ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان جي مستقبل تي نوان سوال!

Editorial-Article-Allah Bux Rathor

موجوده حڪومت جي مخالفن جو خيال آهي ته عمران خان هاڻ Irrelevant ٿي ويو آهي، ان ڳالهه جو احساس هن کي به ٿي ويو آهي ته هو تيزي سان پاسيرو ٿي رهيو آهي ۽ سياسي ڪاريڊور ۾ نيون سياسي قوتون يا وري اهي جن کي عمران خان جن کي عوام دشمن، ڦورو، ايستائين جو لٽيرو قرار ڏنو هو، انهن جي پاپولرٽي ۾ بهتري آئي آهي. هي حلقا ان صورتحال بابت چون ٿا ته جنهن وقت ڪا عوام ۾ مقبول پارٽي به اقتدار ۾ ايندي آهي ته اها عوام جي دل ۽ دماغ تان لهي ويندي آهي، ڇاڪاڻ ته اها عام ماڻهوءَ جي اميد تي پوري نه لهندي آهي، ساڳيو معاملو موجوده حڪمرانن سان به جڙيل آهي، حڪومتي ترجمان ته هينئر به غلط فهمي جي ڪُن ۾ غلطان آهن ۽ سمجهن ٿا ته عمران خان عوام ۾ ماضي جيان مقبول آهي ۽ ان سامهون جيڪي به اڳواڻ آهن، اهي ڄامڙا آهن. هي اصل ۾ حقيقتن کان منهن موڙڻ واري ڳالهه آهي. هينئر سڀ کان خطرناڪ ڳالهه هي سامهون آئي آهي ته پي ٽي آءِ جي اندران مخالف آواز سامهون اچي رهيا آهن، اهي ايستائين جو عمران خان جي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ شهباز شريف سان گڏ مخالف ڌر جي ٻين اڳواڻن سان ملاقاتون ڪري نئين سيٽ اپ لاءِ تيار ٿيندڙ حڪمت عملي جو حصو ٿي رهيا آهن، ان حوالي سان جهانگير ترين، عمران خان کي تيزي سان نقصان پهچائي رهيو آهي، هن جي دعوا آهي ته کيس 30 کان وڌيڪ ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جي حمايت حاصل آهي ۽ سياسي قيادت سان ملاقاتن ڪرڻ ۾ هن کي ڪوبه عيب محسوس نٿو ٿئي، جهانگير ترين جي سرگرمين عمران خان کي گهڻو پريشان ڪيو آهي، اهو ئي سبب آهي، جو هڪ اهڙو موڙ آيو جو وزير اعظم، پنهنجن ويجهن دوستن سان مشورا ڪري جهانگير ترين کي گرفتار ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي، پر پوءِ کيس ٻڌايو ويو ته ائين ڪرڻ سان جهانگير ترين جي همدردين ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو ۽ ٻيا به ڪيترائي پي ٽي آءِ جا اڳواڻ ۽ چونڊيل نمائندا، هن سان همدرديون ڪندا، هي عمران خان لاءِ بيڪ فائر ثابت ٿيندو، انڪري معاملي کي في الحال ٽاريو ويو آهي.
