ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پيڪا آرڊيننس: هڪ آمراڻي سوچ

Editorial-Article- Akhtar Hafeez

عمران خان نيازيءَ جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ پي ٽي آءِ جا وزير (بشمول عمران خان) ان خيال جا نظر اچن ٿا ته هنن جي پارٽيءَ کان سواءِ ملڪ جو سڄو عوام ۽ مخالف ڌر جون پارٽيون گونگيون ٿي وڃن ته بهتر رهندو. دنيا ۾ اظهار راءِ جي آزاديءَ کي چيڀاٽڻ جا سوين مثال اسان جي آڏو آهن. خاص طور تي اهڙا اپاءَ آمر وٺندا آهن. جيڪي عوامي آواز کي ڪنهن به ريت سهڻ جي سگهه ڪونه رکندا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو اهي پنهنجن مخالفن کي سزائون ڏيندا آهن پر عوام کي گونگو رکڻ لاءِ اهڙا قانون پاس ڪندا آهن، جن سان عوام جي زبان اُٿلي نه سگهي ۽ ڪوبه لفظ اچاري نه سگهي.
پي ٽي آءِ جي حڪومت اچڻ کان پوءِ هڪ ڀيرو وري عوام، سياسي ۽ سماجي ڌرين کي اهو احساس ٿيو آهي ته هڪ ڀيرو وري ڪنهن آمر جي حڪومت اچي وئي آهي. اهڙا قانون آرڊيننس وسيلي پاس ڪرايا ويا آهن، جن کي پڙهي ڏندين آڱريون اچيو وڃن پر عمران خان نيازيءَ جي حڪومت انهن کي جائز سمجهي ٿي ۽ انهن کي عوام جي ڀلي لائق سمجهندي، اهڙن قانونن جون فضيلتون ۽ برڪتون بيان ڪرڻ لڳي ويندي آهي.
تازو ئي پي ٽي آءِ حڪومت 20 فيبروريءَ تي پريوينشن آف اليڪٽرانڪ ڪرائمز ايڪٽ (پيڪا) ترميمي صدارتي آرڊيننس جاري ڪيو آهي. جنهن تحت پيمرا جو لائسنس رکندڙ ٽي وي چينلن کي مليل ڇوٽ ختم ڪئي وئي آهي.
آرڊيننس موجب تنقيد نه ڪري سگهبي. تنقيد ڪرڻ هڪ ضمانت نه ٿيڻ جوڳو ڏوهه هوندو. ڪنهن به ماڻهوءَ کي جهلي ان کي جيل ۾ واڙيو ويندو ۽ 6 مهينن ۾ ڪيس جو فيصلو ڪيو ويندو. ٽرائل ڪورٽ هر مهيني ڪيس جا تفصيل هائيڪورٽ ۾ جمع ڪرائيندي ۽ ڄاڻي واڻي غلط خبر پکيڙندڙ، ڄاڻ هوندي غلط معلومات نشر ڪرڻ، ڪنهن ماڻهوءَ جي ساک يا نجي زندگيءَ کي نقصان پهچاڻ جو ڏوهه ثابت ٿي ويو ته وڌ ۾ وڏ پنجن سالن تائين سزا ملندي ۽ 10 لک تائين ڏنڊ هوندو. ان ترميمي ايڪٽ ۾ تنقيد ۾ “منهنجو ماڻهو” جي وصف به شامل ڪئي وئي آهي. حڪومت قانونن سان قائم ڪيل ڪابه ڪمپني، ايسوسيئشن، ادارو، تنظيم ۽ اٿارٽي شامل هوندي. جڏهن ته متاثر ماڻهوءَ سان گڏ هن جو مجاز نمائندو يا سرپرست به شڪايت ڪري سگهندو.
پر ان آرڊيننس کي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي) اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کان پوءِ عدالت نوٽيس جاري ڪندي. سيڪشن 20 تحت گرفتاريون نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته ايس او پيز موجب سيڪشن 20 تحت ڪنهن شڪايت تي ڪا گرفتاري نه ڪئي وڃي. ايس او پيز تي عمل نه ٿيو ته ڊي جي ايف آءِ ۽ سيڪريٽري داخلا ذميوار هوندا. عدالت پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف پي ايف يو جي جي درخواست تي صدارتي آرڊيننس ذريعي ترميم خلاف درخواست تي اٽارني جنرل کان سهڪار لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.
