وياج خورن طرفان سڀ کان اڳ ڏيتي ليتي ۽ پوءِ آپگهات تي مجبور ڪرڻ جون زوردار ڪوششون ڪيون پيون وڃن، جڏھن ته اھڙا ظالم ڪيترن واقعن ۾، انسانن جي قتلام يا آپگهات تي مجبور ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا. اسان جي ملڪ جي اھا وڏي بدقسمتي آھي ته مالي ڪمزورين ڪارڻ قرض وٺندڙن ۽ موٽائي ڏيڻ ۾ دير ڪندڙن کي، آپگهات ڪرڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو. عام طور مجبور ڪرڻ يعني گناھن جو اھو دکدائڪ ڌنڌو، ڪيترن خانگي ماڻھن جو ڪاروبار ھوندو آھي. اھو ڳڻتيءَ جوڳو داستان گهڻي عرصي کان جاري آھي جيڪو سڄي ملڪ ۾ جاري آھي، رڳو سنڌ ۾ ناھي. اھا سمجهاڻي ڏيڻ انھيءَ ڪري به ضروري آھي ته اسان وٽ اھڙا دعويدار به آھن، جيڪي فيس بوڪ تي اھو تاثر ڏيندا آھن ته سڀ گناهه رڳو سنڌ ۾ ٿين ٿا پر رھيل ٽن صوبن توڙي وفاق ۾ کير جون نديون وھن ٿيون، ڇاڪاڻ ته وفاق طرفان سنڌ ۽ اتان جي ماڻھن سان ڪيترن سالن کان عام طور ۽ چئن سالن کان خاص طور ھلندڙ ڳاٽي ٽوڙ زيادتين باوجود، عمران خان سرڪار وغيره خلاف تحريڪ ھلائيندي سندن ساهه سُڪي پوندو آھي. اٽلندو، اھو تاثر پيدا ٿيو آھي ته انھن جو اڪيلو مقصد، سنڌ سرڪار تي جائز تنقيد ڪرڻ بدران وڏي پيماني تي غلط فھميون پيدا ڪري تنقيد ڪرڻ آھي. بھرحال، ھونئن به سنڌ سرڪار تي اخلاق اندر جائز تنقيد ڪرڻ ھر ماڻهوءَ جو بنيادي حق ھوندو آھي پر وفاق جي سنڌ خلاف کليو کلايو زيادتين، ڳاٽي ٽوڙ لاڳيتي مھانگائي ۽ بيروزگاريءَ تي انھن فرشتن جو ماٺ رھڻ به وڏو ظلم آھي.
سنڌ ايڪسپريس ۾ اھا دکدائڪ خبر پڙھي دلي صدمو پھتو ته ڀٽ شاهه ۾ وياج خورن کان تنگ ٿي نوجوان زميندار آپگهات ڪري ڇڏيو. 32 ورھين جي خرم علي راڄڙ پنھنجي اوطاق ۾ پستول جو فائر ڪري زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو. هو وياج خورن سان ڏيتي ليتي سبب گهڻي وقت کان پريشان ھو. وارثن جي چوڻ موجب وياج خورن جي دٻاءُ سبب ھن آپگهات ڪيو آھي.
اھا سچائي آھي ته اھڙو دکدائڪ ڪاروبار تيزيءَ سان ماٺ ميٺ ۾ جاري آھي، جڏھن ته انھن کي نندڻ جي عام پبلسٽي گھٽ آھي. پر اھڙي ھاڃيڪار ڪارروائيءَ تي جيڏو به افسوس ڪجي سو گھٽ ھوندو آھي. مون کي ياد آھي ته مون سنڌي اخبارن ۾ گهڻو وقت اڳ خبر پڙھي ھئي ته ھڪ ماڻهو اھڙن وياج خورن کان قرض ورتو ھو. ھن قسطن ۾ پنھنجو قرض موٽائڻ ٿي چاھيو پر قرض وٺندڙ کيس چيو ته اھي پيسا پاڻ وٽ رکو، پوءِ سڀ گڏجي مون کي ڏجو. کيس خطرناڪ صلاح ڏني وئي پر ان تي عمل ڪرڻ سان ھن تي وياج جا پيسا گهٽجڻ بدران گهڻو وڌي ويا ۽ سڀ پيسا ھڪ ئي وقت موٽائي ڏيڻ ناممڪن بڻجي ويو، جنھنڪري ھن مجبور ٿي آپگهات ڪيو.