جنهن ويل هي انڪشاف ٿيو ته جهانگير ترين، شهباز شريف سميت ٻئي سياسي قيادت سان ڳجهي انداز ۾ مليو ته هي ڳالهه وزير اعظم هائوس تائين پهتي. عمران خان جي حڪومت جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ جي حمايت ڪرڻ وارين خبرن جي ڪري مارڪيٽ ۾ ڌماچوڪڙي ٿي، ڇاڪاڻ ته هن نوعيت جا گروپس جيڪي ڪيتري عرصي کان پاڻ کي عمران خان کان پري ڪري رهيا آهن، اهي اصل ۾ ڪنهن طاقتور ڌر جي اشاري جو انتظار ڪري رهيا هئا، ڇاڪاڻ ته هو عمران خان جي پينل تي انڪري سامهون آيو ته کين اهڙي اسائنمنٽ ڏني وئي هئي، هاڻ اهي قوتون ناراض آهن ۽ پاڻ کي سياسي معاملن کان پرڀرو ڪري رهيون آهن. ان حوالي سان صدر عارف علوي جي ٽياڪڙي ۾ ٿيل اجلاس ۾ به واضح طور تي چيو ويو هو ته حڪومت جو ڪم آهي، سياسي معاملن کي منهن ڏيڻ، انهن قوتن کي سرحدن جي حفاظت ۽ سيڪورٽي جي صورتحال کي ڏسڻ ڏنو وڃي. ان کان اڳ اهڙي صورتحال ورلي نظر آئي، انهن ڳالهين، عمران خان کي گهڻو پريشان ڪيو، هن کي تازوئي پنجاب ۾ ڪيل جلسي دوران به وزن جي خبر پئجي وئي. عمران خان مخالفن جي خلاف ساڳيون ڳالهيون ورجائي رهيو هو، ان دوران جلسي ۾ هڪ طرف گهٽ شرڪت تي حيرانگي ظاهر ڪئي وئي، ته ٻئي پاسي وري پارٽي جي ڪارڪنن ۾ به جوش جذبو نه هو. ان سان عمران خان جي پريشاني ۽ ويڳاڻپ ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو. هاڻ حڪومت جا مخالف چون ٿا ته عمران خان وڌيڪ عوامي جلسن کان پاسو ئي ڪندو، ڇاڪاڻ ته اهي ان کي وائکو ڪري رهيا آهن. چون ٿا ته انهن جلسن جو اعلان انڪري ڪيو ويو هو ته واڳ ڌڻين، جنهن کي اسٽيبلشمنٽ سڏجي ٿو، ان کي ٻڌائڻو هو ته هو ڀلي منهن موڙي وڃن، پر عوام هنن سان گڏ آهي، پر هاڻ حڪمرانن کي پيغام مليو ته هي اسٽيبلشمنٽ ئي هئي، جيڪا عوامي مقبوليت کي ظاهر ڪري رهي هئي، هاڻ اها وڌيڪ سياسي سيڙپ ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.
حڪومت بي اعتمادي جي رٿ کي رڳو طاقت جي زور تي ناڪام بنائڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿي، پر جڏهن سياسي ويڪيوم پيدا ٿيندو آهي ته طاقت جو استعمال به ختم ٿي ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته مختلف قوتون، معاملن کي مينيج ڪري رهيون هونديون آهن. حڪومتي ادارن ۾ ويٺل به سوچيندا آهن ته هو لهندڙ سج جو گهڻو ساٿ ڏئي نٿا سگهن. جڏهن ٻڏتر واري صورتحال هجي ۽ ڌنڌ ڇائنجي وڃي ته هٿ هٿ کي ۽ پير پير کي ڏسي نه سگهندو آهي. ان دوران مختلف ادارن لاءِ مشڪل ٿي ويندو آهي ته اهي حڪومت جي حمايت ڪن ته ڇو ڪن؟ ڇاڪاڻ ته غير يقيني واري صورتحال ڪنهن مضبوط نظام کي پورو ڪري ڇڏيندي آهي، هينئر به ائين ئي ٿي رهيو آهي. مخالف ڌر پنهنجي حڪمت عملي کي ڳجهو رکيو آهي ۽ هو سياسي قوتن سان گڏ غير سياسي قوتن کي باور ڪرائي رهيا آهن ته هو معاملن کي سنڀالڻ لاءِ تيار آهن ۽ حڪومتي صفن ۾ جيڪي واڳ ڌڻين جي اشارن تي پاور جو حصو ٿيا، انهن کي به انتظار ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي. هينئر ڪي اهڙا گروپ به آهن، جن کي ڪو سگنل به نه ملي رهيو آهي، جن ۾ چوڌري ڀائر به شامل آهن، انڪري اهي پنهنجن مفادن کي سامهون رکندي فيصلا ڪرڻ تي مجبور آهن. ڪنٽرول ٽاور پڻ پاسيرو ٿيو آهي ته جيئن ٻڏتر واري صورتحال ڪجهه بهتر ٿئي ۽ هو ٻيهر سياسي قوتن کي مينيج ڪري وٺن.
هي خبرون به آهن ته حڪومت مخالفن توڙي پنهنجن ئي اسيمبلي ميمبرن تي نظر رکڻ لاءِ ٻن اهم ادارن کي ڪم سان لڳايو آهي، پر انهن جي وس کان معاملا مٿانهان آهن. ان سان گڏ مخالف ڌر هڪ ئي وقت مختلف حڪمت عملين تي سوچي رهي آهي، هي به حڪمت عملي جو حصو آهي ته اهي پي ٽي آءِ جا ميمبر جيڪي حڪومتي صفن مان نڪرڻ گهرن ٿا، انهن کي استعيفا لاءِ چيو ويندو ۽ ان کانپوءِ وزير اعظم کي چيو ويندو ته اهو اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ وٺي ۽ هن جي ناڪامي سان حڪومت پنهنجي ليکي ختم ٿي ويندي.
