پهرين ڳالهه ٿيندي هئي مارچ جي، جنهن لاءِ پير پاڳارو شاه مردان شاه سياسي اصطلاح ۾ چوندو هو، مارچ ۾ ڊبل مارچ ٿيندو. ان ڪري هڪڙو مارچ، ٻيو لانگ مارچ ۽ ٽيون وري شارٽ مارچ جو اصطلاح به موجود آهي. پر هرون ڀرون اهڙي مارچ کي شارٽ ڪٽ مارچ سڏڻ عجيب غريب اصطلاح جوڙيو ويو. عام طور تي نجي زندگيءَ کان وٺي سياسي طور به شارٽ ڪٽ وارو اصطلاح اڳ ۾ ئي مروج ٿيل آهي. هونءَ به ورن وڪڙن واري سياست بدران شارٽ ڪٽ هڻڻ اڄ واري جديد دور جي پوليٽيڪل سائنس جو اهم علم سمجهيو وڃي ٿو. خبر ناهي ته يونيورسٽين ۾ اهڙو علم (شارٽ ڪٽ) پڙهائڻ وارو نصاب لاڳو ٿي چڪو آهي يا نه، پر اهو بحث اجايو آهي. ڇو ته اسان وٽ جديد گهرجن وارو نصاب جوڙڻ اڃان تائين رائج نه ٿيو آهي. تنهنڪري سياسي طور شارٽ ڪٽ سمجهڻ لاءِ ڪنهن پوليٽيڪل سائنس جي پروفيسر کي تڪليف ڏيڻ بدران عملي سياست ڪندڙ اڳواڻن جي روزمره سياسي ڪارڪردگي ڏسڻ سان آگاهي ملي سگهي ٿي.
مارڪسوادي سياست ۾ چين واري لانگ مارچ کي وڏي اهميت آهي.1934-35ع ۾ 6 هزار ميل يا هڪ هزار ڪلوميٽر جو تاريخي لانگ مارچ ڪيو. انهيءَ مارچ جي بنياد تي چيني ڪميونسٽ پارٽي انقلابي مرڪز کي ملڪ جي ڏکڻ-اوڀر مان ڪڍي اتر-اولهه واري طرف تائين پهچائي ڇڏيو. انهيءَ مارچ کانپوءِ پوري چين ۾ ڪامريڊ مائو جي ليڊرشپ نمايان اڀري اڳيان آئي. چين جي لانگ مارچ دوران 18 جابلو سلسلا، 24 درياءَ جهاڳي يا پليون ٺاهي، پار ڪري اتر اولهه واري صوبي شانسي تائين جو سفر ڪيو. لانگ مارچ تي فضائي بمباري ۽ ٻين حملن جي نتيجي ۾ 1935ع تائين فقط 8 هزار ماڻهو وڃي بچيا هئا. مارجي ويل، بيماري، بک ۽ اڃ وگهي مري ويندڙ هزارين ماڻهن کانسواءِ مسنگ يا گم ٿي ويا هئا. گم ٿي ويلن ۾ مائو جا ٻه پٽ ۽ هڪ ننڍو ڀاءُ به شامل هو. ان ڪري انقلابي پارٽين ۾ چين واري لانگ مارچ جو وڏو سياسي اثر آهي. اسان جي ملڪ جي سياست ۾ پڻ ڪامريڊ مائو واري لانگ مارچ جي پس منظر ۾ ٿورا گهڻا ننڍا يا وڏا مارچ ٿيندا رهيا آهن. جن ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي سنڌ جي سياسي مسئلن کي سامهون آڻڻ ۽ ان وقت ڪميونسٽ پارٽيءَ جي وچ ۾ پيدا ٿيل گروپنگ واري ماحول مان نڪرڻ لاءِ سنڌ ۽ پنجاب جي دنگ ڪمون شهيد کان ڪراچي تائين جو پيرين پنڌ مارچ ڪيو. مارچ اڃان ڪوٽڙي وٽ هو ته ان دوران ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جو والد استاد سچل جنجهي وفات ڪري ويو ۽ ڄام ساقي مارچ ڇڏي پنهنجي والد جي آخري رسمن ۾ شريڪ ٿيو ۽ عذر خواهيون وصول ڪري، پٿون ٿيل پير کڻي ڪينجهر وٽ ڪراچي ڏانهن هلندڙ مارچ ۾ ٻيهر شامل ٿيو.
