ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

وڌندڙ سياسي گرمي پد

Editorial

ڪجهه وقت ملڪ ۾ سياسي گرمي پد ۾ واڌ اچي رهي آهي. ملڪ جون اپوزيشن پارٽيون وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ جون تياريون ڪري رهيون آهن. تازو ئي وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي جي رٿ لا پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي يو آ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي آهي. ملاقات کانپو گڏيل بيان جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ”ملاقات ۾ سياسي صورتحال تي صلاح مشورا ۽ بي اعتمادي رٿ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.“ مولانا فضل الرحمان چيو ته ”نااهل ۽ نالائق حڪمرانن جي وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي، مهانگائي ۽ بيروزگاري کان ماڻهو تنگ اچي چڪا آهن ۽ سليڪٽڊ حڪومت عوام ۾ پنهنجو اعتماد وڃائي چڪي آهي.“ هن وڌيڪ چيو ته ”اپوزيشن هن ڀيري سمورين پارٽين کي اعتماد ۾ وٺي ميدان ۾ لهندي.“ جڏهن ته پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته ”عوام جون نظرون اپوزيشن تي آهن، حڪومت جا اتحادي به حڪومت کان تنگ ٿي چڪا آهن.“ هن چيو ته ”اپوزيشن جي تياري مڪمل آهي جڏهن ته حڪومتي ميمبر به رابطي ۾ آهن.“ ٻئي طرف آصف علي زرداري ۽ شهباز شريف وچ ۾ پڻ اڄ ملاقات ٿي رهي آهي جيڪا بلاول هائوس لاهور ۾ ٿيندي. جڏهن ته حڪومت خلاف بي اعتمادي جي ڪوششن جي سلسلي ۾ جماعت اسلامي جي امير سراج الحق سان ملاقات جو پڻ فيصلو ڪري ورتو آهي، اها ملاقات 24 فيبروري تي ٿيڻي آهي. جڏهن ته وزيراعظم جو وري چوڻ آهي ته ”اپوزيشن کي چوان ٿو ته توهان کي گهٻرائڻو ناهي.“
ٻئي پاسي تحريڪ انصاف اڳواڻ فياض الحسن چوهاڻ ن ليگ صدر شهباز شريف ۽ جهانگير ترين ۾ ٿيندڙ ڳجهي ملاقات جي حوالي سان انڪشاف ڪيو آهي. خانگي ٽي وي چئنل جي شو ۾ ڳالهائيندي فياض الحسن چوهاڻ چيو ته ”جهانگير ترين پي ٽي آءِ سيڪريٽري جنرل طور پنهنجي ذميواري بهتر طريقي سان نڀائي.“ جهانگير ترين ۽ شهباز شريف جي ملاقات بابت هن چيو ته ”ٻه ڏينهن اڳ شهباز شريف جي جهانگير ترين سان ملاقات ٿي، اها ملاقات مخدوم احمد محمود جي رهائشگاهه تي ٿي.“ هن جهانگير ترين کي صلاح ڏيندي چيو ته ڪڏهن به آل شريف ۽ شهباز شريف تي يقين نه ڪجو، جهانگير ترين کي زندگي ۾ ڪڏهن به آل شريف طرفان چڱائي نٿي ملي سگهي. سندس چوڻ هو ته شهباز شريف اهو شخص آهي، جنهن جي هٿن ۾ فيصلي جي قوت ئي ناهي، چوڌري نثار به فيصلو ڪرڻ جي قوت نٿو رکي، جهانگير ترين حالتن ۽ واقعن کي ڏسي فيصلو ڪري، ڪا بي اعتمادي رٿ نه ايندي، انهن ماڻهن کي خبر ئي ناهي ته بي اعتمادي رٿ ڪٿان ايندي. فياض الحسن چوهاڻ دعويٰ ڪئي ته ن ليگ جا 15 پنجاب اسيمبلي ميمبر اسان کان ٽڪيٽ گهري رهيا آهن.
جڏهن ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته لانگ مارچ حڪومت خلاف ۽ بي اعتمادي جي حق ۾ هوندو، اسان جي ڪاميابي اها آهي ته بي اعتمادي جي مخالفت ڪندڙ ساٿي به ان ئي پيج تي اچي ويا آهن. پشاور ۾ ورڪرز ڪنوينشن سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ 27 فيبروري کان عوامي مارچ شروع ڪري رهي آهي، عوامي مارچ نالائق، ناجائز ۽ نااهل حڪومت خلاف آهي، اسان پهرئين ئي ڏينهن کان وزيراعظم کي سليڪٽڊ قرار ڏنو هو. هن چيو ته لانگ مارچ حڪومت خلاف ۽ بي اعتمادي رٿ جي حق ۾ هوندو، اسان جي ڪاميابي اها آهي ته بي اعتمادي جي مخالفت ڪندڙ به ان ئي پيج تي اچي ويا آهن، بي اعتمادي نه آڻڻ جا خواهشمند اسان جو موقف ورجائي رهيا آهن، دوست چوندا هئا ته استعيفيٰ ڏيو، اليڪشن ۾ حصو نه وٺو پر اسان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ هٿ ٺوڪئي جو ڄمي مقابلو ڪيو. سندس چوڻ هو ته اسان اها جماعت ناهيون، جيڪا ڪنهن ٻئي اداري کي چئي ته انهن کي ڪڍو، اسان اها جماعت ناهيون جيڪا پي ٽي وي يا پارليامينٽ تي حملو ڪري، عمران خان تبديلي جو واعدو ڪيو، تباهي کانسواءِ ڪجهه نه ڏنو، هن جو هر واعدو ڪوڙو هو، يوٽرن تي يوٽرن وٺندو آهي، اسان چيو هو ته حڪومت کي هٽائڻ لاءِ رڳو جمهوري طريقو استعمال ڪنداسين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 8 مارچ تي اسان اسلام آباد ۾ گڏباسين ۽ قوم سامهون مطالبا رکنداسين، اسان حڪومت خلاف جنگ جو اعلان ڪيو آهي، اسان ضياءُ الحق، پرويز مشرف ۽ هاڻ سليڪٽڊ جو مقابلو ڪري رهيا آهيون، ٻيون جماعتون به اسان جي حمايت ڪري رهيون آهن، اسان نڪرنداسين ته هر صوبي لاءِ نڪرنداسين، ڪو اڪيلو ڪجهه نٿو ڪري سگهي، توهان جي ساٿ جي ضرورت آهي.
اسان سمجهون ٿا ته ملڪ ۾ جيڪو سياسي ماحول جڙي رهيو آهي، ان جا فائده عوام کي ملڻ گهرجن. هنن حڪمرانن پوڻن چئن سالن کان وٺي عوام جو جيڪو حشر ڪيو آهي، ان سان عوام لا جسم ۽ ساهه جو رشتو قائم رکڻ محال ٿي پيو آهي. تنهنڪري، ملڪ جون سياسي ڌريون جيڪا به اڳڀرائي ڪن ٿيون، سڀ کان پهرين عوام جي مفادن کي آڏو رکي ڪن. ساڳي وقت عوام کي ليف ڏيڻ لا انهن پارٽين کي به ڪا منصوبابندي ڪرڻ گهرجي. هن وقت عوام جن حالتن مان گذري رهيو آهي موجوده حڪمرانن ان لا جيئڻ جو ڪو به رستو نه ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button