وياج خورن طرفان آپگهات ڪرڻ وارو واقعو سخت دکدائڪ آھي پر عام طور مخالفت باوجود سڄي ملڪ ۾ جاري آھي، رڳو سنڌ ۾ ناھي پر جيئن ته اسان جو واسطو سنڌ سان آھي، تنھنڪري اسان کي انھيءَ مسئلي تي وڏي ڳڻتي ڪرڻ جائز آھي. انھيءَ سلسلي ۾ اھو ٻڌائڻ به ضروري آھي ته آپگهات ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ جا واقعا رڳو سنڌ جي ڪجھه شھرن ۾ ناھن پر سڄي ملڪ جي گهڻن شھرن تائين پکڙيل آھن ۽ اھڙيون خبرون ميڊيا ۾ به مختلف وقتن تي ڇپجنديون رھيون آھن. تازو واقعو جنھن جو مون مٿي حوالو ڏنو آھي سو سنڌ جي اھم شھر ڀٽ شاهه ۾ ٿيو آھي پر انھيءَ کان سواءِ اھڙا وقعا ڪجھه ٻين شھرن ۾ به ٿيا آھن، جن مان ڪيترن کي آپگهات تي مجبور ڪيو ويو آھي يا ڪجهه ڪيسن ۾ ماڻھن کي قتل به ڪيو ويو آھي. وياج خورن طرفان آپگهات تي مجبور ڪرڻ جا واقعا تازو يا ڪجهه وقت اڳ وارهه، شڪارپور، کپرو، خانپور مھر، ميرپور ماٿيلو، ٽنڊو ڄام، جهڏو، شھدادڪوٽ، لاڙڪاڻو. پنو عاقل، ڳڙھي ياسين وغيره يا انھن جي ويجهن علائقن ۾ به ٿيا آھن. گذريل سال، وياج خورن خلاف پنو عاقل ۾ ٽي ڏينھن لاڳيتا مظاھرا ڪيا ويا جنھن جو مکيه مقصد اھو ھو ته وياج خورن طرفان ماڻھن کي آپگهات ڪرڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي. اھي به خبرون ڇپيل آھن ته راڻيپور لڳ ڳوٺ علي آباد ۾ وياج نه ڏيڻ تان وياج خورن ھڪ ڄڻي کي قتل ڪيو. انھيءَ کان سواءِ اھا به خبر آئي آھي ته شڪارپور ۾ وياج خور کان تنگ ٿي الھه آباد ڪالونيءَ جي رھواسڻ عورت معصوم ٻارڙن سان گڏ پريس ڪلب پھچي وئي ۽ ميڊيا آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.
ميڊيا ۾ ڇپيل خبر موجب ڪيترن ماڻھن شڪايتون ڪيون آھن ته وياج جو ڌنڌو اسان جي قوم (ميرپور بٺورو، ڳڙھي ياسين ۽ شڪارپور) ۾ بااثر بليڪ ميلر، وياج خورن ۽ سندن ساٿين ڪيترن ماڻھن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. ھڪ بزرگ جي وڊيو وائرل ٿيل آھي جنھن جو مذھبي حوالي سان چوڻ آھي ته وياج خورن ۽ ان کي ملندڙن رقمن بابت الله پاڪ طرفان عذاب جو حوالو ڏنل آھي، جڏھن ته سندس چواڻي وياج خورن ۾ ته انسانيت به ناھي.
