ٿر جا ڍاٽي ماڻهو ڪير آهن. انهن جي ٻولي ۽ رسم رواج ٻين ماڻهن کان ڪيئن مختلف آهن. ان موضوع تي بنسيدر مهيشوري جو گجراتي ۾ لکيل ڪتاب Our Cultural Heritage آهي جنهن کي ڊاڪٽر ڪيٽن سي مهيشوري Cultural Heritage of the Dhati People جي عنوان سان انگريزي ۾ ترجمو ڪيو آهي. ڍاٽي ۽ مهيشوري هڪ ٻئي جي متبادل طور استعمال ٿيندا آهن.
ليکڪ جو چوڻ آهي ته انهن ماڻهن جي اصل ابتدا متعلق ڪو تصديق ٿيل ذريعو نه ٿو ملي. ان سلسلي ۾ منڊوا جي شيو ڪرنجي درڪ جو ڪتاب اتهاس ڪلپدرم مهيشوري ڪلبشن ئي اڪيلو ذريعو آهي جنهن تي انحصار ڪري سگھجي ٿو.
ان ڪتاب ۾ ڏنل ڪٿا موجب چوهاڻ گھراڻي جي سوريه ونشي بادشاهه کدگلسن کي برهمڻن جي آشيرواد سان پٽ ٿئي ٿو، جنهن جي لا برهمڻن پاران اها هدايت ڏني وڃي ٿي ته ان کي سورنهن سالن جي عمر تائين اترپاسي وڃڻ ۽ سوريه ڪنڊ ۾ وهنجڻ کان پاسو ڪرڻو پوندو ۽ جيڪڏهين هن برهمڻن جي عزت ڪئي ته وڏو عظيم بادشاهه ٿيندو ۽ وري بادشاهه طور جنم وٺندو. پر شهزادو ٻارنهن سالن جي عمر ۾ هڪڙي جين مت جي ساڌو جي چوڻ ۾ اچي شيوا جي تعليم جي خلاف وڃي ٿو ۽ پنهنجن ٻاهتر ساٿين سان اتر پاسي وڃي اتي شو جي پوئلڳن سان مهاڏو اٽڪائي ٿو ۽ سندن پوڄا ۾ خلل وجھي ٿو. انهن رشين جي پاراتي سان شهزادو ۽ سندس سڀ ساٿي پٿر ٿي وڃن ٿا. انهن جي مائٽن جي ايلازن ۽ معافي تلافي کانپو شو انهن سڀني کي پنهنجي اصل شڪل ۾ آڻي ٿو پر هاڻي اهي پنهنجي پهرئين جنم موجب کشتري نه پر وئشيا سڏبا وڃن ٿا ۽ سريه ڪنڊ ۾ وهنجڻ سان سندن تلوار قلم ۽ ڍالون ترازو ۾ تبديل ٿي وڃن ٿيون. جيئن ته مهيش ديوتا جنهن کين اهو سبق ڏنو هو شو جو ٻيو روپ آهي، ان ڪري اهي مهيشوري سڏجڻ لڳا. ٻاهتر ڄڻن جا ڪم جي حوالي سان قبيلا وجود ۾ آيا انهن جو تعداد اڳتي هلي اسي ٿي ويو.
مهيشورين جو اصل وطن مارواڙ آهي. پر ريگستان، مينهن نه پوڻ ۽ خشڪ سالي جي ڪري انهن جي لا زندگي ڏکي هئي. ان ڪري گھڻن ٻين علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي. ڪجھه ميود هليا ويا ۽ ٻيا اجمير جي رستي جئپور هليا ويا. اڃا به ٻيا بيڪانير ۽ جوڌپور جي سرحد پار ڪري پوکران، فالودي، جيسلمير، برمر، سنڌ، ڪڇ ۽ ڄام نگر وغيره جهڙين جاين ڏانهن هليا ويا.
