ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

يوڪرين بابت روس-آمريڪا تڪرار

Editorial-Article-Asar Imam

جڏهن ترقي پسند قوتن کان ڊپ هوندو آهي ته استحصالي قوتون پنهنجو پاڻ ۾ اتحاد ڪري وٺنديون آهن. پر جڏهن اهڙو ڊپ نه هجي ته انهن جا اندروني تضاد اڀري ايندا آهن ۽ پنهنجو پاڻ ۾ وڙهڻ جو وقت شروع ٿيندو آهي. پهرين ۽ ٻِي مهاڀاري جنگ به اهڙي صورتحال جون شاهد آهن. ڪارل مارڪس چيو هو جنگ اصل ۾ سياست کي ئي هڪڙي ٻِي صورت ۾ جاري رکڻ جو نالو آهي.
دنيا جي تاريخ شاهد آهي ته علائقن جي مالڪي توڙي وسيلن جي استعمال جي معاملي تي اختلاف چوٽ چڙهي طاقتور ڌرين کي هڪ ٻئي خلاف طاقت آزمائڻ لاءِ آماده ڪندا رهيا آهن. ٿوري ٿوري وقفي کان پوءِ اهو طئي ڪرڻ ضروري بڻجي پوندو آهي ته سڀ کان وڌيڪ سگهارو نيٺ ڪير آهي. سوويت يونين جي ٽوڙ ڦوڙ کان پوءِ آمريڪا دنيا جو اڪيلو سپر پاور بڻجي ويو هو پر جلد ئي کيس پنهنجي جوڙ جي طاقتن سان منهان منهن ٿيڻو پئجي ويو. روس به اهڙين طاقتن منجهان هڪ آهي. جڏهن اهو سوويت يونين هو، تڏهن ته آمريڪا مخالف هو ئي پر سوويت يونين کان پوءِ روس بڻجي وڃڻ تي به آمريڪا لاءِ سندس اندر ٺريل ڪونهي. روس سدائين چاهيندو رهيو آهي ته آمريڪي طاقت کي لامحدود نه ٿيڻ ڏجي ۽ خاص ڪري جڏهن اهو پولينڊ، رومانيا ۽ ٻين روسي پاڙيسري ملڪن اندر هزارن جي انگ ۾ پنهنجي فوج ترسايون ويٺو هجي. روس اهڙي صورتحال کي پنهنجي سلامتيءَ لاءِ خطرو قرار ڏيندو رهيو آهي. ڪجهه سالن کان يوڪرين واري معاملي تي آمريڪا ۽ روس وچ ۾ هلندڙ تڪرار به ان سلسلي جي ڪڙي آهي.
آمريڪا سموري دنيا کي فتح ڪرڻ لاءِ پنهنجو بي لغام گهوڙو ڊوڙائيندو اچي روس جي سرحدن تي پهتو آهي، ان ڪري روس وٽ عدم تحفظ جو احساس منطقي ۽ فطري آهي.
پنج هزار لفظن تي مشتمل روس چين معاهدي کانسواءِ وڏي خبر اها آهي ته گذريل هفتي روسي اختيارين اعلان ڪيو ته سندن فوجي مشقون مڪمل ٿي چڪيون آهن، ان ڪري اهي يوڪرين جي آس پاس موجود پنهنجي فوج واپس بيرڪن ۾ موڪلي رهيا آهن. جڏهن ته حقيقت ان جي ابتڙ اها آهي ته روسي صدر پيوتن بيلاروس ۽ ڪرائيميا ۾ وڌيڪ ست هزار فوج مقرر ڪئي آهي. جنهن کان پوءِ يوڪرين جي سرحدن تي روسي فوج جو انگ وڌي هڪ لک 90 هزار بڻجي چڪو آهي.
ان ڳالهه جا چِٽا امڪان آهن ته پيوتن اوڀر يوڪرين ۾ موجود روسي نسل جي يوڪريني شهرين کي بچائڻ جو بهانو بڻائي يوڪرين تي چڙهائي ڪري ڏئي. اوڀر يوڪرين ۾ روس جا پٺي ٺپيل عليحدگي پسند موجود آهن، جيڪي حڪومت خلاف هٿياربند ڪارروايون پڻ ڪري رهيا آهن. يعني روس به اها ئي اٽڪل استعمال ڪندو جيڪا آمريڪا هن وقت تائين پنهنجي قبضي گيريءَ جي حمايت ۽ وڪالت لاءِ استعمال ڪندو آيو آهي. ان ڪري آمريڪا کي روس جي اهڙي رويي تي حيران يا ارهو نه ٿيڻ گھرجي.