ان کانسواءِ رسول بخش پليجي سنڌ جي سياست ۾ مارچن کي گهڻو متعارف ڪرايو. رسول بخش پليجي سکر کان ڪراچي، ڀٽ شاه کان ڪراچي تائين مارچ ڪيو. ڀٽ شاه کان شروع ڪيل مارچ ۾ شاه نواز جوڻيجو يڪجهتي طور شريڪ ٿيو ته هو گرفتار ٿي ويو. رسول بخش پليجي ۽ ٻين ساٿين کي مٽياري ۽ ٻين ٿاڻن تي ويهاريو ويو. هوسڙي ۾ اقبال ملاح کي مارچ ۾ شريڪ ٿيندڙن جي رات جو ميزباني ڪرڻ تي پوليس پاران ڪئين جانچن مان گذارڻ وارن ڪيترن ئي مرحلن مان گذرڻو پيو. عوامي تحريڪ جي انهيءَ مارچ تي سجاول ۽ ٺٽي ۾ پوليس لٺ بازي ڪئي، جنهن ۾ جيجي زرينا بلوچ، ادي حور پليجو ۽ ٻيون عورتون شديد زخمي ٿيون. ان کانپوءِ عوامي تحريڪ پاران جيڪب آباد کان ڪراچي تائين ۽ رسول بخش پليجي پاران پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ به گوڙاڻو ڊيم خلاف ڪئين مهينن کان بک هڙتال ڪندڙن جي حمايت ۾ ۽ ٿر جي ڪوئلي سان لاڳاپيل سياسي معاملن جي بنياد تي اسلام ڪوٽ کان ڪراچي تائين پيرين پنڌ مارچ ڪيو. ساڳي ريت قومي عوامي تحريڪ اياز لطيف پليجي جي اڳواڻي ۾ ڪنڌ ڪوٽ کان ڪراچي وارو مارچ ڪيو. اهڙي ريت سنڌ جي مسئلن جي حل لاءِ ڊاڪٽر قادر مگسي جي اڳواڻي ۾ ايس ٽي پي پاران سکر کان ڪراچي تائين پيرين پنڌ مارچ ڪيو. جڏهن ته شهيد بشير خان قريشيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ سکر کان ڪراچي پيرين پنڌ مارچ ڪيو ويو ۽ ٻيو مارچ قاضي احمد کان ڪراچي تائين وارو ڪيو. جتي ڪراچي پريس ڪلب تي پهچڻ وقت پوليس بشير خان جا ڪپڙا ليڙو ليڙون ڪري ڇڏيا هئا. هارين جي حقن لاءِ ۽ ٽيننسي ايڪٽ ۾ ترميمون ڪرڻ لاءِ سيپ پاڪستان ۽ هاري پورهيت تنظيم جي اڳواڻي ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي مزار کان ڪراچي تائين مارچ ڪيو ويو. اهڙي ريت سنڌ ۾ ٿيندڙ مارچن ۾ فشر فوڪ فورم پاران سنڌو درياءَ ۾ پاڻيءَ جي ڇوڙ نه ٿيڻ خلاف ۽ درياءَ جي بحاليءَ لاءِ کارو ڇاڻ کان المنظر تائين عورت ۽ مرد ملاحن جو مارچ ٿيو. ساڳي ريت فشر فوڪ فورم ڪراچيءَ کان اسلام آباد تائين درياءَ جي بحالي وارو گاڏين ۾ چڙهي وڃڻ وارو مارچ ڪيو. جنهن ۾ پنجاب ۾ لاهور، ملتان، پنج ند، مٺڻ ڪوٽ سميت سڀني وڏن شهرن ۾ درياءَ جي بحالي ۽ ڪالاباغ ڊيم خلاف احتجاج ڪيو ۽ آخر ۾ اسلام آباد ۾ قومي اسيمبليءَ جي اڳيان احتجاجي ڌرڻو پڻ هنيو. ساڳي ريت فشر فوڪ فورم ڪراچيءَ کان اسلام ڪوٽ تائين سنڌ جي ماحوليات جي مسئلن جي حوالي سان پيرين پنڌ مارچ ڪيو. پر بلوچستان ۾ مسنگ پرسن جي مسئلي تي اهم نوعيت جو مارچ ماما قدير بلوچ ڪيو هو. چئن مهينن وارو اهو مارچ ڪوئيٽا کان ڪراچي تائين ۽ ڪراچيءَ کان اسلام آباد تائين جو مارچ هو. جنهن ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ به بحث ۾نه اچي سگهندڙ بلوچستان جا نج پج مسئلا ملڪ جي اهم شهرن ۾ پهچي سامهون آندا هئا. بلوچستان جي سياست ۾ مزاحمت کي پرامن مارچ ذريعي پيش ڪيو هو. ضياءُالحق جي مارشل لا ۾ سياست جو ذڪر به نه ڪري سگهڻ واري زماني ۾ پراڻي هاري ورڪر ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي ساٿي دادا علي بخش شيدي سانگهڙ کان ڳڙهي خدابخش ڀٽو تائين پيرين پنڌ پ پ جي 6 ڄڻن واري جيالن جي جٿي سان گڏجي مارچ ڪرڻ جو رواج وڌو هو. شهدادپور کان ڳڙهي خدا بخش تائين 300 ماڻهن جي قافلي سان شرڪت ڪرڻ واري ان وقت پ پ جي اڳواڻ غلام