تاريخدانن موجب تيرهين صدي عيسوي ۾ جيسلمير ۾ رهندڙ خاندان گجرات ۾ اچي رهڻ لڳا جڏهين ته ميود وارا اڃا اڳتي گجرات کان ٿيندا مهاراشٽر پاسي ويا. جئپور وارا دهلي ڏانهن ويا جڏهين ته بيڪانير وارا گھڻن علائقن مان گذري ڪلڪتي ويا. مارواڙ جا ماڻهو ممبئي ۽ مهاراشتر جي ٻين علائقن ۾ به ويا. اهي بنگال ۽ موجوده بنگلاديش، بهار، جوڌپور، علي ڳڙهه ۽ ٻين مختلف علائقن ۾ وڃي آباد ٿيا. ان جو هڪ ڪارڻ ته روزگار ۽ معاشي وسيلن جو حصول هو جڏهين ته ٻيو اهم ڪارڻ پنهنجي حفاظت ۽ سلامتي جو به هو. تيرنهن سو عيسوي کان سترنهن سو عيسوي تائين علاالدين خلجي کان اورنگزيب تائين چار سو سالن جو مسلم دور ۽ پو مرهٽن جي گھرو ويڙهه ان لڏپلاڻ جا اهم ڪارڻ هئا. هن وقت اهي آمريڪا، ڪينيڊا ۽ نيپال وغيره سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ آباد آهن.
ماڻهو ان ڏيهه ڏانهن لڏيندو آهي جنهن جي ان کي ڄاڻ هوندي آهي. ان وقت جيسلمير ۽ امرڪوٽ جا شاهي خاندان هڪٻئي سان شادين وغيره ذريعي ڳنڍيل هئا. ان کانسوا مهيشوري جيسلمير جي انتظاميا جو به هڪ اهم حصو هئا. ان ڪري اهي پهرين مارواڙ جي سرحد سان لڳ ٿر جي ان وقت جي هڪ وڏي شهررتو ڪوٽ، جيڪو پو تباهه ٿي ويو، ۾ لڏي آيا. ٿر به مارواڙ جيان خشڪ ۽ غير آباد علائقو هو پر هتي لڏي اچڻ جو مک ڪارڻ اهو هو ته هتي سياسي ڇڪتاڻ ۽ غيريقيني صورتحال نه هئي. دريائي علائقن ۾ گھم ۽ مڇر هئڻ ڪري انهن ٿر جي علائقي کي وڌيڪ ترجيح ٿي ڏني جنهن جو ماحول سندن لا مانوس هو. اهڙي ريت اهي ان وقت جي سوڊا اسٽيٽ ۾ اچي آباد ٿيا، جڏهين ته ٻيو گروهه سنڌ جي ٻين مختلف شهرن جهڙوڪ بڪيرا، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو آدم، سيوهڻ ۽ بدين وغيره ۾ وڃي آباد ٿيو. ٿر ۾ مهيشورين جي اسي گھراڻن مان سورنهن مختلف علائقن ۾ رهن ٿا. هتي انهن سان گڏ برهمڻ، سونارا، نائي، چارڻ، سوتر، مالي، ڪولهي، بجير ۽ ميگھواڙ به رهن ٿا. ورهاڱي وقت ٿر جا گھڻا مهيشوري ۽ ٻيا هندو ٿر جي پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جي فيصلي کانپو ڀارت لڏي ويا.
اهي جنهن علائقي ۾ آباد ٿيا ان علائقي جي حوالي سان سڃاپجڻ لڳا، مثال طور ڪڇ ۾ رهندڙ ڪڇي ٿي ويا جڏهين ته ٿر ۾ رهندڙ ٿري يا ڍاٽي ٿي ويا ۽ جيڪي مارواڙ ۾ ناگور جي علائقي مان آيا هئا اهي ناگوري ٿي ويا.
ٿري يا ڍاٽڪي کي عام طور سنڌي جو هڪ لهجو سمجھيو ويندو آهي پر انسائيڪلوپيڊيا بريٽينيڪا ۾ ان کي راجستاني جو هڪ لهجو قرار ڏنو ويو آهي جيڪا ڏکڻ اوڀر ٿرپارڪر ضلعي ۾ ڳالهائي ويندي آهي. جارج گيئرسن جنهن هندوستان جو لساني سروي لکيو ان جو چوڻ آهي ته ٿرپارڪر ۽ جيسلمير جي گھڻو ڪري معياري ٻولي مارواڙي آهي جيڪا سنڌي ۽ رڳو ڪجھه حد تائين گجراتي جو ملغوبو آهي. هندوستان جي 1931 جي مردم شماري موجب عام طور ڍاٽڪي يا ٿري کي سنڌي جو هڪ لهجو سمجھيو ويندو آهي پر مردم شماري ۾ ان کي هڪ ڌار ٻولي ڪري ليکيو ويو آهي. اهڙي ريت ٿري کي سنڌي کان ڌار ڪري رکيو ويو آهي جنهن جو پنهنجو هڪ ڌار علائقو آهي. ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي پنهنجي ڪتاب سنڌي ٻولي جي تاريخ ۾ لکي ٿو ته سنڌي، مارواڙي ۽ گجراتي جي گڏجڻ سان هڪ نئين قسم جي ٻولي ٺهي. ان کي ڍاٽڪي چيو وڃي ٿو مطلب ته اها ٻولي جيڪا ڍاٽ جي علائقي ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. ان گڏيل ٻولي کي راجستاني جو متبادل سمجھيو وڃي ٿو پر اها گجراتي جي گھڻو ويجھي آهي.
