کين اها خبر نه هئي ته انگريز گهڻو اڳ ۾ ئي سنڌ کي مڪمل طرح غلام بنائڻ جو فيصلو ڪري چڪا هئا.
حڪمران طبقي جي جنگ لاءِ ڪابه خواهش نه هئي، انهيءَ ڪري هنن جنگي تياريءَ لاءِ سنڌي قوم جي ڪابه رهنمائي نه ڪئي.
انهيءَ وقت سنڌي ماڻھن ۾ غير معمولي جوش ۽ ناراضگي هئي سنڌين ڄاتو ٿي ته سندن مقدس حق آزادي جا اورانگهيا ويا آھن.
ميرن کي جڏهن معلوم ٿيو ته جوش ۾ آيل سنڌي ماڻھن 12 تاريخ آئوٽرام کي درٻار منجهان ٻاهر نڪرڻ تي سندس ساٿين سميت خون ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي تڏهن هنن ان ڏينهن تي آئوٽرام کي پنهنجي مکيه درٻارين ۽ بلوچ سردارن جي پهري هيٺ ريزيڊنسي ڏانهن واپس موڪليو هو. ان کانپوءِ به ميرن پنهنجا خاص ماڻهو موڪلي ميجر آئوٽرام کي واقف ڪيو ته، پنهنجي بچاءَ لاءِ اسان جي فوجي مدد وٺو ڇو جو سنڌي ماڻھن ۾ تمام گهڻو جوش آهي.
پر آئوٽرام پنهنجي بچاءَ لاءِ ڪابه مدد وٺڻ کان انڪار ڪيو. هو پاڻ خواهان هو ته بلوچ من ان حالت ۾ ڪو اڳرائيءَ وارو قدم کڻن.
15 فيبروري تي ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته چند بلوچن جي هڪ جوش ۾ آيل گِروھه وڃي شايد ريزيڊنسي تي حملو ڪيو، جنهن ۾ هڪ سؤ انگريز سپاهي ۽ عملدار رهيل هئا. اهي ٽي ڪلاڪ سنڌين جي حملي جو مقابلو ڪرڻ بعد جهازن ۾ چڙهي سر نيپئر ڏانهن روانا ٿي ويا.
آئوٽرام پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو آهي ته ريزيڊنسي تي حملو ڪندڙ بلوچ سنڌين جو تعداد اٺ هزار هو ۽ وٽن توبون پڻ هيون. انهن اٺن هزارن ماڻهن توبن سان هڪ جاءِ تي حملو ڪيو جنهن ۾ هڪ سؤ ماڻهو هئا، پر انهن هڪ سؤ ماڻهن مان فقط ٻه ڄڻا مئا ۽ ڪي ڦٽيا! جي توبن جي سچ پچ گولا باري ٿئي ها ۽ اٺ هزار ماڻهو حملو ڪن ها ته نهايت سولائي سان نه رڳو انهن هڪ سؤ انگريزن جي ڪا ٻوٽي نه لڀي ها پر ريزيڊنسيءَ جي جاءِ تي شايد کنڊر به نظر ڪين اچي سگهن ها.
15 فيبروريءَ شام جو حڪمران ميرن کي پاڻ سان شامل ڪرڻ جي سڀني ڪوششن ۾ ناڪامياب ٿيڻ بعد عام ٽالپرن سميت سڀني سنڌي باشندن مياڻي جي موزون هنڌ وٽ پهچي جنرل نيپئر جي فوج سان مقابلي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
مياڻيءَ ميدان ۾ گڏ ٿيندڙ بلوچ سردارن ۾ جان محمد خان ٽالپر، غلام خان لغاري، غلام علي خان نظاماڻي، غلام شاھه خان ٽالپر ۽ ٻيا سنڌي سردار هئا. ٻين مجاهدن جا اسماءِ گرامي معلوم نه ٿي سگهيا آهن.
مشهور انگريز مؤرخ مسٽر ايڇ ٽي لئمبرڪ پڻ تائيد ڪئي آهي، ته هن جنگ ۾ ٽالپرن مان خاناڻي، شاهواڻي ۽ چاڪراڻي شامل هئا. ٻين سنڌي قبيلن ۾ نظاماڻين گهڻي ۾ گهڻو داد شجاعت حاصل ڪيو. جمالي، چانگ، گوپانگ، ترائي، ڇلگري، جتوئي، باگراڻي، مري ۽ لاشاري پڻ ڪنهن کان به پٺتي نه پيا، جن پنهنجي بهادري ۽ شجاعت جا جوهر ڏيکاريا. رند ، لغاري ۽ ٺوڙها پڻ جنگ ۾ شامل هئا. انهن سنڌي قبيلن کان سواءِ جيڪي غير سنڌي مجاهد، وطن جي آزاديءَ جي حفاظت لاءِ مياڻيءَ جي ميدان ۾ سنڌين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي انگريزن خلاف وڙهيا تن ۾ ميرن جي فوج جي کٽياڻ پٺاڻن شاندار مقابلو ڪيو. ڪيترن خدمتگارن به مردانگي ۽ شجاعت جا مثال قائم ڪيا. انهن کان سواءِ ڪيترا مشهور سيد ۽ پير به مياڻي جي جنگ ۾ شامل هئا ۽ فتح محمد شاهه لڪياري وارو ان جنگ ۾ شهيد ٿي ويو. سومرن ۽ کوکرن به اعلى درجي جو مقابلو ڪيو. حيدرآباد ۽ تر جا ڪي هندو پڻ انگريزن خلاف وطن جي حفاظت لاءِ ٻين وطني باشندن سان دوش بدوش لڙيا، پر افسوس آهي جو انهن بابت تفصيل معلوم نه ٿي سگهيا آهن.
