عوام جي ان کان وڌيڪ بدقسمتي ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته هن کي حڪمران به نااهل ملي ۽ مخالف ڌر به اهڙي ميسر هجي جيڪا ڪنهن به ڪم جي نه هجي! هونءَ ته اها افسوسناڪ صورتحال چئن سالن تائين مشتمل آهي پر ان جو تازو مثال سرڪار پاران آرڊيننس جي صورت ۾ آندل “پيڪا” جو اهو قانون هو، جنهن کي ڏسڻ شرط مرزا غالب جو واقعو پئي ياد آيو ته “هيءَ ڪمپني نه هلندي.”
سرڪار کي جيڪڏهن سمجهه جو ذرو به هجي ها ته ان قانون کي منظرعام تي نه آڻي ها. پاڻيءَ کان اڳ ۾ لٽا لاهڻ حماقت آهي. حڪومت کي معلوم هجڻ کپندو هو ته هن مهل سوشل ميڊيا جو استعمال ڪيترو آهي؟ سوشل ميڊيا اڳ ۾ امير استعمال ڪندا هئا پر هاڻي فقير به استعمال ڪن ٿا. جيڪڏهن سرڪار اهڙو قانون آڻڻ ۾ سنجيده هئي ته هن کي سڀ کان اڳ ۾ ايتريون عدالتون قائم ڪرڻ کپنديون هيون جو اهي عوام جي تمام وڏي تعداد تي ڪيس هلائي ۽ انهن کي سزا ڏئي سگهن. ان سلسلي ۾ صرف اهو عمل به ڪافي نه هو. سرڪار جي لاءِ تمام گهڻي تعداد ۾ ڪورٽون قائم ڪرڻ سان گڏ کيس ايترا جيل به ٺاهڻ کپندا هئا، جيڪي سوشل ميڊيا جي مجرمن کي قيد رکي سگهن. سرڪار جو ڪهڙو ارادو هو؟ ڇا حڪومت پوري ملڪ کي جيل ۾ تبديل ڪرڻ جي رٿ رٿي چڪي هئي؟ جيڪڏهن سوشل ميڊيا تي اڙيا ٿڙيا لفظ لکڻ تي سزا ملڻ جو سلسلو شروع ڪيو وڃي ها ته پوءِ هي ملڪ مڪمل طور تي جيل بڻجي وڃي ها ۽ جيڪڏهن ڪوئي جيءَ جليو اهو چوي ته هاڻي به صورتحال ساڳي آهي. اهڙي تلخ تبصري جي جواب ۾ گهٽ ۾ گهٽ اهو ته چئي سگهجي ٿوته جيل ۾ قيدين کي ماني کارائڻ حڪومت جو فرض هوندو آهي. حڪومت هن ملڪ کي جيل ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ان ڪري روڪيو ته هن لاءِ ايترن قيدين کي ماني کارائڻ ممڪن نه هو.
سوشل ميڊيا تي قانون ته ٺهي ويو پر جڏهن حڪومت ان تي عمل جو سوچيو ته ان جي دائري ۾ اها پاڻ کي پاڻ به داخل ٿيندي نظر آئي. ان صورت ۾ حڪومت قانون مان هٿ ڪڍڻ ئي مناسب سمجهيو ۽ ايف آءِ اي کي روڪيو ته هوءَ “پيڪا” جي قانون تي عمل ڪندي گرفتاريون نه ڪري. ڇا ايف آءِ اي جي ايتري سائيز ۽ سگهه آهي جو اها ايترين ڪيسن کي منهن ڏئي سگهي؟ حڪومت جنهن وقت اهو قانون پيش ڪرڻ جي پاداش ۾ تنقيد جي نالي ۾ پنهنجي توهين ڪرائي رهي هئي، ان وقت ئي انهن صفحن ۾ اهو تحرير ڪيو ويو هو ته ان قانون تي عمل ڪرڻ ممڪن ئي ناهي. حڪومت عملي حوالي سان ناقابل عمل قانون جوڙيو ۽ ان جو مزو به ورتو. هاڻي سوال اهو آهي ته حڪومت جي ان عظيم ڪم جي ڀيٽ ۾ مخالف ڌر ڪهڙو ڪارنامو ڪري رهي آهي؟ مخالف ڌر به پنهنجين پاليسين ۾ حڪومت کان ٻه قدم پوئتي ناهي. آخر هي ملڪ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي غلط پاليسين جي مقابلي جو ميدان ڪيئن ٿيندو؟ ان لاءِ حڪومت سان گڏ مخالف ڌر کي به ته ڪوئي نه ڪوئي ڪارنامو ڪرڻو هو. ان سلسلي ۾ مخالف ڌر غلطيءَ جي جواب ۾ بلنڊر ڪرڻ کان باز ڪيئن رهي؟ اهوئي سبب آهي ته مخالف ڌر لاهور کي مرڪز بڻائي حڪومت کي هٽائڻ جي اها حڪمت عملي ٺاهي رهي آهي، جنهن جي ڪاميابيءَ جي کيس پاڻ به پڪ ناهي.
