ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سياست جون رمزون ۽ دلچسپ نظارا!

Editorial-Article- Ali Muhammad Memon

اسان جي ملڪ جي سياست واريون رمزون به گهڻيون دلچسپ ۽ عجيب آهن، يقينن، قوم ۽ ملڪ اڄ اهي نظارا ۽ منظر ڏسي رهيا آهن ته، پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو سربراهه مولانا صاحب ۽ ٻيون پهلوان ڌريون ۽ جماعتون، اڄ وري ملڪ جي انهي جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ قيادت کي ڀاڪر پائي، دعوتون ڪرڻ ۽ راضي ڪرڻ لا ڪاوشون ڪري رهيون آهن، جنهن جماعت ۽ ان جي قيادت کي سندن ئي ٺاهيل سياسي اتحاد پي ڊي ايم مان بي مانائتو ڪري ڌڪي ڌار ڪيو ويو هو ۽ ان اتحاد جي عهدن ۽ ڪرسين کي پنهنجين ٽنگن ۽ رسن جا وراڪا ڏئي پاڻ سان ٻڌي ويهي رهيا هئا، ڄڻ ته ملڪ ۽ دنيا جي سموري دولت، جنت ۽ راحت جا چشما ۽ خزانا انهن کي هٿ لڳي ويا هجن، جنهن کي هو ورهائڻ لا ڪنهن به صورت ۾ تيار ئي نه هئا پر اڄ اهي سورما ۽ پهلوان وري انهي ئي جماعت کي پنهنجو ڪرڻ ۽ ان جي قيادت کي پنهنجو اڳواڻ ڪرڻ لا نه صرف تيار ٿي ويا آهن پر وزير اعظم عمران خان واري حڪومت مان نجات ڏيارڻ ۽ انهي جي جا تي آصف علي زرداري کي وزير اعظم طور قبول ڪرڻ لا حيلا، هجتون ۽ تڪرار ڪري رهيا آهن. يقينن! ملڪ جي سياست گري ۾ اهي تمام گهڻا دلچسپ منظر آهن. وقت وڏو ظالم آهي جيڪو هر ڪنهن کي پنهنجو وساريل سبق ياد ڪرائي ٿو ڇڏي ۽ هر قد ۽ بت واري اٺ ۽ جبل خان کي به آخرڪار سڌي رستي تي آڻي، وقت جي جبل هيٺ آڻي بيهاري ٿو ڇڏي. واهه سائين واهه!

لاهور ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ميان شهباز شريف طرفان پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت صدر آصف علي زرداري ۽ چيرمين بلاول ڀٽو زرداري لا خاص دعوت جو اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ ميان نواز شريف جي جانشين ڌي مريم نواز شريف پڻ سرگرم شرڪت ڪئي ۽ ٻنهي جماعتن ۾ ويڇا ختم ڪرڻ ۽ وفاق ۾ وزير اعظم عمران خان ۽ پنجاب صوبي ۾ وڏي وزير عثمان بوزدار جي حڪومتن جي خاتمي لا اتحاد ڪرڻ ۽ وڌ ۾ وڌ معاملن تي اتفاق ڪرڻ لا تفصيلي گڏجاڻي ڪئي وئي ۽ ٻه طرفن معاملن کي ڪافي حد تائين طي ڪيو ويو. پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان هڪ طرف پارليمان ۾ پارلياماني ڌرين ۾ اتحاد قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ويو آهي ته ٻئي پاسي، حڪومتن خلاف بي اعتمادي جون رٿون آڻڻ ۽ ڪامياب ڪرائڻ وارا سياسي فيصلا مخالف ڌر جي جماعتن کان مڃرائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي وئي آهي. اهو پڻ معلوم ٿي رهيو آهي ته، هاڻي انهي تحريڪ جي قيادت ڪرڻ جي ذميواري پڻ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سپرد ڪئي وئي آهي. جنهن جي نتيجي ۾ مٿين سطح جا معاملا طي ڪرڻ، ٻين حڪومتي اتحادين کي قائل ڪرڻ ۽ پاڻ سان شامل ڪرڻ وارا اهم ڪم به آصف علي زرداري تي ڇڏيا ويا آهن، جنهن پنهنجي پهرين رائونڊ ۾ مسلم ليگ ق جي قيادت چوڌري شجاعت، چوڌري پرويز الاهي ۽ اسلام آباد ۾ ٻين ڌرين سان گڏجاڻيون ڪرڻ بعد پي ڊي ايم جي صدر مولانا فضل الرحمان جي دعوت تي ساڻس ڊگهي گڏجاڻي ڪئي آهي ۽ مولانا صاحب به انهي گڏجاڻي جي نتيجن تي سرهو نظر اچي رهيو آهي. هاڻي سموري مهم کي ڪنهن نتيجي تي پهچائڻ لا آصف علي زرداري طرفان پارليامان ۾ مخالف ڌر جي وڏي جماعت مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف ۽ سندس ٽيم جي بلاول هائوس لاهور ۾ گڏجاڻي لا دعوت رکي آهي. ائين معلوم ٿي رهيو آهي ته، مخالف ڌر جي جماعتن ۾ شروع ٿيل سياسي واچوڙي مان انهي جي طوفان ۾ تبديل ٿيڻ جا آثار پيدا ٿيڻ شروع ٿي رهيا آهن. معلوم ٿي رهيو آهي ته، اپوزيشن جي تياري مڪمل آهي، جڏهن ته حڪومتي ميمبر به رابطي ۾ آهن.