وياج خورن تان ياد آيو ته ڪجھ مھينا اڳ ٺل ڀرسان قرض ۾ ڦاٿل ٻڍڙي عورت رقم نه ملڻ ڪارڻ فوت ٿي وئي. سندس مڙهه گهر پھچڻ تي سندس مڙس کي به دل جو دورو پئجي ويو ۽ پيرسن به اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. ٻئي طرف، پنو عاقل ۾ گذريل سال ٽي ڏينھن وياج عام ٿيڻ خلاف ٽي ڏينھن مظاھرو ڪيو ويو.
منھنجي خيال ۾ پھرين ته اھا ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته عوام دشمن وياج خورن کان قرض نه وٺجي پر مجبوريءَ ۾ قرض وٺڻو ھجي ته ڪجھه ٻين ادارن کي ڪم آڻجي جن جو وياج گهٽ يا مناسب ھجي.
انھيءَ سلسلي ۾ مون اڳ به ڪيترا ڀيرا رٿ ڏني آھي ته سنڌ ۾ سماجي ڀلائيءَ واريون تنظيمون ٺاھڻ گهرجن، جيڪي غيرسياسي ھجن. مون آمريڪا، ڪيناڊا، برطانيا ۽ ٻين ملڪن ۾ ڏٺو آھي ته اتي پرائيويٽ سماجي تنظيمون ٺھيل ھونديون آھن، جيڪي ڏکين وقتن ۾ به ماڻھن کي سھڻي صلاح ڏيندا آھن ۽ سندن مدد به ڪندا آھن پر ڪجهھ اھڙا يورپي ملڪ به آھن، جتي بيروزگارن کي ھر مھيني امداد به ايستائين ڏني ويندي آھي، جيستائين کين نوڪريون نٿيون ملن پر اسان جي ملڪ ۾ بدقسمتي اھا آھي ته سماجي ڀلائيءَ واريون تنظيمون نه ھئڻ جي برابر آھن پر ھڪ اڌ کڻي آھن ته اھي ڀلائيءَ وارا خاص ڪارناما عام طور ڪونه ڪندا آھن. اھا پنھنجي جاءِ تي سچائي آھي ته جيتوڻيڪ قانون انھن وياج خورن جي خلاف آھن پر جيئن ته ماڻھو عام طور ماٺ ۾ اڪيلا ۽ پرائيويٽ قرض وٺن ٿا، تنھنڪري انھن خلاف ڪارروائي نٿي ٿي سگهي پراڳتي ھلي جڏھن اھي ڳاٽي ٽوڙ صورتحال اختيار ڪن ٿا ته قرض وٺندڙ وڏي وياج سميت وڏي رقم نٿا ڏئي سگهن ته سندن حياتيون خطري ۾ پئجي وڃن ٿيون. بھرحال، سنڌ سرڪار کي گهرجي ته وياج خورن خلاف سخت قدم کڻن جيئن اھو مرض گهڻو گهٽجي وڃي.
اسان جي رٿ آھي ته خاص ڪري اسان جي سڀني شھرن ۾ سنڌ جو درد رکندڙ مڪاني ماڻھن کي مختلف پرائيويٽ تنظيمون ٺاھڻ گهرجن. ائين ڪرڻ سان ماڻھن جون حالتون بھتر ٿينديون. ڪاش! اسان جي ماڻھن ۾ اھڙي سجاڳي ھئڻ گهرجي پر اھا بدقسمتي آھي ته اسان وٽ سنڌين ۾ ايڏي سجاڳي ناھي جيڏي ھئڻ گهرجي. چوڻ جو مقصد اھو آھي ته اسان کي عام ماڻھن جي ڀلائيءَ لاءِ ايمانداريءَ سان ڪارائتيون ڪوششون ڪرڻ کپن. جيڪڏھن ائين ٿيو ته ماڻھو وياج خورن کان خطرناڪ شرطن تي وياج ڪونه وٺندا. جيڪڏھن سڄي سنڌ ۾ عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ڪارائتيون تنظيمون ٺاھيون وڃن ته سنڌ ترقي ڪندي. ڪاش اھا ڳالهھ خيرخواھن کي سمجھه ۾ اچي ته بھتر.