پاڪستان جا سياستدان به پنهنجي طرح جا عجب نمونا آهن ۽ عوام انهن جو تماشو ڏسي اڃان تائين بوريت جو اظهار نه ٿو ڪري. ڇا اها حقيقت ناهي ته جڏهن احتساب جو وارو ايندو آهي ته هر سياستدان اسپتال ڀيڙو ٿيندو آهي ۽ جڏهن گرفتار ٿيڻ جو ڪو چانس نه هوندو آهي ته ساڳيا سياستدان اسپتال مان نڪري چاڪ چڱا ڀلا بڻيا حڪومت جي ڀتي ڀت کي ڌڪا ڏيندا نظر ايندا آهن. هن وقت مخالف ڌر فل موڊ ۾ آهي ته اها وزير اعظم عمران خان جي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ آڻي. عدم اعتماد جي تحريڪ جي ناڪاميءَ جو اعلان ڪندي هڪ وفاقي وزير اهو بيان ڏنو هو ته هڪ سپاهيءَ کان وٺي هڪ جنرل تائين سموري فوج حڪومت سان گڏ آهي. هن حڪومت سان فوج گڏ آهي يا نه اهو پتو پوڻ ۾ به ڪا گهڻي دير نه لڳندي پر سوال اهو آهي ته ڇا فوج کي سرڪار سان گڏ نه بيهڻ گهرجي؟ فوج سرڪار سان گڏ نه هوندي ته ڪنهن سان هوندي؟ ڇا ان قسم جا بيان ڏيڻ گهرجن؟ ان سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير پنهنجو اهو منطق پيش ڪري سگهي ٿو ته هن جو بيان انتظامي نه پر سياسي نوعيت جو هو. حڪومت پهرين ڏينهن کان وٺي اهو تاثر ڏئي رهي آهي ته هن کي ڪا پرواهه ناهي پر حڪومت جي پريشاني هر حوالي سان نظر اچي رهي آهي ۽ اچڻ به گهرجي. ڇو ته ڪڏهن ڪڏهن کل کل ۾ به ذل ٿي ويندي آهي.
تحريڪ انصاف جو اڳواڻ ۽ ملڪ جو سربراهه پنهنجي ان جملي سبب پوري ملڪ ۾ مشهور آهي ته “گهبرانا نهين هي” پر هن وقت هن کي پنهنجي ان نصيحت تي عمل ڪرڻ جي ضرورت پيش اچي رهي آهي. جڏهن ته حڪومت کي اهو به معلوم آهي ته هوءَ جن هٿن ۾ آهي، انهن ۾ هوندي کيس ڪنهن به لهر يا لوڏي جو ڪو انديشو نه هجڻ گهرجي. پر بقول شاعر “دل هي ڪي مانتا نهين” حڪومت ناڪاميءَ جي رٿ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڇا رٿي رهي آهي؟ ڇا سرڪار جي اها رٿ به “پيڪا” نالي اهڙي قانون جهڙي هوندي، جنهن جي عمل ۾ نه اچڻ جي پوري پڪ هجي؟ حڪومت مخالف ڌر جي ڪوششن کي تمام غور سان ڏسي رهي آهي. جڏهن ته مخالف ڌر پنهنجو سڀ کان وڏو وار ڪرڻ جون تياريون پوريون ڪري رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ مخالف ڌر پنهنجو مهندار ملڪ جو مشهور ڪردار آصف زرداري ڪيو آهي. اهو آصف زرداري جنهن جي خلاف مخالف ڌر جون وڊيوز هن وقت به وائرل ٿي رهيون آهن.