رسول انڙ جي ڪيل اعلان جي باوجود جڏهن ماڻهو نه پهتا ته، قاضي صدرالدين ۽ دادا علي بخش شيدي ڳائڻي طفيل سميت 6 ڄڻن جو قافلو نڪتو. دادا علي بخش شيدي سنڌ ۾ بنا ڪنهن سياسي تعصب جي هر پيادل مارچ ۾ شريڪ ٿيندو رهيو آهي. (ڄام ساقيءَ جي مارچ ۾ دادا علي بخش شيديءَ جي شرڪت ڪرڻ تي هاري ڪميٽيءَ جي اڳواڻ ڪامريڊ غلام رسول سهتي ۽ صالح بلوءَ کيس شوڪاز نوٽيس ڏنو هو.) ويجهڙائي وارن سالن ۾ اهڙي هڪڙي پيرين پيادل پ پ يوٿ جي ورڪرز جٿي جي اڳواڻي ڪندي اڳوڻو سينيٽر عاجز ڌامره به پنهنجا پير پٿون ڪري ڳڙهي خدا بخش پهتو هو. اڳتي هلي اهڙا پيادل جٿا عوامي تحريڪ پاران شهيد فاضل راهوءَ جي ورسيءَ تي پهچڻ جو رواج پڻ هو. ويجهڙائي وارن ڏينهن ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگره تي ٽنڊو محمد خان ۽ ٻين هنڌن تان پيرين پنڌ سن ۾ پهچڻ وارا جسقم جي ورڪرن جي پيادل جٿن جي پهچڻ جو پڻ سياسي طور رواج رهيو آهي. هونءَ سنڌ ۾ غوث جا پانڌي پنهنجي مرشد جي زيارت لاءِ سنڌ جي مختلف ڳوٺن کان ملتان پيرين پنڌ پهچڻ وارو روحاني سفر ڪندا رهيا آهن. جن کي سنڌ ۾ غوث جا پانڌي سڏيو ويندو آهي. ٿرپارڪر جي ڳوٺ ويڙهي جهپ جي ميلي ۾ شرڪت لاءِ سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن مان پيرين پنڌ لڙهي صاحب (جهنڊي وارو علم) کڻي پهچندا رهيا آهن. پر پيرين پنڌ وڏا قافلا رامان پير جي ميلي ۾ ٽنڊو الهيار ۾ پهچندا آهن. ٽنڊو الهيار کان حيدرآباد تائين هارين جي حقن لاءِ عوامي ورڪرز پارٽي پيادل مارچ ڪري، هاري اشوز وس وارن تائين آندا. ڪولهين جي تنظيم پاران بدين کان حيدرآباد تائين پيادل مارچ ڪري پنهنجا مسئلا وس وارن تائين پهچايا. اهڙي ريت پيرن پيادو مارچ يا جٿن جي صورت ۾ سفر ڪرڻ وارو رواج پراڻي دور کان سنڌ ۾ رائج آهي. اهڙوئي هڪڙو ٽن ڄڻن جو قافلو 1930ع ۾ جڏهن اڃان ٻئي حر مارشل لا به نه لڳي هئي، ان زماني ۾ سورهيه بادشاه (پير صبغت الله شاه) کي پهرين مليل سزا ۾ رتنا گري جيل ۾ قيد ڪيو ويو هو. ان وقت انگريز حڪومت پاران هر علائقي جي سرڪش حرن کي پنهنجي پنهنجي ٿاڻي جي حد ۾ روزاني حاضري ڀرائڻ لاڳو ڪئي وئي هئي. تنهن وقت ٽن حر فقيرن امير بخش فقير وساڻ، محمد حسن عرف ٺڪر وساڻ ۽ قادر بخش عرف قادن ڪيريو گڏجي صلاح ڪئي ته هلو پير سائين سان جيل ۾ ملاقات ڪرڻ هلون. هو بنا ڪنهن کي ٻڌائڻ جي سنجهورو ٿاڻي کان پيادل سفر ڪري رتنا گري جيل پهتا. 15 ڏينهن رتناگريءَ ۾ رهيا. کين سورهيه بادشاه جي جيل ۾ ملاقات نصيب ٿي. چئن مهينن جو عرصو کين انهيءَ سفر ۾ لڳو. جنهن ۾ ڪڇ جو رڻ جهاڳڻ وارو ڏکيو سفر پڻ شامل هو.
سنڌ جي سياست ۾ جڏهن مارچن ڪرڻ واري سياست گهڻي مشهور ٿي، ان کانپوءِ سول سوسائٽي ان پالولر سياسي نعري کي استعمال ڪندي حيدرآباد ۾ ته صفا سولا مارچ شروع ڪرڻ جو رواج وڌو. جنهن ۾ حيدرآباد ۾ ايس پي چوڪ کان پريس ڪلب تائين مارچ. جڏهن مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن اعتراض ڪيو ته هي ته ايترو ٿورو پنڌ آهي، جو طئي ڪيل سمورا نعرا به لڳي نه سگها ۽ پنڌ کٽي ويو. پوءِ ان ۾ وڏي تبديلي ڪندي شهباز بلڊنگ ۽ جيم خانه چوڪ کان پريس ڪلب تائين وارن مارچن جو رواج پيو. جيڪو اڃان تائين مروج آهي.
جڏهن ته ڪارن ذريعي ڪراچيءَ کان 10 ڏينهن جو سفر ڪري، اسلام آباد تائين پهچڻ وارو مارچ ته صفا نئون سياسي انداز آهي.