ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان جا شعور کان وانجهيل فيصلا

Editorial-Article-Dastgir Bhatti

مون پنھنجي شعور واري سڄي ڄمار ۾ گذريل ٽن چئن ھزارن سالن جي تاريخ ۾ تخت تان لھي بيعزت ۽ گمنام ٿيندڙ ھرھڪ بادشاهه، وزير اعظم يا صدر جو سندن آخري ڏينهن ويجها اچڻ مھل لقاءُ ڏٺو به آهي ته پڙھيو ۽ پرجھيو به آهي. پڇاڙڪن ڏينهن ۾ انھن جو بھادري ۽ بيباڪي وارو ڏيکاءَ Brave face به ڏٺو اٿم.
جنرل ايوب خان 1969 ۾ پنهنجي صدارت واري ڪرسي ڇڏڻ کان فقط پنج ست ڏينهن اڳ پي ٽي وي تان قومي نشريات ۾ سمورا پروگرام ڪينسل ڪرائي وڏي ھمٿ ڀرئي اسٽائيل ۾ چيو ھو ته، “ميري حڪومت مضبوط ھئي، جس ڪو ڪوئي نھين گرا سڪتا”. اھا تقرير به سڪيلڌي پي ٽي وي تان بار بار ورجائي ويئي، بليڪ اينڊ وائيٽ ٽي وي جي زماني ۾. ساڳي ريت 1977 ۾ ڀٽو صاحب پنهنجن خاص وزيرن عبدالحفيظ پيرزادي، مولانا ڪوثر نيازي ۽ رفيع رضا کي مخالف ڌر جي اڳواڻن مرحوم مفتي محمود، پروفيسر غفور احمد ۽ اصغر خان سان ڳالهايون ڪرڻ لاءِ پوئتي ڇڏي، پاڻ سعودي عرب، ابوظهبي، اردن ۽ شام جي حڪمرانن سان ملڻ لاءِ پنجن ڏينهن جي سرڪاري دؤري تي ملڪ کان ٻاهر ھليو ويو ڄڻ ته کيس ڪنھن به مخالفت جي پرواهه ناهي. جنرل ايوب خان ۽ ذوالفقار علي ڀٽو کان پوءِ ساڳيو حشر محمد خان جوڻيجو صاحب جو جنرل ضياءَ ڪيو. انھن ڏينھن ۾ ڪيتريون اخبارون ڄائيون ئي نه ھيون.
آئون انھن ڏينھن ۾ سڀ کان وڏي سنڌي اخبار ھلال پاڪستان جو چيف رپورٽر ھوندو ھئس. بلوچستان، پختونخواہ ۽ سنڌ ۾ ڪيل سندس ظلمن ۽ ناحق جي ڪري منهنجي ذاتي سوچ به عام ماڻهن جيان ھوندي ھئي ته پنهنجن ئي ھٿن سان جوڙيل آئين کي تاراج ۽ بلڊوز ڪرڻ واري حڪمران منجهان شال ڪروڙين ماڻهن جي جلد کان جلد جند ڇٽي!
ڀٽو صاحب جي عربستان جي مختلف بادشاهن سان گھاٽي دوستي ٿي ويئي ھئي خاص ڪري لاھور واري اسلامي ڪانفرنس ۾ عرب حاڪمن جي گھڻي انگ ۾ شرڪت جي ڪري، سو ھو 1977 جي مھيني جون ۾ پرڏيھي دؤري تي فقط ان ڪري ھليو ويو ته عربستان جي سگھارن حڪمرانن سان سندس آڌرڀاءُ ڏسي، مولانا مودودي، مفتي محمود ۽ 9 ستارن واري اتحاد تي وڏو اثر پوندو. اھا ساڳي حالت اڄ ھاڻوڪي وزير اعظم عمران خان جي به ڏسان پيو. پنهنجي بدترين ڪارڪردگي ۾ ٽي ڏھاڙا اڳ تيل جي ملھه کي عام ماڻهوءَ جي ڳاٽي تي سوار ڪرڻ شرط ھو چائنا ھليو ويو ته جيئن پاڙيسري سپر پاور سندس شاندار آجيان ڪندو ته مخالف ڌر وارن جي مرليءَ جو واڄٽ بند ٿي ويندو. ھاڻي وري ساڳي ڪاريگري ڏيکاريندي ھو رشيا جو پنجن ڏينهن لاءِ دؤرو ڪرڻ وڃي رهيو آهي.
