اڳوڻي سوويت يونين جي ٽٽي وڃڻ کان پوءِ پوري دنيا ۽ خاص ڪري يورپ سک جو ساھه کنيو هيو ته هنن جي سرد جنگ جي ڪشمڪش مان جان آزاد ٿي ۽ هو نفسياتي دٻاءَ کان آزاد ٿيا ڇو ته جڏهن سوويت يونين قائم هو تڏهن سرمائيداري ۽ ڪميونزم ۾ ڇڪتاڻ هئي. ٻنهي ۾ نظرياتي ۽ سياسي مقابلي کان وڌيڪ هٿيار جي طاقت سان هڪ ٻئي کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ هٿيارن جي ڊوڙ هر روز تيز کان تيز ٿي رهي هئي ۽ پوري دنيا کي اهوئي خوف هو ته جيڪڏهن هن ٻن بلاڪن جي وچ ۾ يعني سوويت يونين ۽ آمريڪا (سوويت يونين سوشلسٽ بلاڪ جي نمائندگي ڪندو هو ۽ آمريڪا پوري سرمائيداري دنيا يعني بوجواسي دنيا جي نمائندگي ڪندو هو. جيڪو هن وقت تائين ڪري رهيو آهي) وچ ۾ ڪنهن به مرحلي تي جنگ لڳي ته پوري دنيا ان جنگ جي شعلن ۾ سڙي رک جو ڍير بڻجي ويندي. برطانيه جي عظيم ڏاهي برٽرينڊ رسل لکيو آهي ته “هن وقت دنيا نظامن جي جھيڙي ۾ وڌندي هٿيارن جي ڊوڙ ۾ ان حد تائين پهچي چڪي آهي جيڪڏهن جنگ لڳي ته پوءِ پوري دنيا جي انساني آبادي ختم ٿي ويندي. ڌرتي جي گولي تي رڳو ٻه انسان زندھه بچندا هڪ روسي هوندو ۽ ٻيو آمريڪي” تڏهن پوري دنيا خوف جي ان ڪنبڙي ۾ مبتلا هئي، سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ سرد جنگ جو اهو پورو خوف پڄاڻيءَ تي پهتو تڏهن آمريڪا وڏي فاتحانه انداز سان هي اعلان ڪيو هو ته هاڻي دنيا ۾ ڪميونزم جو رڳو خاتمو نه ٿيو آهي پر دنيا هڪ خوفناڪ عالمي جنگ کان به بچي وئي آهي، جنهن مان سندن مراد اها هئي ته دنيا کي خطرو ٽين عالمي جنگ جو، نظامن جي حوالي سان يعني ڪميونزم جي نظرياتي ۽ معاشي نظام سبب هيو ۽ اهو خطرو ٽري ويو.
يوڪرين تاريخي لحاظ کان ڪڏهن به پنهنجو پاڻ کي روسي اثر کان ٻاهر نه رکيو هو، قديم زارشاهي جي دور ۾ تمام گھڻيون رياستون روسي سلطنت جون ڪالونيون هيون، يوڪرين به انهن ۾ شامل هئي. توڙي جو يوڪرين جي اندر هڪ وڏو يعني 30 سيڪڙي جي لڳ ڀڳ آبادي روسي نسل يا قوم سان تعلق رکي ٿي يوڪرين جي معدنيات ۽ خوشحالي جو ذڪر ميڊيا جي اندر تمام گھڻو ٿي چڪو آهي هو دنيا جي اندر قدرتي وسيلن سان مالامال ملڪ آهي، جنهن ۾ تيل ۽ يورينيم جو تمام گھڻو مقدار موجود آهي اهي انگ اکر ميڊيا جي اندر گھڻي عرصي کان بحث ٿيندا رهيا آهن پاڻ ان جي ورجاءَ ۾ نٿا وڃون پر هيءَ جنگ وسيلن تي قبضي ڪرڻ لاءِ ناهي لڳي ۽ نه روس جو مقصد اهو آهي ته هو يوڪرين جي وسيلن تي قابض ٿئي پر سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ يوڪرين جي حڪومت ڪڏهن به روس مخالف نه رهي هئي پر هاڻي يوڪرين حڪومت روس سان وڇوٽي رکندي پنهنجو جهڪاءُ نيٽو جي طرف ڪري رهي هئي، عنقريب اهو خطرو روسين کي محسوس ٿي رهيو هو ته ڪڏهن به يوڪرين نيٽو ۾ شامل ٿي ويندو.
يوڪرين جي نيٽو ۾ شامل ٿيڻ سان نيٽو جون فوجون ۽ هٿيار يوڪرين ۾ تعنيات ٿين ها ۽ خاص ڪري جيڪڏهن آمريڪا پنهنجا ميزائل يوڪرين ۾ لڳائي ها ته روس جي نڙي تي رڳو نهن نه هو پر ان جي ڇاتي تي هڪ فوجي ۽ نيوڪليئر لت رکڻ جي برابر هيو، جنهن کي روس ڪنهن به صورت ۾ ۽ ڪنهن به قيمت برداشت نٿي ڪري سگھيو. يوڪرين حڪومت ۽ نيٽو جي ملڪن روس کي اهڙي ڪا به گارنٽي نه ڏني هئي ته نيٽو جو حصو نه ٿيندو، جيڪڏهن آمريڪا ۽ نيٽو جا ملڪ يا يوڪرين حڪومت اهڙي حڪمتِ عملي جوڙي روس کي يقين ڏيارين ها ته صورتحال جنگ جي حد تائين نه پهچي ها نيٽو جي اڳواڻي ڪندڙ آمريڪا پنهنجي فوجي ۽ سامراجي طاقت ۽ گھمنڊ ۾ ايترو مدهوش رهيو جو هن کي اهو يقين هيو ته روس جنگي دٻاءُ ڪيترو به وڌائيندو پر سڌو حملو نٿو ڪري سگھي ڇو ته کيس اهوئي يقين هيو ته روس نيٽو جي فوجي طاقت جي اڳيان ڪمزور آهي ۽ روس اهڙي غلطي نٿو ڪري سگهي، پر روسي صدر پيوٽن جي لاءِ اهو لازمي هيو ته هو پنهنجو طاقت جو مظاهرو ڪري نيٽو جي ملڪن ۽ خاص ڪري آمريڪا کي کليو چيلئنج ڪري ته روس ان جي ڪنهن به ڌمڪي کان ڏڪي نٿو. پاڻ روس جي ان جنگي قدم جي ڪنهن به صورت ۾ حمايت نٿا ڪري سگھون ۽ نه حمايت ڪرڻ گھرجي پر جڏهن سپر طاقتون پنهنجي سامراجي مفادن جي لاءِ سينو سپر ٿي اڳتي وڌنديون آهن ته انهيءَ جو لازمي نتيجو ٽڪراءُ ۾ ئي نڪرندو آهي جيڪو هاڻي نڪري چڪو آهي.