مياڻيءَ جي جنگ وقت ڪهڙي حالت هئي خيرپور جي فوج ۽ ان علائقي جا عام سنڌي قبيلا خيرپور ۾ ئي رهيل هئا. اتان جي بلوچ سردارن کي علي مراد خان کانئن جاگيرون وغيره ڦري وٺڻ جا دڙڪا ڏيئي اتي ئي پريشان رکيو هو. ميرپورخاص جو شير محمد خان ۽ سندس ڪو به ماڻهو مياڻي نه پهچي سگهيو هو. خود حيدرآباد جي ميرن سان شامل سنڌي ماڻھن جي طاقت به پوري انداز ۾ گڏ نه ڪئي ويئي هئي جو حاڪمن مقابلي لاءِ تيار نه هجڻ ڪري قوم کي گڏ ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش ڪانه ورتي. خود ڪيترا سندن عزيز ۽ ڀائر جي ڪن سببن ڪري ساڻن ناراض هئا سي به نڪي پاڻ شامل ٿيا نه هنن جا ماڻهو. صوبدار خان ۽ مير محمد خان نڪي پاڻ شامل ٿيا نه سندن ماڻهو.
سنڌين جي اهميت هڪ شاهي انبوهھ کان مٿي نه هئي. سندس پياده فوج وٽ هٿيار به پورا نه هئا سندس گهوڙي سوار فوج اهڙن سوارن تي مشتمل هئي جن ۾ ڪو به ضابطو نه هو ۽ جنگي فن کان بلڪل ناواقف هئا. ڪن ٿورن وٽ چڱا گهوڙا هئا ورنه اڪثريت گڏهن جهڙن گهوڙن تي سوار هئي ۽ تنهن جو به سپهه سالار وري مخفي طرح انگريز جو پگهاردار هو.
گڏ ٿيل سنڌي انبوھه ۾ ڪن وٽ تلوارون ۽ منهن سان ڀرڻ واريون بندوقون هيون ته ڪن وٽ لٺيون هيون ڪيترن وٽ ته اصل هٿيار ئي نه هئا. انهيءَ گڏ ٿيل لشڪر ۾ وڏو انداز ذاتي خدمتگارن جو هو.
اهو وڏي ۾ وڏو ڪوڙ آهي ته انگريزي فوج ڪل 22 سؤ هئي ۽ سنڌي لشڪر 27 هزارن جي لڳ ڀڳ هو ۽ ايڏي وڏي لشڪر کي انگريزن “ڀڳڙن وانگر پئي ڀڳو.”
اهو وڌاءُ سر چارلس نيپئر ۽ سندس ساٿين فقط پنهنجي شهرت ۽ دفاع لاءِ ڪيو جو پوءِ انگريز پرست قصيده خوانن انهيءَ ڪوڙ کي هميشه لاءِ سنڌ جي تاريخ ۾ ئي داخل ڪري ڇڏيو.
17 فيبروري 1843ع محرم الحرام جي به 17 تاريخ هئي ۽ جمعي جو ڏينهن هو! سنڌ جي سورمن پنهنجي خون سان مياڻيءَ جي اڃايل زمين کي انهيءَ لاءِ سيراب ڪيو ته جيئن ماضيءَ جي تاريخ لکندڙن کي ائين چوڻ جو وجھه نه ملي ته سنڌي ماڻھن پنهنجي حاڪم اڳواڻن جي ڪمزوري ۽ اندروني نفاق سبب بنا مقابلي غلاميءَ جو ڳٽ پنهنجي ڳچيءَ ۾ وڌو.
جنرل نيپئر مياڻيءَ جي بلڪل ويجهو پهچي ڪئپٽن جان جيڪب کي حڪم ڏنو ته پنهنجي گهوڙي سوار دستي سان وڃي گڏ ٿيل سنڌي سپاهين جي پوزيشن ۽ بيهڪ وغيره جي ٺيڪ ٺيڪ چڪاس ڪري اچي. ۽ جيڪب جي موٽڻ تي اتر کان ساڄي پاسي توبون نسب ڪري گولا باري شروع ڪرڻ جا حڪم ڏنائين جنهن کان پوءِ هڪدم جنگ شروع ٿي وئي.
وليم نيپئر پنهنجي تصنيف “فتح سنڌ” ۾ جنگ بابت لکيو آهي ته:
“جنگ تمام ڇتي هئي ۽ ٽن والن جي فاصلي تان ۽ بعضي ته هٿون هٿ سخت چڪريون لڳيون جن ۾ سنگين ۽ تلوار جو سخت مقابلو ٿيو. ڪيترن ئي وقتن تي سنڌي سورمن جي سخت مقابلي ڪري سارين ريجمينٽن کي پنهنجا پير کوڙي نه سگهڻ ڪري پٺتي هٽڻو ٿي پيو.
مياڻيءَ ۾ سنڌين جي هار جو ذڪر ڪندي سر وليم نيپئر پنهنجي تصنيف “ڪانڪئيسٽ آف سنڌ” ۾ لکي ٿو ته:
چڪريءَ ۾ ڪنهن به هڪ ڌر ٻيءَ ڌر سان ڪا به نرمي ڪانه ڪئي ۽ نه وري ان جي ڪنهن کي ڪا اميد ئي هئي. يورپين، ديسي سپاهي يا سنڌي سپاهي هر ڪو هڪ ٻئي کان وڌيڪ بي رحمي ۽ جانڪنيءَ سان وڙهيو. زندگيءَ عيوض زندگيءَ ورتي ٿي وئي ۽ موت جو بدلو موت سان ادا ڪيو ٿي ويو. ٻنهي ڌرين ۾ بي انداز جوش هو ۽ بي حساب خونريزي ۽ تباهي ٿي.
(هلندڙ)