عمران خان کي اڃا تائين ايتري ڄاڻ به ناهي ته خود سندس سياسي جماعت تحريڪ انصاف اندر ناقابل مرمت ڏار پئجي ويا آهن فقط سندس بيوقوفيءَ واري ان فيصلي جي ڪري ته فلاڻو وزير پھريون نمبر آهي ۽ فلاڻو چاليھون نمبر.
عقلمند ۽ سياسي شعور رکندڙ اڳواڻ ڪڏهن به اھڙين حالتن ۾ ھھڙا ڄٽڪا فيصلا نه ڪندا آھن. جن وزيرن کي به ٽاپ ٽين جي لسٽ ۾ آڻيندا ۽ ٻين کي گھٽ درجي تي ڦٽو ڪندا ته ظاهر آهي اھي وزير اوھان کي گلن جا هار نه پارائيندا. اھا بڇڙي چٽاڀيٽي ڪري اوهان راجا پورس جي ھاٿين وارو ورتاءُ ڪيو آهي ۽ خود پنھنجن ئي سمورن ڪابينه ميمبرن ۽ انهن جي حمايت ڪندڙ ھزارين ووٽرن کان ڌار ڪري ڇڏيو آهي. ھڪ ته تحريڪ انصاف جا چونڊيل اسيمبلي ميمبر اڄوڪي صورتحال ۾ پنھنجن ئي تڪن اندر مھانگائي سٽيل ماڻهن کي منهن ڏيکارڻ لائق نه رهيا آهن. مٿان وري اوھان جا ھان ڏاريندڙ فيصلا.
تحريڪ انصاف وارا گھڻا اسيمبلي ميمبر ھاڻي کليل نموني اڳوڻي ريت عمران خان تي اکيون ٻوٽي اعتبار نه ٿا ڪن. انهن مان ويھه پنجويهه ڄڻا ته گذريل سال ئي نواز شريف جو ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار ھئا. ھي اھڙا ميمبر آهن جيڪي ھڪڙي خفيه فون ڪال اچڻ تي وفاداري مٽائي ڇڏيندا آهن. ھنن کي ڄاڻ آهي ته کين اليڪشن ۾ سگھاري ڌر جي مدد کٽايو ۽ جيڪڏهن سگهارن جو چوڻ نه مڃيندا ته کين سدائين نقصان رسندو. ھوڏانھن وزير اعظم عمران خان چاهي ٿو ته جنھن سگھاري ڌر کيس اقتدار ۾ آندو آهي سا مٿس ڇپر ڇانو بڻجي رهي.
ظاهري طور تي ته اسٽيبلشمينٽ عمران حڪومت جا قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان سمورا قانون فقط ھڪڙي ٽيليفون ڪال تي منظور ڪرائي پيئي پر باطني طريقي سان مخالف ڌر وارن طرفان عمران حڪومت خلاف قومي اسيمبلي ۾ تمام جلد پيش ٿيندڙ عدم اعتماد جي رٿ کي به اسٽيبلشمينٽ وارن جي مڪمل حمايت حاصل آهي.
عمران خان ايترو ته ڳھيلو آهي جو آئي ايم ايف جون فرمائشون پوريون ڪرڻ وارن قانونن جي منظوريءَ کي پنهنجي سوڀ سمجهي، ايف آئي اي وارن ھٿان اسلام آباد جي محسن بيگ جھڙن سينئر صحافين کي به کڻائي ڪاٺ ۾ وجهندي ويرم ئي نه ٿو ڪري! کيس اھا به پرک ۽ پروڙ ناهي ته ھاٿي جا ڏند کائڻ جا هڪڙا ۽ ڏيکارڻ جا بنھه ٻيا ھوندا آھن.
