ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

صوفي سگهڙ بهار علي بهار ٻرڙو: سنڌ جو انمول ڪردار

Editorial-Article-Ahsan Mastoi

پنهنجي سنڌ ڌرتيءَ جي ڪک مان هميشه انمول هيرا پيدا ٿيا آهن، جن پنهنجي شاعري، فن،ڏاھپ ۽ آواز وسيلي سنڌ جو نالو روشن ڪيو آهي اهڙن ئي انمول هيرن، باادب، بااخلاق ۽ ڏاهي ڪردارن مان صوفي سگهڙ بهار علي بهار ٻرڙو به هڪ هو، هو هڪ ئي وقت سگهڙ، صوفي فنڪار ۽ اسٽيج ڪمپيئر هو، جيڪو پنهنجي پوري ڄمار سگھڙائپ جي صنفن کي ارپي امر ٿي ويو. هن پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ مال، ملڪيت ٺاهڻ کي اهميت نه ڏني هو پنهنجي ڪردار کي سنوارڻ ۾ مصروف عمل رهيو. هن لاءِ سگهڙائپ ئي سڀ ڪجھه هئي سگهڙ استاد بهار علي بهار ٻرڙي پنهنجي پوري زندگي ڌرتيءَ سان بي انتها عشق ۾ گذاري ۽ ڌرتيءَ جي عشق ۾ لکندو رهيو. ائين ئي پنهنجي پوري ڄمار سگهڙائپ حوالي ڪئي، هن جي زندگي جي سفر ۾ سوين شاگرد رهيا جيڪي هاڻ سنڌ جي وڏي شاعرن، سگهڙن ۽ صوفي فنڪارن ۾ شمار ٿيڻ ٿا، استاد صوفي سگهڙ بهار علي بهار ٻرڙو سنڌ جي ناليواري سگهڙن مان هڪ هو، جنهن پنهنجي سگهڙائپ جي فن جو مظاهرو سنڌ جي شهرن توڙي ٻهراڙي ۾ ڪيو جتان هن کي تمام گهڻي موٽ ملي. استاد سگهڙن جي محفل سميت ٻين محفلن جو مور هو جنهن کي ڪافي ماڻهو محفلن جي مور جي نالي سان پڻ سڏيندا هئا، ان محفلن جي مور کي ڪو به هارائي نه سگهندو هو، هن کي هر هنڌ کان ڪاميابي ملندي رهندي هئي. نجي،سرڪاري توڙي ڳوٺاڻي پروگرامن ۽ مشاعرن ۾ شرڪت لاءِ استاد سگهڙ بهار علي بهار ٻرڙو کي هرحال ۾ دعوت ڏني ويندي هئي ۽ هو ان قربن جي ڪوٺ کي مان ڏيندي پروگرامن ۾ وقت کان اڳ پهچي ويندو هو، انهن پروگرامن ۽ مشاعرن جي محفلن ۾ اڪثر ڪمپيئرنگ استاد بهار علي بهار ٻرڙو حوالي ڪئي ويندي هئي ۽ هو ان محفلن، پروگرامن ۽ مشاعرن کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيندو هو، شڪارپور ضلعي جي صوفي بزرگ ٻڌل فقير جي سالياني عرس مبارڪ جي موقعي تي ٿيندڙ محفل موسيقي جي ڪمپيرنگ سگهڙ استاد بهار علي بهار ٻرڙو حوالي ڪئي ويندي هئي، جتي هو پنهنجي شاعري ٻڌائيندي نظر ايندو هو. هزارين ماڻهو کيس تاڙين جي گونج سان داد ڏيڻ کان رهي نه سگهندا هئا هر ماڻهو تاڙيون وڄائڻ تي مجبور ٿي ويندو هو ۽ هر پاسي کان واھه واھه جا هوڪرا پڻ لڳي ويندا هئا.