روسي صدر ولاديمير پيوتن کي چالاڪ رياستي سربراهه طور سڃاتو وڃي ٿو. هُو سدائين صورتحال جو چڱيءَ ريت جائزو وٺڻ کان پوءِ ئي ان حساب سان پنهنجي حڪمت عملي ترتيب ڏيڻ جو ماهر آهي. ڊگهو عرصو اقتدار ۾ رهڻ ۽ اولهه جي ميڊيا، خاص ڪري آمريڪي پروپيگنڊا جي نتيجي ۾ سندس ساک کي جيڪو نقصان پهتو آهي، ان جو ازالو ڪرڻ لاءِ به يوڪرين وارو بحران سندس مددگار بڻجي رهيو آهي. جيئن اسين مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته هُو جنگ جي تياري ۽ عملي طرح ميدان ۾ اچي بيهڻ کان هڪڙي وک به پوئتي نه پيو هٽي پر دنيا کي اهو تاثر ضرور ڏيندو رهي ٿو ته هُو پنهنجي فوج کي پوئتي هٽائي رهيو آهي. بيلاروس جي صدر جي بيان بازي آمريڪا مخالف آهي. اهو روسي موقف جي حمايت ڪري رهيو آهي ۽ پيوتن ڪاميابيءَ سان يورپ کي به ڊيڄاري ڇڏيو آهي. يورپ جا ماڻهو درست طور اهو سمجهن ٿا ته جيڪڏهن جنگ شروع ٿي وئي ته سمورو يورپ متاثر ٿيندو. ٻيو نه تڏهن به يورپ کي پناهگيرن جي تمام وڏي انگ کي منهن ڏيڻ کانسواءِ اڻ ڄاتل مدي تائين توانائيءَ جي بحران کي به برداشت ڪرڻو پوندو. خاص ڪري قدرتي گيس جي معاملي ۾ ته لڳ ڀڳ سمورو يورپ تقريبن مڪمل طور تي روس تي ڀاڙي ٿو ۽ روس کان يورپ جي ٻين ملڪن ڏانهن گيس جو گذر مکيه طور تي يوڪرين منجهان ئي ٿيندو آهي. ان ڪري اهو ته انڌن کي به نظر اچي ٿو ته جنگ جي صورت ۾ يورپ لاءِ گيس جي فراهمي نه رڳو مهانگي ٿي ويندي بلڪه گھڻي ڀاڱي بند ٿي وڃڻ جا امڪان آهن. ان سلسلي ۾ اسان جيڪڏهن رڳو جرمنيءَ جو مثال ئي وٺون ته 746 ميل ڊگهي پائيپ لائين وڇائي روسي شهر سينٽ پيٽرس برگ کان اتر اوڀر جرمنيءَ تائين قدرتي گيس جي فراهميءَ کي عملي شڪل ڏني وئي آهي ۽ گذريل سال جرمنيءَ ۾ استعمال ٿيل گيس جو 3/2 روس کان ئي درآمد ڪيو ويو هو. جيڪڏهن جرمني روس کان گيس وٺڻ بند ڪري ته مختلف ڪمپنين سان ڪيل معاهدن جي ڀڃڪڙيءَ جي ڏوهه ۾ ئي کيس لڳ ڀڳ 40 ارب پائونڊ ڏنڊ ڀرڻو پئجي ويندو. ان ڪري يورپ جو انتهائي طاقتور ملڪ جرمني به يوڪرين جي معاملي تي روس آمريڪا تڪرار جي جنگ ۾ بدلجي وڃڻ کان ڊنل آهي. آمريڪا گڏيل قومن جو استعمال ڪندي روس خلاف معاشي پابنديون به نه ٿو هڻي سگهي. ڇو ته ائين ڪرڻ سان روس کان وڌيڪ باقي يورپي ملڪن کي نقصان پوڻ جا امڪان چِٽا آهن. ڇاڪاڻ ته اهي خاص ڪري توانائيءَ جي شعبي ۾ روسي برآمد تي ئي ڀاڙين ٿا. اهڙيءَ ريت روس خلاف آمريڪي پابنديون يورپ سان گڏوگڏ چين کي به متاثر ڪنديون. ان ڪري جو چين روسي هٿيارن، مڇي ۽ ڪاٺ جو تمام وڏو خريدار آهي. ان کانسواءِ اهو روس کان ڪچو تيل خريد ڪرڻ وارن ملڪن جي فهرست ۾ به مٿانهون آهي. هڪڙي پاسي آمريڪي اختيار کي محدود ڪرڻ جي خواهش ۽ ٻئي پاسي چين جا روس سان معاشي لاڳاپا ئي آهن، جيڪي چين روس دوستيءَ کي هماليه جيان قائم دائم رکيون بيٺا آهن.