بھرحال ھو بيشڪ چائنا ۽ رشيا جا دؤرا ڪري ماڻهن تي رعب وجهندو رهي ته سندس سرڪار کي نه ڪا لھر آھي نه لوڏو ، پر منهنجي ڄاڻ موجب ايندڙ مارچ مهيني اندر ئي کيس بي اعتمادي جي ووٽن ذريعي ڏيکاريو ويندو ته توسان تنھنجي پنھنجي پارٽيءَ جا ميمبر ئي گڏ ناهن.
جمعي ڏينهن پنجاب جي شهر منڊي بھاالدين ۾ صوبائي حڪومت جي خرچ تي ڪرايل ميڙاڪي ۾ جيتوڻيڪ عام ماڻھن پاران وزيراعظم کي ڪا وڏي موٽ نه ملي پر اتي ھن جيڪي لفظ ميان نواز شريف خلاف ڳالهايا، تن مان ئي ظاهر ٿئي پيو ته عدم اعتماد جي رٿ اچڻ کان اڳواٽ ئي عمران خان پنھنجي شڪست قبول ڪري ورتي آهي. سندس اھو چوڻ ته نواز شريف کي علاج واسطي ٻاھر موڪلي ھن تمام وڏي غلطي ڪئي آهي. مون کي سمجهھ ۾ نه ٿو اچي ته عمران خان گذريل پوڻا چار سال حڪومت ۾ پنهنجي ڪنھن به ھڪ فيصلي تي ڄمي ڇو نه ٿو بيھي؟ ھن سدائين پنهنجي ھرھڪ واعدي ۽ ذري گهٽ سمورن فيصلن جي پاڻ نفي ڪئي آهي جنهن ڪري خدا جي خلق کيس يوٽرن خان جو لقب ڏيئي ڇڏيو آهي.
ھاڻي به سندس زبان تي ھميشه وانگر ساڳيو ئي رٽيل جملو ڪر کنيو بيٺو آهي ته، مخالف ڌر وارا ڪرپشن جي ڪيسن ۾ مون کان بخشش (اين آر او) گھرن پيا پر مان ڪنهن کي به اين آر او نه ڏيندس. ھن اھو به ورجايو ته، “منهنجي خلاف بي اعتمادي جي رٿ آڻيندڙن کي قومي اسيمبليءَ ۾ شڪست ڏيندس. جيستائين جيئرو آهيان، چورن ۽ لٽيرن کي بخش نه ڪندس.”
ڇا عمران خان کي اھا ڄاڻ ناهي ته سندس پنهنجي جماعت ۾ توڙي وزارت ۾ شيخ رشيد کان وٺي فواد چوڌري تائين نواز شريف جي مسلم ليگ ۽ جنرل مشرف جي ڪنگز پارٽيءَ جا تمام گهڻا لوٽا اھم عھدن تي ويٺل آهن؟ ھو پاڻ ڪيترو ساڌ پاڪ آهي سو ته ايف آئي اي جي اڳوڻي سربراهه بشير احمد ميمڻ دنيا کي اڳ ۾ ئي ٻڌائي ڇڏيو آهي.
بھرحال آئون دعويٰ ٿو ڪريان ته ايندڙ مارچ واري مھيني اندر عمران خان کي آئيني ۽ قانوني طريقي سان ووٽ آف نو ڪانفيڊنس وسيلي وزير اعظم جي عهدي تان هٽايو ويندو جنهن لاءِ تياريون ٿي رهيون آهن.
ظاهر آهي ته عمران خان کي ھٽائي جڏهن ڪنھن ٻئي شخص کي وزير اعظم واري ڪنڊن جي سيج تي ويهاريندا ته اھو ھمراھه ڪروڙين غريب مسڪين ماڻهن واسطي کير ۽ ماکيءَ جا واھڙ ڪونه وھائي سگهندو ڇاڪاڻ ته جيسين پاڪستان جي معيشت عالمي وياج خور ڄؤرن ۽ خاص ڪري آئي ايم ايف جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل آهي، تيسين پاڻ سڀ پورھيت انسان سامراجي اٽڪل بازين جو شڪار رهنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button