ جو اختيار هوندو. اوگرا جي منظور ڪيل ترميمي بل تحت وفاقي حڪومت يقيني بڻائيندي ته اوگرا طرفان لڳايل ڪاٿو قدرتي گئس جي ڪاٿي کان گهٽ نه هجي، حڪومت اوگرا جي تجويز ڪيل قيمت کي 40 ڏينهن تائين نوٽيفا نه ڪري ته اوگرا نوٽيفا ڪري ڇڏيندي. ٻئي ترميمي بل مطابق ايل اين جي ۽ آر ايل اين جي جي لائنسنگ ۽ قيمت کي ريگوليٽري فريم ورڪ ۾ شامل ڪيو ويندو، اوگرا کي آر ايل اين جي ۽ ايل اين جي جي قيمت طئه ڪرڻ جو اختيار هوندو. ٻئي اوگرا ترميمي بل ۾ چيو ويو آهي ته اوگرا کي بنا ڪنهن پبلڪ هيئرنگ جي امپورٽڊ گئس ۽ ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ گئس جي قيمت ۾ اضافي جو اختيار هوندو.
سوال اهو آهي ته جيڪڏهن نيازي جي اقتدار تي ڪارا ڪڪر به ڇانيل آهن، اتحادي به منهن موڙڻ جا اشارا ڏئي رهيا آهن ته ڪي حڪومتي ميمبر به پنهنجي سرڪار کان “ناخوش” آهن ته پو نيازي سرڪار اهڙيون “ڪاميابيون” ڪيئن ماڻي رهي آهي؟ اها به اتي جتي اپوزيشن اڪثريت ۾ آهي؟ ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته موجوده حالتن ۾، جڏهن پي ٽي آ سرڪار پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي رهي آهي، اپوزيشن ڪا هڪ اڌ ڪاميابي ته پنهنجي حصي ۾ وجهڻ ۾ ڪامياب وڃي، اٽلندو، نيازي سرڪار “سوڀ” مٿان سوڀ ماڻي رهي آهي؟ اهڙا “معجزا” نيٺ ڪيئن ٿي رهيا آهن؟ اهو يقينن اهم سوال آهي، گڏوگڏ سنگين معاملو پڻ. ڪٿي ايئن ته ناهي ته پاڻ اسٽيبلشمينٽ اندر مختلف لابيون هڪٻئي سان ڇڪتاڻ ۾ رڌل آهن؟ بهرحال، ان امڪان کي به رد نٿو ڪري سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button