ان اتر سنڌ جي نامور سگهڙ استاد بهار علي بهار ٻرڙو جو جنم پهرين جنوري 1950ع ۾ جان جيڪب جي نالي سان منسوب جيڪب آباد جي تعلقي ٺل جي ننڍڙي شهر ميرپورٻرڙو جي ڳوٺ جمن شاھه ۾ هڪ مسڪين هاريءَ وزير علي ٻرڙو جي گهر ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي شهر ميرپورٻرڙو ۾ حاصل ڪئي، غربت سبب هو پرائمري تعليم تائين محدود رهيو. گهرو حالتن کي نظر ۾ رکندي تعليم کي ڇڏي ڏنائين ۽ گهر جو گاڏو هلائڻ لاءِ پنهنجي اباڻي ڪرت هارپي ۾ لڳي ويو. هن پنهنجي پيرسن پيءُ جو سهارو ٿيندي گهر جو سمورو بار پنهنجي ڪلهن تي کڻي ورتائين. هن محنت مزدوري سان گڏ پنهنجي ڳائڻ ۽ شاعري واري شوق کي به جاري رکيو. هو مسلسل لکندو رهيو. ساڻس محنت ۽ ادبي دنيا سان چاھه ڏسندي، قدرت واري کيس ڪافي ڪجهھ عطا ڪري ڇڏيو. ٻڌايو پيو وڃي ته استاد سگهڙ بهار علي ٻرڙو کي ننڍپڻ کان ئي ڳائڻ ۽ شاعري جو تمام گهڻو شوق هو، سندس صوفي فنڪارن سان وڏي دلچپسي هوندي هئي. جنهن دلچسپي هن کي صوفي فنڪار بڻائي ڇڏيو ۽ هو پنهنجي مرشد صوفي بزرگ حضرت فقير ٻڍل سائين جي ڪلامن کي ياد ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندو رهيو. سندس غربت تعليم کي اڳتي وڌڻ نه ڏنو پر ساڻس ڳائڻ وارو شوق اڳتي وڌنڌو رهيو. مخصوص پڙهائي کانپوءِ استاد بهار علي بهار ٻرڙو جڏهن شاعرن جي سرتاج شاعر شاھه عبدالطيف ڀٽائي رحه جي شاعريءَ جو مطالعو ڪرڻ شروع ڪيو ته هو شاهھ جي شاعري مان تمام گهڻو متاثر ٿيو. شاهھ جي شاعري هن مٿان تمام گهڻو اثر انداز ٿي جنهن ڪري هو ڳائڻ واري شوق سان گڏوگڏ سگهڙائپ جي سنسار ۾ قدم رکندي پنهنجي شاعري جو سفر شروع ڪيو. جنهن سفر ۾ هن کي ڪاميابيون ملنديون رهيون، جنهن پنهنجي فن ذريعي ماڻهن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو ۽ هڪ ڏينهن هو سنڌ جو تمام وڏو سگهڙ ٿي اڀريو. پوري سنڌ ۾ سندس نانءُ نرالو ٿي ويو، هن جي شاعري ۽ سگهڙائپ سان گڏ هن جي مٺڙي آواز صوفياڻي انداز ماڻهن کي ديوانو بڻائي ڇڏيو ۽ هو محفلن جو مور سڏجڻ لڳو.
استاد سگهڙ بهار علي بهار ٻرڙو سگهڙائپ جي سفر ۾ وڏي مقبوليت ماڻي سنڌ جي صوفي راڳين،سگهڙن ۽ اسٽيج ڪمپيئرن مان هڪ بهترين صوفي راڳي،سگهڙ ۽ اسٽيج ڪمپيئر هو جنهن پنهنجي مرشد ٻڍل فقير جي شاعري صوفي ڪلامن ذريعي ڳائيندي ماڻهن جي دلين ۾ جايون ٺاهيون جيڪي اڄ تائين ماڻهن جي دلين ۾ قائم آهن هن جي وڇوڙي کي 8 سالن جو ڊگهو عرصو گذري چڪو آهي پر اڄ تائين هو وسري نه سگهيو آهي هر ماڻهو جي دل ۾ آباد آهي.
استاد بهار علي بهار ٻرڙو ۾ اهم خاصيت اها هئي ته هو سڀ کي هڪ ئي نگاهھ سان ڏسندو هو منهنجي هن سان مختلف پروگرامن ۾ ملاقت ٿيندي رهندي هئي هن جو هر ماڻهو سان قرب وارو رشتو هو. توڙي مونکي هو سڃاڻيندو به نه هو پر ڀاڪر پائي ملندو هو. اهڙي طرح حال حوال ڪندو هو، ڄڻ اسين ڪافي عرصي کان سڃاڻون آهيون ائين هن سدائين محبتن جي ٻولي ڳالهائيندي پنهنجي زندگيءَ جو سفر پورو ڪيو.