پي ٽي آءِ حڪومت پاڻ تي ٿيندڙ تنقيد کان ايتري ته ڊنل آهي جو اها ڪنهن به ٻي راءِ کي ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. اهو معاملو ان وقت سامهون آيو، جڏهن سينيئر صحافي محسن بيگ عمران خان نيازي پاران پنهنجي ڪابينه ۾ ورهايل انعامن جي باري ۾ عمران خان نيازيءَ جي اڳوڻي زال ريحام خان جو حوالو ڏيندي وفاقي وزير مراد سعيد جي باري ۾ ڪا ڳالهه ڪئي هئي، جنهن کان پوءِ کيس گرفتار ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي. جنهن جي انساني حقن جون تنظيمون ۽ صحافتي برادري ڪافي ڏمريل نظر اچي رهيون آهن. پر سوال اهو آهي ته ڇا ڪنهن وزير يا ملڪ جي وزير اعظم توڙي صدر تي تنقيد ڪرڻ ايترو ناجائز آهي جو حڪومت گرفتاريون ڪرڻ کان ته نٿي ڪيٻائي پر هڪ اهڙو آرڊيننس آندو ويو آهي، جنهن سان ماڻهو اختلاف راءِ ڏيڻ ته ٺهيو پر پنهنجي ڪابه راءِ ان ڊپ کان نه ڏئي سگهندو ته متان ڪٿي جيل جي هوا نه کائڻي پئجي وڃي. هي عمل نه رڳو هڪ آمراڻي سوچ جي عڪاسي ڪري ٿو پر ان سان گڏ هاڻوڪي حڪومت جي خوف کي به ظاهر ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته جتي دنيا جا ڪيترائي ملڪ اظهار راءِ جي اهميت کي محسوس ڪندي عوام لاءِ سهولتون پيدا ڪري رهيا آهن، اتي پاڪستان جا حڪمران ماڻهن جي نڙيءَ تي ننهن ڏيڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن. عمران خان نيازي جڏهن مخالف ڌر ۾ هوندو هو ته هر قسم جي اظهار راءِ جي آزاديءَ جي ڳالهه ڪندو هو. اها ميڊيا ئي هئي جنهن هن کي صادق ۽ امين ڪري پيش ڪيو هو. اها ميڊيا ئي هئي جتي اينڪر پرسن هن جي شان ۾ قصيدا پيا پڙهندا هئا، جيڪي وڏي واڪي چوندا هئا ته تبديلي اچڻ گهرجي، تبديلي ضروري آهي ۽ عمران خان نيازي ئي اهڙو ماڻهو آهي، جيڪو عوام جي آخري اميد آهي. اڄ اهي سڀ اينڪر پرسن ۽ صحافي نه رڳو عمران خان نيازيءَ جي ظلم جو شڪار ٿيا آهن پر اهي عمران خان جي حڪومت خلاف ڳالهائڻ لڳا آهن. عمران خان نيازيءَ کي مخالف ڌر ۾ ميڊيا جي آزادي بهترين عمل لڳندي هئي پر هاڻ اها آزادي غير ضروري ٿي پئي آهي، جنهن جي ڪري هو ان کي دٻائڻ لاءِ پارليامينٽ وسيلي ڪو بل نٿو آڻڻ چاهي پر هڪ آرڊيننس جاري ڪري صحافين کي چيڀاٽڻ چاهي ٿو.
هي اهو دور ناهي، جنهن ۾ رڳو اخبارون نڪرنديون هجن ۽ پي ٽي وي جهڙو هڪڙو سرڪاري چينل هجي، جتي ماڻهو رات 9 وارو خبرنامو ٻڌي سمهي رهندا هئا. پر سوشل ميڊيا اچڻ کان پوءِ روايتي ميڊيا به سوشل ميڊيا جي محتاج ٿي پئي آهي. تنهنڪري هن قسم جون حرڪتون ڪنهن به ريت حڪومت کي ڦٻجي نٿيون سگهجن. ان ڪري عمران خان نيازيءَ جي حڪومت پنهنجي تيار ڪيل ڄار ۾ پاڻ ڦاسي پوندي. ڇاڪاڻ ته ههڙا حڪم رڳو آمر ڏيندا آهن ۽ اهي ان ڪري ڏيندا آهن ته جيئن پنهنجو پاڻ کي محفوظ رکي سگهن پر اهي ڪنهن به ريت محفوظ نٿا رهي سگهن. عمران خان نيازيءَ جي ڪيل ٻين ڪيترين ئي غلطين مان هيءَ آرڊيننس به هڪ اهڙي غلطي آهي، جيڪا کيس ڳچيءَ ۾ پوندي ۽ ان کان پوءِ هن لاءِ رستا سوڙها ٿيندا ويندا.
جيڪڏهن هو جمهوريت تي ويساهه رکي ٿو (جيڪو سندس عمل مان نٿو لڳي) ته کيس اهڙي ڪاري قانون کي ترت ختم ڪرڻ گهرجي ۽ عوام کي ڳالهائڻ ڏجي، ان کي ٻڌڻ گهرجي. ڪنهن به صحافي يا ليکڪ کي ان جي راءِ ڏيڻ جو حق ڏنو وڃي ته جيئن اهي پنهنجي اندر جو بار هلڪو ڪري سگهن. پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ جتي ماڻهو اڳ ئي عذاب ۾ زندگي گذاري رهيا آهن ۽ هاڻوڪي حڪومت اچڻ کان پوءِ ته ان جا عذاب ٻيڻا ٿي ويا آهن. ان صورتحال ۾ ضروري آهي ته هن قسم جي آڊريننس کان پاسو ڪيو وڃي. عمران خان نيازيءَ کي ياد رکڻ گهرجي ته هو ان آرڊيننس وسيلي پنهنجي ڳالهائڻ جي آزادي پڻ کسي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button