ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

روس – يوڪرين تڪرار جا دنيا تي پوندڙ اثر

Editorial-Article- Saleem Jarwar

نيٺ روسي صدر ولاديمير پيوٽن ٽي وي تي خطاب ڪندي يوڪرين تي فوجي آپريشن ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ يوڪرين جي شهر ڪيف تي حملو ڪري ڏنو آهي، جڏهن ته يوڪرين روسي جهاز ۽ ميزائل ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پر ان سموري معاملي تي بحث ڪرڻ لاءِ ڪي بنيادي شيون آهن، جن جي باري ۾ ڄاڻ ضروري آهي.
يوڪرين بابت معلومات:
يوڪرين سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ 1991ع ۾ آزاد ٿيو، هي اوڀر يورپ جو ملڪ آهي جنهن جي ڪل ايراضي 603629 ڪلوميٽر آهي. يوڪرين جي سرڪاري ٻولي يوڪريني آهي. سندس پاڙيسري ملڪن ۾ روس، پولستان، بيلاروس، سلوواڪيه، مجارستان، رومانيه ۽ مالڊووا شامل آهن. يوڪرين معدني ذخيرن سان مالا مال ملڪ آهي ۽ زرعي لحاظ کان پڻ اوڀر يورپ جو سرفهرست ملڪ آهي، جتي ڪڻڪ، مڪئي، پٽاٽا ۽ سورج مکيءَ جو فصل تمام گهڻو ٿيندو آهي. ان کان سواءِ يورينيم ۽ ٽيٽيم جي ذخيرن جي حوالي سان يورپ ۾ ٽئين ۽ دنيا جي ڏهين نمبر تي آهي. شيل گيس جي ذخيرن ۾ يورپ جو ٽيون ۽ دنيا جو تيرنهون ملڪ آهي. جڏهن ته صنعتي لحاظ کان وڏو ملڪ هئڻ ڪري گيس پائيپ جي پکيڙ ۾ عالمي سطح تي چوٿون وڏو ملڪ آهي. نيوڪليئر پلانٽس جي صلاحيتن سان گڏ دفاعي پيداوار جي صنعت ۾ نائين نمبر تي آهي.
يوڪرين ۽ روس جي تڪرار جو بنياد:
23 آگسٽ 1991ع تي سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ ٻين ڪيترن ملڪن سان گڏ يوڪرين کي به آزاد ملڪ جي حيثيت ملي، ان وقت روس جو علائقو ڪريميا يوڪرين جي اثر هيٺ هليو ويو. ڪريميا جي انساني آباديءَ جي گهڻائي روسين جي هئي. روس 2014ع ۾ ڪريميا کي پنهنجي قبضي ۾ آڻي ڇڏيو ۽ اتان جي عوام پڻ ريفرينڊم ذريعي روس جي حق ۾ فيصلو ڏنو. جڏهن ته ڪريميا ۾ رهندڙ ٻارنهن سيڪڙو تاتاري مسلمانن ريفرينڊم ۾ حصو نه ورتو هو. ان کان پوءِ يوڪرين نيٽو جو حصو بنجڻ لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو. جڏهن ته روس ان جي مخالفت ڪندو رهيو آهي ڇو ته نيٽو ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ يوڪرين جي طاقت ۾ اضافو ٿيندو. خير نومبر 2021ع کان يوڪرين جي سرحدن تي وڌندڙ روسي فوجين آمريڪا ۽ برطانيا جي سخت مخالفت باوجود عملي طور يوڪرين جي گادي واري شهر ڪيف تي ميزائل حملا ڪري ڏنا. روسي اهڙي اڳڀرائي کان پوءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس پڻ گهرايو ويو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انٽونيو گوٽيرش روسي صدر ولاديمير پيوٽن کان حملا روڪڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