استاد بهار علي بهار ٻرڙو کي اعليٰ تعليم نه هئي پر هن وٽ اعليٰ ادب هو. خدا کيس پڙهڻ لکڻ جو ڏانءُ ڏئي ڇڏيو هو، اهو ئي سبب هيو ته هن شاعري لکندي لکندي شاعريءَ جا انبار لڳائي ڇڏيا هئا. ان شاعري جي انبارن کي ڪتاب جي صورت ڏيڻ لاءِ استاد بهار علي بهار ٻرڙو ان ڪتاب جو نالو “بهار جي بوند” رکي ڇڏيو هو. اهو ڪتاب آڻڻ استاد جو هڪ خواب هو پر افسوس غربت هن جو پيڇو پوءِ به نه ڇڏيو. جنهن ڪري هو پنهنجي شاعري کي ڪتاب جي شڪل نه ڏياري سگهيو. سندس خواب خواب ئي رهجي ويو، استاد بهار جي غريبي ۽
مالي مونجهارن ان جي خوابن کي چڪنا چور ڪري ڇڏيو ۽ اهو خواب حقيقت جي شڪل اختيار نه ڪري سگهيو. غربت مالي مونجهارن سان جهيڙيندڙ ويتر بيمارين ۾ وٺجي ويو ۽ بيمارين سان جهيڙيندو رهيو پر افسوس ان ناليواري سگهڙ جي ثقافت کاتي ڪا به مدد نه ڪئي. توڙي جو استاد جي علمي، ادبي “سلات” جي دوستن پاران ثقافت کاتي کي سندس بيمار هجڻ جا اطلاع ڏنا ويا پر انهن جي ڪن تي جونءَ به نه چري. ثقافت کاتي جا عملدار ڪن لاٽار جو مظاهرو ڪندا رهيا جنهن ڪري استاد جو علاج ڪنهن سٺي هنڌ نه ٿي سگهيو ۽ هو آخرڪار زندگي ۽ موت سان جهيڙيندي جهيڙيدي 17 جنوري 2014ع تي زندگي جي جنگ هارائيندي هن فاني جهان کي هميشه هميشه لاءِ الوداع چئي ويو ۽ سگهڙن جي دنيا ۾ هڪ اهڙو خال وجهي ويو جيڪو اڄوڪي ڏينهن تائين نه ڀرجي سگهيو آهي. هو جسماني طور ته اسان کان ڌار ٿي ويو آهي پر ان جو ڪردار اسان سان گڏ آهي ۽ هميشه گڏ رهندو، هونءَ ته استاد سگهڙ بهار علي بهار ٻرڙو جي ورسي 18 جنوري تي ملهائي ويندي آهي پر هن ڀيري استاد سگهڙ جي 8 هين ورسي 19 فيبروري تي سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم”سلات” طرفان ساڻس اباڻي ڳوٺ ميرپوٻرڙو ۾ ملهائي وئي. سندس 8 هين ورسي جي موقعي تي سندس ڳوٺ ۾ سگهڙ ميلو پڻ لڳايو ويو. جنهن ۾ سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي ناليوارن سگهڙن،صوفي راڳين شرڪت ڪئي ۽ شاعري، مقالن ذريعي استاد بهار علي بهار ٻرڙو کي ڀيٽائون پيش ڪيون.
هاڻي ڳالهھ ڪنداسين استاد “بهار علي بهار ٻرڙو “جي خواب پنهنجي شاعري کي ڪتاب جي صورت ڏيڻ بابت. ان حوالي سان ثقافت کاتي ڪا به اڳڀرائي نه ڪئي آهي پر ان سلسلي ۾ سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم “سلات “جي مرڪزي عهديدارن سان منهنجي ڳالهھ ٻولهھ ٿي انهن جو اهو چوڻ هيو ته استاد بهار علي بهار ٻرڙو جي لکيل شاعري کي ڪتاب جي صورت ڏيڻ لاءِ ثقافت کاتي ڪوبه سهڪار نه ڪيو آهي. اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪتاب ڇپرائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. استاد سگهڙ بهار علي بهار ٻرڙو جي شاعري تمام گهڻي آهي اها اسان سهيڙي گڏ ڪري رهيا آهيون، جيئن ئي اسان کي استاد “بهار علي بهار ٻرڙو” جي لکيل شاعري مڪمل طور ملندي ته ان کي ڪتاب جي صورت ڏيارينداسين ان حوالي سان منهنجي “سلات” جي مرڪزي عهديدارن کي اپيل هوندي ته استاد جي شاعري کي جيترو جلد ٿي سگهي ڪتاب جي شڪل ڏني وڃي ته جيئن سگهڙ ۽ صوفي راڳي مرحوم استاد “بهار علي بهار ٻرڙو” جو ڏٺل خواب پورو ٿي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button