ملڪ جو وزير اعظم چين کان پوءِ روس جي دوري تي نڪتل آهي ۽ مخالف ڌر حڪومت کي ڪيرائڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي. ان سلسلي ۾ مخالف ڌر جي مهندار آصف زرداريءَ مخالف ڌر پاران وزير اعظم جي اميدوار جو نالو به پڌرو ڪري ڇڏيو آهي. آصف زرداريءَ چيو آهي ته مخالف ڌر جو اميدوار شهباز شريف هوندو. شهباز شريف کي وزير اعظم جو اميدوار بڻائڻ جو مقصد صرف اهو ناهي ته جيڪڏهن رٿ ناڪام ٿي ته بدنامي شهباز شريف جي حصي ۾ ايندي پر آصف زرداري ان قسم جي قرباني ڏئي سڀاڻي امڪاني طور تي گڏيل چونڊ وڙهڻ جي نتيجي ۾ گڏيل حڪومت ٺاهڻ جي صورت ۾ وزير اعظم پنهنجو ڪرڻ جي رٿ به ذهن ۾ رکي ويٺو آهي پر سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته جڏهن جا مينهن تڏهن جون گپون! هن وقت ته مخالف ڌر هيڻي حڪومت کي ڪيرائڻ واري عظيم مشن ۾ مصروف آهي. جڏهن هن کي خبر به آهي ته اصل سرڪار هن کي اهو ڪجهه نه ڪرڻ ڏيندي. هونءَ به اهڙن ڪمن جي ڪاميابي اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد سان مشروط هوندي آهي. جيڪڏهن مخالف ڌر کي اسٽيبلشمينٽ جو آشيرواد حاصل هجي ها ته حڪومت وٽ استعفيٰ ڏئي رهي کهي عزت بچائڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو به نه رهي ها. پر هن وقت تائين حڪومت جي چهري تي ان قسم جي حيراني ناهي ۽ نه وري مخالف ڌر جي منهن تي اهڙي مسرت نظر اچي ٿي، جيڪا اڳواٽ ئي ڪاميابيءَ جي ضمانت هوندي آهي. مخالف ڌر پنهنجي طور تي ڪوششون ڪرڻ جو حق رکي ٿي ۽ نه رڳو حق رکي ٿي پر اهو حق استعمال ڪرڻ جي طرف به وڃي ٿي ۽ ان سلسلي ۾ اهو سوچڻ گوارا نه ٿي ڪري ته مخالف ڌر جو اهو تير پنهنجي نشاني تي لڳندو به يا نه؟
عمران خان جي حڪومت پٽ سٽ جا ڪجهه ميمبر هٿ ڪري نمبر پورو ڪرڻ بعد وجود ۾ آندي وئي هئي. جيڪڏهن مخالف ڌر کي موڪل ملي ها ته حڪومت وجود ۾ اچڻ به ممڪن نه هئي ۽ جيڪڏهن ڪنهن طور تي حڪومت قائم به ٿي وئي ته ان کي ڪيرائڻ ڪو وڏو ڪم ته نه هو. ڪنهن به مهل ڪجهه ميمبر هيڏانهن کان هوڏانهن ڪرڻ ڪنهن به طرح سان مشڪل نه هو پر اهو ڪجهه نه ڪيو ويو ۽ هن وقت جڏهن حڪومت جي وڃڻ ۾ هڪ سال بچيو آهي، تڏهن مخالف ڌر پنهنجا اوزار کڻي ميدان تي لٿي آهي ۽ اها هر صورت ۾ پنهنجو ٽارگيٽ پورو ڪرڻ جي عزم جو اعلان ڪري رهي آهي. مخالف ڌر کي معلوم آهي ته اسٽيبلشمينٽ ملڪ جي معاشي ۽ علائقي جي سياسي صورتحال جي پس منظر ۾ اهڙو ڪو تماشو ڪرڻ نه ڏيندي، جنهن سان ملڪ کي وري نئين بحران سان منهن ڏيڻو پوي. آءِ ايم ايف کان وٺي تمام گهڻن منصوبن کي آخري شڪل ڏيڻ تائين هڪ نه پر هزار مسئلا اهڙا آهن، جن جي هوندي مخالف ڌر کي موڪل نه ملندي ته اها رياست سان راند ڪري ۽ ان راند ۾ حڪومت کي هٽائي به وڃي ۽ صرف هڪ سال جي لاءِ نوان گهوڙا ۽ نوان سوار ميدان ۾ لاٿا وڃن. پاڪستان لاءِ ان قسم جا تجربا افورڊ ڪرڻ تمام مشڪل آهي. ان حوالي سان حڪومت جي خلاف مخالف ڌر جي عدم اعتماد واري رٿ جي ڪاميابيءَ جو تعلق جيڪڏهن ڪنهن سياسي سوديبازيءَ سان آهي ته پوءِ اهو الڳ معاملو هوندو پر جيڪڏهن اصل ٽارگيٽ حڪومت کي هٽائڻ ۽ پنهنجي حڪومت قائم ڪرڻ آهي ته پوءِ ملڪ جي عوام کي اهو سمجهڻ پورو حق هوندو ته هن کي جهڙي حڪومت ملي آهي، تهڙي کيس مخالف ڌر هٿ آئي آهي. اهڙي طرح ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال کي ڪنهن به طرح سان متوازن نه چوڻ صحيح نه ٿيندو. جيڪڏهن حڪومت کي اهو حق آهي ته اها اهڙو قانون پيش ڪري جيڪو قابل عمل نه هجي ته پوءِ مخالف ڌر کان اهو حق ڪير ٿو کسي سگهي ته اها به اهڙو منصوبو جوڙي جنهن جي مقدر ۾ ڪاميابيءَ جو ڪو به امڪان نه هجي. ان صورت ۾ ئي ته اهوئي چئي سگهبو ته ملڪ جون سياسي قوتون پنهنجي مزاج ۾ هڪ جهڙيون آهن.