جرمنيءَ کانسواءِ يورپ جون طاقتور رياستون به ان سموري صورتحال کي ڏسي رهيون آهن. روسي صدر پيوتن جون ڌمڪيون توڙي آمريڪي صدر بائيڊن جي يوڪرين جي حوالي سان جارحاڻي پاليسي کين ڳڻتيءَ جو شڪار بڻائي ڇڏيو آهي. يورپ جا ملڪ صدين تائين هڪ ٻئي خلاف جنگ ۾ رُڌل رهيا آهن. ان ڪري جنگ پاڻ سان گڏ ڪيتري تباهي ۽ بربادي کڻي ايندي آهي؟ اهو يورپ وارن کان وڌيڪ ڪير ٿو ڄاڻي. اهو ئي سبب آهي جو فرانس جي صدر ايمانويل ميڪرون پنهنجي پاران مشورو ڏنو آهي ته يوڪريني بحران کي فن لينڊ واري فارمولي تحت حل ڪجي ته بهتر رهندو. فن لينڊ جو فارمولو اهو آهي ته 1948ع ۾ اهو طئي ٿيو هو ته فن لينڊ نيٽو جو حصو نه بڻبو نتيجي ۾ کيس روس (تڏهوڪي سوويت يونين) پاران ڪنهن چڙهائيءَ جو خطرو به نه هئڻ گھرجي. ان ڪري يوڪرين لاءِ به اهو سوچيو پيو وڃي ته اهو نيٽو جو حصو نه بڻجي روسي چڙهائيءَ کان بچي سگهي ٿو. جڏهن ته صدر ايمانويل ميڪرون پاران پيش ڪيل ان منصوبي کي ڌرين قبوليو ڪونهي پر جيڪڏهن يوڪرين جي معاملي ۾ اهڙو ڪو معاهدو ڪامياب ٿي وڃي ٿو ته اهو به روس جي حق ۾ هوندو. اهڙيءَ ريت اهو آمريڪا کي گھٽ ۾ گھٽ پنهنجي گهر جي اڱڻ ۾ اچي گند ڪرڻ کان ته روڪي وٺندو.
آخري ڳالهه اها ته ڇا يوڪرين جي معاملي تي روس ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگ شروع ٿي ويندي؟ ڇا يوڪرين به عراق ۽ شام يا ليبيا ۽ افغانستان جيان جنگ جو ميدان بڻجي ويندو؟ يا ٻنهي طاقتن وچ ۾ ڪوئي معاهدو ٿي ويندو؟ روسي صدر پيوتن جي شخصيت اهڙي آهي جو سندس ٻِي وِک بابت ڪير به يقين سان ڪجهه نه ٿو چئي سگهي. هڪڙي زماني ۾ ڪي جي بي جهڙي مڃيل ڳجهي ايجنسيءَ جو سربراهه رهندڙ پيوتن پنهنجي اندر جي ڳالهه اندر ۾ ئي رکڻ ۽ مناسب وقت تائين رازداريءَ کي قائم رکڻ واري خوبيءَ جي ڪري سدائين فائدي ۾ رهيو آهي. هن ڀيري به يقيني طور تي ته ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو ته هُو يوڪرين تي حملو ڪندو يا نه؟ پر جنگ کان وڌيڪ جنگ جو دڙڪو ڪم جو هوندو آهي. دشمن جي ڳچيءَ ۾ هٿ وجهڻ کانسواءِ ئي کيس شڪست ڏئي ڇڏڻ سڀ کان سهڻي ڪاميابي هوندي آهي. سو چئي سگهجي ٿو ته پيوتن لاءِ به اهو ئي سٺو آهي ته “يوڪرين تي قبضو ڪندس” وارو دڙڪو قائم رکي، قبضي جي جائي پائي ڪوشش نه ڪري. ٻِي صورت ۾ شايد دنيا ٻِي مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ سڀ کان وڏي تباهيءَ سان منهان منهن ٿيڻ لاءِ مجبور ٿي پوي. جنهن جي نتيجي ۾ لکين بي گناهه ماڻهو ماريا ويندا، ڪروڙين بي گهر ۽ ننڌڻڪا ٿيندا. انساني پورهئي جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل اربين ڊالر زيان ٿي ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button