ملڪ جي سياست ۾ اڄڪلهه، پاڪستان تحريڪ انصاف واري ڳري ۽ ملڪ تي بار بڻيل حڪومت مان نجات حاصل ڪرڻ ۽ پارليامان ۾ بي اعتمادي واري رٿ پيش ڪري ۽ ڪامياب ڪرائڻ ۽ وزير اعظم عمران خان کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لا پاڪستان پيپلز پارٽي کي راضي ڪرڻ، بلاول ڀٽو زرداري جي عوامي مارچ کي حڪومت کان ڇوٽڪاري لا ڪارگر بنجڻ ۽ آصف علي زرداري کي حرڪت ۾ آڻڻ کان علاوه سمورن پيرن جي درگارهن تي پڙ چاڙهڻ ۽ سکائون باسڻ وارو سلسلو پڻ هڪ ئي وقت ۾ جاري آهي. ملڪ ۾ هلندڙ حڪومت ۾ وزير اعظم عمران جيئن عام چونڊن کان اڳ پنهنجي ڪيل وڏن وڏن اعلانن، تان ڦري وڃڻ ۽ يوٽرن وٺڻ جي ڪري بدنام ٿيڻ بعد عوام ۾ پنهنجو اعتماد وڃائي ويٺو آهي ۽ رڪارڊ خراب ڪارڪردگي جي باوجود به جهڙي ريت سندس حڪومت جو چئن سالن تائين بنا ڪنهن روڪ ۽ رڪاوٽ هلي رهي آهي ته انهي ۾ حڪومت جو ڪو ڪمال نه پر مخالف ڌر جي اتحاد جو منتشر هئڻ ۽ پارليامان جي سڀ کان وڏي جماعت مسلم ليگ ن ۾ قيادت جو جهيڙو ۽ انتشار جو بنيادي ڪردار رهيو آهي. اهڙي ريت، هن وقت ظاهري طور تي مسلم ليگ ن جي قيادت يڪجا هئڻ جو تاثر ته ڏئي رهي آهي پر اها پڻ حقيقت آهي ته، مسلم ليگ جي قيادت صرف وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون بي اعتمادي جي رٿ جي ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ هٽائڻ جي حد تائين ته ضرور يڪجا آهي پر ان بعد باقي هڪ سال جي مدي لا وزير اعظم ڪير ٿيندو انهي معاملي تي مسلم ليگ نواز جي قائد ميان نواز شريف طرفان پارٽي جي صدر ۽ پنهنجي ننڍي ڀا شهباز شريف جي وزير اعظم ٿيڻ جي حق ۾ نظر نه اچي رهيو آهي ۽ ان جي پارٽي تي قابض ٿي وڃڻ وارو خوف موجود آهي. يقينن، ميان صاحب جو اهو خوف غلط به ناهي جو ميان شهباز شريف هن وقت به ذري گهٽ پارٽي جي اڌو اڌ اسيمبلي ميمبرن ۽ پارٽي جو مالڪ ئي آهي. اهڙي صورتحال ۾ مسلم ليگ نواز طرفان متبادل طور وزير اعظم جو عهدو پاڪستان پيپلز پارٽي جي صدر آصف علي زرداري جي حوالي ڪرڻ واريون خبرون گهڻيون هلي رهيون آهن.
ٻئي پاسي، حڪومت کي هٽائڻ لا پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي سربراهي ۾ عوامي هلچل واري محاذ کي پڻ تيزي سان تيار ڪيو پيو وڃي، سموري ملڪ ۾ ماحول گرم ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي. پشاور ۾ پارٽي جي ڪوٺايل اجتماع سان چيئرمين بلاول طرفان خيبر پختونخواهه ۾ پارٽي کي متحرڪ ٿيڻ ۽ 8 مارچ تي جلوسن جي صورت ۾ اسلام آباد پهچڻ جي هدايت ڪئي آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي 27 فيبروري تي ڪراچي کان اسلام آباد لا عوامي لانگ مارچ شروع ٿيڻ وارا ڏينهن جيئن جيئن ويجهو اچي رهيا آهن ته، ڪراچي ۾ جيالن جون سرگرميون پڻ وڌي رهيون آهن، ڪراچي شهر جون داخلي ۽ خارجي گذرگاهون، رستا، چوڪ ۽ چوراها رنگ برنگي بينرن، جهنڊن سان سينگارجي رهيا آهن. پيپلز پارٽي جي سياسي سرگرمين جو عوامي رنگ ۽ خاصيت اها آهي ته، جيالن طرفان بينرن تي پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جون تصويرون ته ڪجهه نمايان ڪري لڳايون وڃن پيون پر وقت گذرڻ سان گڏ پارٽي جي باني چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽو، محترمه بينظير ڀٽو ۽ هاڻي آصف علي زرداري جون تصويرون پڻ ننڍيون ٿينديون پيون وڃن. انهي قسم جي ايڊورٽائزنگ ۽ مشهوري واري عمل ۾ سيڙپ ڪندڙ ڌريون يا بينرن جا خرچ ڀريندڙ ڌرين ۽ شخصيتن جون تصويرون اڪثر قيادت جي قد بت کان به وڏيون ڪري لڳايون پيون وڃن. ائين معلوم ٿي رهيو آهي ته مشهوري جي معاملي ۾ پارٽي جي ڪنهن به قسم جي ڪا مرڪزي يا صوبائي رٿابندي يا ضابطو طي ٿيل ناهي ۽ سمورن جيالن کي مڪمل آزادي مليل آهي ته هو جيئن به چاهين پنهنجي پسند ۽ ضرورت موجب پارٽي، قيادت ۽ پنهنجي مشهوري ڪري سگهن ٿا پر تحريڪ هر صورت ۾ زور ۽ شور سان وڌڻ گهرجي. اهڙي قسم جا نظارا هن وقت ڪراچي ۽ صوبي جي ٻين شهرن ۽ ڳوٺن کان علاوه سموري ملڪ ۾ پڻ ڏسي سگهجن ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button