ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪراچيءَ ۾ وڌندڙ اسٽريٽ ڪرائيم

Editorial

ڪراچيءَ ۾ ڪجهه ڏينهن کان اسٽريٽ ڪرائيم وڌي ويو آهي. جڏهن ته سنڌ جي گادي واري شهر ۾ وڏي وقت کان پوءِ امن قائم ٿيو هو. جنهن جي ڪري نه رڳو اتان جي شهرين جي زندگي بهتر ٿي وئي هئي پر شهر جون حالتون به پرامن رهڻ لڳيون هيون. جڏهن به ڪنهن شهر ۾ امن امان جي صورتحال بهتر هوندي آهي ته اتي معاشي صورتحال به بهتر ٿيڻ لڳندي آهي. اتان جو عوام هر قسم جون سرگرميون ڪرڻ ۾ سولائي محسوس ڪندو آهي. پر جڏهن ڪنهن شهر ۾ امن امان ئي نه هوندو ته اتي خوف وارو ماحول پيدا ٿي ويندو ۽ ماڻهن لاءِ روزمره جا معاملا هلائڻ به ڏکيو ٿي ويندو. ان ڪري ڪراچيءَ جي امن امان سان هٿ چراند ڪرڻ جو مطلب آهي ته ڪراچيءَ جي معاشي صورتحال کي خراب ڪرڻ. اڳ ۾ اهو ڪم ايم ڪيو ايم حوالي هوندو هو. جيڪا پنهنجي مرضيءَ سان جڏهن به چاهيندي هئي ته شهر بند ڪرائي ڇڏيندي هئي. هاڻ صورتحال اها آهي جو افغانستان جي هاڻوڪي سياسي حالتن کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ افغانين جي وڏي لڏپلاڻ ٿي آهي. جنهن جي ڪري به شهر جو امن متاثر ٿي رهيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه به ان تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اطهر متين جو خون رائيگان نه ويندو، اسان سخت ۽ بهتر سيڪيورٽي رٿابندي لاءِ شارٽ ٽرم، ميڊيم ۽ لانگ ٽرم قدم کڻي رهيا آهيون، جڏهن ته ان ڏس ۾ اسان اوهان سڀني جي سهڪار جا طلبگار آهيون. هن چيو ته اسان سنڌ پوليس کي ڪڏهن به سياسي مقصد لاءِ استعمال ناهي ڪيو، جماعت اسلامي ڪيترن ڏينهن تائين ڌرڻو ڏنو پر اسان جمهوري طريقو ورتو، پوليس بااختيار آهي. هن چيو ته ساڳي پوليس هن شهر ۾ امن امان بحال ڪيو آهي، ڪراچي ڇهون خطرناڪ شهر هو، هاڻي 106/7 تي آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته رياست طور جيڪو اسان جو فرض آهي اسان اطهر متين جي گهرڀاتين کي سپورٽ ڪنداسين، اسان قاتلن تائين پهچي ويا آهيون، تفصيل اڃا شيئر نٿو ڪري سگهان. هن چيو ته سيف سٽي جو ٽيندڙ ٿيڻ وارو آهي، اسان عادي اسٽريٽ ڪرمنلز جي اي ٽيگنگ ڪرڻ وارا آهيون. هن چيو ته اسٽريٽ ڪرمنلز جي ضمانت کي مشڪل ڪرڻ لاءِ قانون سازي ڪري رهيا آهيون ته جيئن ڪو واقعو نه ٿيڻ گهرجي، گينگز ۽ ڪرمنلز به پڪڙيا پيا وڃن، اسٽريٽ ڪرائيم جو سبب ڊرگ جا عادي ماڻهو، ملڪ جون معاشي حالتون به آهن. هن چيو ته غلط بيان به ميڊيا هلائي ٿي، ڪورنگي ڪاز وي تي 100 ماڻهن جي لٽ مار غلط خبر هئي، ان سان غلط تصور پيدا ٿي رهيو آهي. مراد علي شاهه چيو ته اسٽريٽ ڪرائيم جو ڏيڍ مهيني اندر جيڪو لاڙو ٺهيو آهي ان کي ڪنٽرول ڪري رهيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪراچيءَ ۾ غير ملڪين جو انگ وڌيڪ آهي، ان ڪري ڏوهن جي شرح وڌيڪ آهي. افغانستان ۽ بلوچستان ۾ ٿيندڙ دهشتگرديءَ جا اثر ڪراچيءَ کي ڀوڳڻا پون ٿا. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ معاشي حالتن جي ڪري سڄي ملڪ ۾ سيڪيورٽي حالتون خراب آهن. هن چيو ته ڪراچيءَ ۾ دهشتگرديءَ جي حوالي سان به وڌيڪ نشاندهي ڪئي پئي وڃي، هتي ڏوهه وڌيڪ ان ڪري آهن ڇاڪاڻ ته هتي هر ملڪ جا شهري آباد آهن. افغانستان ۽ بلوچستان ۾ جيڪي حالتون هونديون آهن اهي به اسان کي ڀوڳڻي پون ٿيون.
اسين سمجهون ٿا ته وڏي وزير مراد علي شاهه جي اها ڳالهه صحيح آهي ته ملڪ جون معاشي حالتون بهتر نه هجڻ ڪري ملڪ ۾ ڏوهن جي وارداتن جو انگ وڌي رهيو آهي. جنهن جا سڌا سنوان اثر عام ماڻهوءَ تي پئجي رهيا آهن. تنهنڪري هڪ پاسي ته ملڪي معيشت کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. ٻئي پاسي جيڪي به ڏوهاري آهن، انهن خلاف ترت ڪارروايون ڪري سزائون ڏنيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button