مهيشورين لا اها فخر جي ڳالهه آهي ته مارواڙ مان صديون اڳ لڏڻ ۽ مختلف علائقن ۾ اهڙن ماڻهن جهڙوڪ کترين، مالهين، بجير، سونارن، ميگھواڙن، ڀيل. ڪولهي ۽ مسلمانن، جيڪي هميشه کان ماس کائيندا آهن، سان گڏ رهڻ جي باوجود ماس بلڪل نه کائيندا آهن. ايستائين ته بصر ۽ ٿوم کي به کائڻ جهڙو نه سمجھيو ويندو آهي. جڏهين سرسوت برهمڻ شده ماس کائڻ شروع ڪيو ته پشڪر جا برهمڻ، مهيشوري، بوجڪ ۽ شري مالي برهمڻ ئي اهي ماڻهو هئا جيڪي ماس کائڻ کان پري رهيا. اهي گھڻو ڪري پنهنجين ٻنين جي پيداوار ۽ پاليل جانورن جو کير، گيهه ۽ مکڻ وغيره استعمال ڪندا آهن.
مهيشورين ان چوڻي تي به عمل نه ڪيو ته جهڙو ديس تهڙو ويس. انهن پنهنجو اهو ساڳيو لباس ئي اختيار ڪيو جيڪو اهي مارواڙ مان کڻي آيا هئا. ليکڪ عورتن جي ڪپڙن ۽ زيورن وغيره جي تفصيل بيان ڪئي آهي.
مهيشوري پنهنجا تهوار مارواڙي ڪيلينڊر مطابق ملهائيندا آهن جيڪو گجراتي ڪئلينڊر سان به مطابقت رکندو آهي.
مهيشوري هندو آهن ۽ اهي پاڻ کي مهيش ڀڳوان، جيڪو شو جو ٻيو روپ آهي، جو اولاد چون ٿا ۽ ان ڪارڻ مهيشوري سڏجن ٿا. اهي شو ڀڳوان جي پوڄا ڪن ٿا پر وشنو سڏجن ٿا. ڀارت جي ٻين علائقن جيان هتي به هر شهر ۾ مندر آهي جيڪو سماجي ۽ ثقافتي سرگرمين جو مرڪز به هوندو آهي. گھڻن مهيشورين مرليڌر مندر ٺاهيا آهن. جئپور مان سنگ مرمر جا سهڻا بت انهن مندرن ۾ رکيا ويا آهن. انهن ۾ شري گنيش ۽ هنومان جي بتن رکڻ جي به گنجائش آهي. شهرن ۾ ماتا جي جا مندر ۽ مادي به آهن جتي ماڻهو نواتري جي ڏڻ وقت عبادت لا ويندا آهن.
ليکڪ جو چوڻ آهي ته جين مت جا ماڻهو ٿر ۾ ننگر پارڪر کان سوا ٻئي ڪنهن علائقي ۾ نه هئا جڏهين ته مهيشوري ننگرپارڪر ۾ نه هئا. ان ڪري مهيشورين ۽ پشڪر جي برهمڻن تي جين مت جو ڪو اثر نه ٿيو.
ليکڪ شادي، موت، ٻار جي ڄمڻ ۽ مهمانن جي تواضع وغيره جي رسم رواجن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. اهي ماڻهو محنتي ۽ هميشه متحرڪ رهيا آهن. موجوده دور ۾ جديد تعليم جي حصول ۽ شهرن ۽ ٻين ملڪن ڏانهن لڏپلاڻ جي ڪري گھڻن رسم رواجن ۽ لباس وغيره ۾ تبديليون به واقع ٿيون آهن پر انهن پنهنجي خوراڪ وغيره جي لحاظ کان پنهنجي سڃاڻپ کي برقرار رکيو آهي.