روس يوڪرين تي فوجي آپريشن ڪري هڪ قسم سان نيٽو ۽ آمريڪا کي للڪاريو آهي جڏهن ته يوڪرين نيٽو جو باقاعده ميمبر نه هجڻ ڪري هو ان معاملي ۾ مداخلت نٿو ڪري سگهي پر سوويت يونين جي اثر هيٺ رهندڙ هاڻ جا چار ملڪ پولينڊ، ايسٽونيا، لٽويا ۽ ليٿونيا نيٽو جا ميمبر ملڪ آهن. انهن ملڪن کي خدشو آهي ته روس جي اها جارحیيت يوڪرين تائين محدود ڪانه رهندي بلڪه اها انهن ملڪن لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿي. انهن خدشن جي پيش نظر نيٽو ۽ آمريڪي فوجي جٿا انهن ملڪن ۾ لاٿا ويا آهن. دنيا جي ٻن سپر پاور ملڪن جو ائين هڪٻئي جي سامهون بيهڻ يقين ڪا مثبت ڳالهھ ناهي. آمريڪا پنهنجي بالادستي هٿن مان وڃڻ نه ڏيندو. ان کان اڳ روس ۽ جرمنيءَ جي گيس پائيپ لائين منصوبي (نورڊ اسٽريم 2) تي آمريڪا ۽ اتحادي جرمنيءَ تي ناراض آهن پر ان 2460 ڪلوميٽرن تي مشتمل پائيپ لائين جو ڪم تقريبن مڪمل ٿيڻ وارو آهي. ٻئي پاسي چين جو روس ڏانهن مثبت رويو پڻ آمريڪا جي نڙيءَ ۾ ڪنڊو بڻيل آهي، مٿان پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان جي روسي دوري پڻ آمريڪا لاءِ مسئلو بڻجي ويو آهي. 23 سالن کان پوءِ ڪنهن پاڪستاني حڪمران جو ماسڪو جو پهريون دورو هن جنگي صورتحال ۾ وڏي اهميت جو سبب بڻجي ويو آهي. روسي صدر سان پاڪستاني وزيراعظم جي ملاقات جي وقت ۾ ٻن ڪلاڪن جو اضافو ڪيو ويو آهي، مطلب هڪ ڪلاڪ بدران ٽن ڪلاڪن جي ملاقات تي سڄي دنيا جون نظرون آهن. پاڪستان ڀلي هن صورتحال ۾ سڌي ريت ڪنهن اهميت جو حامل نه هجي پر روسي بلاڪ جي طاقت جو سبب ضرور بڻجي سگهي ٿو. هن خطي ۾ آمريڪي صوبيداري خطري ۾ پئجي رهي آهي. ٻئي پاسي سعودي عرب آمريڪا جي ويجهو ضرور آهي پر سندس روس سان پڻ دفاعي معاهدا ٿيل آهن. هاڻ سعودي عرب هن صورتحال ۾ ڪهڙي پاسي ٿو وڃي اهو فيصلو ڪجھه ڏينهن ۾ سامهون اچي ويندو.
روس ۽ يوڪرين جنگ جا پاڪستان تي ڪهڙا اثر پئجي سگهن ٿا؟ ان حوالي سان ايندڙ رپورٽن موجب سڌي توڙي اڻ سڌي ريت پاڪستان پڻ متاثر ٿي سگهي ٿو. جنگي حالتن کان پوءِ تيل جي قيمتن ۾ اضافو اڻٽر آهي ڇو ته تيل جي پيداوار جي حساب سان روس دنيا جو ٻيو نمبر ملڪ آهي. هنگامي صورتحال ۾ تيل جي رسد ۾ گهٽتائي تيل جي مهنگائيءَ جو سبب بڻبي ۽ سڄي دنيا سان گڏ اهو نزلو پاڪستان تي پڻ ڪرندو. پاڪستاني تاريخ ۾ تيل هن وقت پڻ مهنگائيءَ جي اوچائي تي آهي. تيل جي اگهن ۾ اضافي سان هر شيءِ جي مهانگائي فطري عمل آهي. ٻيو يوڪرين پاڪستان کي وڏي انگ ۾ ڪڻڪ ايڪسپورٽ ڪندڙ ملڪ آهي. گذريل مالي سال ۾ يوڪرين پاڪستان کي 13 لک ٽن ڪڻڪ ايڪسپورٽ ڪئي پوءِ به هن وقت اٽي جي قيمت تاريخ جي بلندين تي آهي. جنگ جي حالتن ۾ غذائي کوٽ پاڪستان ۾ پڻ ڪر کڻي سگهي ٿي. ان کان سواءِ پاڪستان ۾ سياسي جماعتن جي جدوجهد جيتوڻيڪ نه هئڻ برابر آهي پر هڪ ٻن ڏينهن ۾ شروع ٿيندڙ لانگ مارچ اندورني طور ڪنهن به اڻ وڻندڙ صورتحال کي جنم ڏئي سگهي ٿو.
ان ڪري ئي چيو ويندو آهي ته جنگيون انساني الميي جو سبب بڻجن ٿيون ۽ اهڙين حالتن ۾ پراڪسي وار ڪندڙ ملڪ هڪٻئي جي اندورني حالتن کي خراب ڪرڻ ۾ دير ناهن ڪندا. ائين ئي حالتون سرد جنگ، اندروني جنگ يا عالمي جنگين ڏانهن وڌن ٿيون. روس دفاعي لحاظ کان مضبوط ترين ملڪ آهي، اتي اتحادي فوجون توڙي آمريڪا پڻ انا ۾ ورتل آهن. جڏهن ته مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته يوڪرين به ڪمزور ملڪ ناهي. اهو جوابي ڪارروائي جي سگھه رکي ٿو. ايندڙ ڪجھه ڏينھن انتهائي اهم آهن. بس دعا ڪجي ته دنيا جو هي گولو انساني قبرستان نه بڻجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button