هينئر حڪومت ڪيتري غير مقبول ٿي وئي آهي، هي ڳالهه ته واضح پئي آهي، باقي مخالف ڌر جنهن تيزي سان اڳتي وڌي پئي، اها عمران خان لاءِ پريشانيون پيدا ڪري رهي آهي. عمران خان لاءِ چيو ٿو وڃي ته هو رڳو سوشل ميڊيا تي مقبول آهي. ايستائين جو گيلپ سروي جيڪي عام طور تي چونڊن کان اڳ ٿيندا آهن، انهن ۾ به عمران خان جي مقبوليت گهٽجندي محسوس ٿي رهي آهي. هينئر پاڪستان گيلپ سروي به سامهون آيو آهي اهو توڙي جو زميني صورتحال کي واضح نٿو ڪري، ان جي باوجود هڪڙي ڳالهه واضح نظر اچي پئي ته نه صرف سمورن صوبن پر خاص ڪري ڪي پي ڪي جهڙو صوبو، جتي عمران خان جي دعوا هئي ته هو گهڻو مقبول رهيو آهي، اتي به تيزي سان غير مقبول ٿي رهيو آهي، ان حوالي سان ڪجهه Flaws به سامهون آيا آهن، اهي صوبا يا ايڪائيون، جتي عمران خان جا گهڻا اسٽيڪ نه هئا، اتي به هو غير مقبول ٿيو آهي، نواز شريف جي حوالي سان جيڪي انگ اکر سامهون آيا آهن، اهي به واڌاءَ تي ٻڌل لڳن ٿا. جيڪڏهن عمران خان لاءِ چيو وڃي ته هن جي مقبوليت جو گراف جيڪو ڪي پي ۾ 67 سيڪڙو ڄاڻايو ويو هو، اهو 44 سيڪڙي تائين ٿي ويو آهي، هي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي، هي به سمجهڻ لائق آهي ته 2018 ۾ وزير اعظم جو سنڌ ۾ گراف 33 سيڪڙو هو، جيڪو هاڻ 12 سيڪڙي تائين رهجي ويو آهي، پر هي ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته سنڌ ۾ نواز شريف جي مقبوليت جو گراف 51 سيڪڙو آهي، جڏهن ته شهباز شريف 41 سيڪڙو مقبول آهي. هي ڳالهه به سمجهڻ جهڙي آهي ته سنڌ ۾ بلاول ڀٽو يا آصف زرداري جي مقبوليت 37 سيڪڙو آهي. ان جو مطلب ته سنڌ ۾ جيڪڏهن عام چونڊون ٿين ته ن ليگ حڪومت ٺاهيندي ۽ اها پنجاهه سيڪڙي کان وڌيڪ ووٽ کڻندي. ان حوالي سان ماضي قريب ۾ ن ليگ جي پوزيشن ڪا گهڻي بهتر نه هئي، اها پنهنجي پراڻي پوزيشن کان به پوئتي هلي وئي هئي. هينئر عمران خان جي خلاف وڌيڪ سرگرمي سنڌ ۾ آهي ۽ حڪومت خلاف لانگ مارچ به سنڌ کان شروع ٿي رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ ن ليگ يا پي ٽي آءِ ڪيئن اڳڀريون نظر اچي سگهن ٿيون. هي گيلپ سروي، جنهن ۾ صرف پنج هزار ماڻهن حصو ورتو، اهي پنجاب سان لاڳاپيل آهن، يا سنڌ وارن وڌيڪ حصو ورتو، ان جي خبر ناهي، پر هي 22 ڪروڙ عوام ۾ هي زيرو زيرو زيرو ڏهائي هڪ کان به گهٽ آهن. ها ايترو ضرور چئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن عمران خان جي خلاف بي اعتمادي واري رٿ ڪامياب ٿي وڃي ٿي ته ان کانپوءِ نئون منظرنامو سامهون ايندو، ان دوران ڪهڙي پارٽي ڪيتري پوزيشن ۾ هوندي، اهو طئي ٿيڻو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button