اسان کي هي به نه وسارڻ گھرجي ته 1960 واري ڏهاڪي ۾ ڪيوبا جي اندر سوويت يونين ميزائل پهچائي چڪو هيو ۽ اهي ميزائل صرف لڳائڻا هئا تڏهن شديد ڇڪتاڻ پيدا ٿي هئي آخر عالمي مداخلت کان پوءِ آمريڪا ڪيوبا ۽ سوويت يونين کي اها پوري ضمانت ڏني ته هو ڪنهن به صورت ۾ ڪيوبا تي فوجي حملو نه ڪندو، انهيءَ کان پوءِ اهو بحران ۽ ڇڪتاڻ ختم ٿي وئي هئي. هن وقت به صورتحال اهڙي ئي خطرناڪ مرحلي ۾ هئي آمريڪن نيٽو جي اتحادي ملڪن ۾ پنهنجون فوجون ۽ هٿيار آزادانه طريقي سان آڻين ٿا ڇو ته نيٽو اتحاد ۾ فوجي ۽ بچاءُ جو نقطو گڏيل طريقي سان شامل آهي، بلڪ نيٽو آهي ئي فوجي اتحاد، انهيءَ جي مقابلي ۾ اڳوڻي سوويت يونين وارسا اتحاد جنهن کي وارسا پيڪٽ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو پر هاڻي انهيءَ جي اها اهميت ناهي رهي. ڇو ته سوويت يونين نه رهيو آهي ۽ نه ان جا فوجي اتحاد رهي سگھن ٿا پر سوال هي آهي ته ڇا هاڻي هن جنگي ايڪشن کان پوءِ روس پوئتي هٽندو يا هو جيڪا يوڪرين جي اندر آپريشن سڏي ٿو ان کان پوئتي هٽي ويندو يقينن صورتحال ايتري آسان ناهي ڇو ته هاڻي خود يوڪرين جي اندر يوڪرينن ۽ روسين جي وچ ۾ هڪ اندروني ڇڪتاڻ جو بحران ۽ سياسي ٽڪراءُ موجود رهندو. يوڪرينن کي امن جي لاءِ روسي بالادستي کي قبول ڪرڻو پوندو يا هو بد کان بدترين جنگي بحرانن کي ۽ داخلي سياسي بحرانن کي منهن ڏين ٻئي طرف روس جي ان اڳرائي پوري نيٽو کي ڌوڏي وڌو آهي ۽ پيوٽن جي اها ڌمڪي يورپ ۽ آمريڪا جي هر ڪن ۾ گونجارو ڪندي رهندي ته جيڪڏهن هن جي ايڪشن تي يورپ يا نيٽو ڪا به حرڪت ڪئي ته هو ان جو اهڙو جواب ڏيندو جنهن جو هو تصور به نٿا ڪري سگھن. چين سڌي طرح سان روس جي اتحاد ۾ پاڻ کي شامل ڪري چڪو آهي جو هن ان جنگ ۾ پورو ملبو آمريڪا جي مٿان ڦٽي ڪيو آهي. هاڻي روس چين ۽ ڪجھه ٻيا اتحادي ملڪ جيڪي آمريڪي مخالف گروپ ۾ اچن ٿا اهي هڪ پاسي نيٽو جا ملڪ ٻئي پاسي. يقينن صورتحال هر روز بري کان بري ٿيندي ويندي. آمريڪا ۽ نيٽو جي ملڪن خاص ڪري برطانيه، فرانس، جرمني ۽ ٻين اتحادين روس تي معاشي پابنديون لڳايون آهن ۽ هن جي ڪيتري ئي واپار تي پابندي لڳائڻ کان سواءِ اسيٽس فريز ڪري ڇڏيا آهن هاڻي انهيءَ کي سمجھڻ ڏکيو ناهي ته روس جي حڪومت انهيءَ جي لاءِ تيار ۽ بي خبر نه هوندي. جنگ کان پهريان صدر پيوٽن ۽ سندس حڪومت نيٽو جي قدمن کان پوري طرح نه رڳو باخبر هوندي پر انهيءَ سان گڏوگڏ هن وٽ انهيءَ جو هڪ حل به هوندو. هن وقت روس هڪ اڀرندڙ طاقت آهي روس هڪ اهڙي خطي تي مشتمل آهي جيڪو جنگي نقطه نگاهھ کان انتهائي محفوظ، وسيلن جي اعتبار سان تمام گھڻو خوشحال، گھٽ آبادي وارو وڏو ملڪ آهي. جديد کان جديد ٽيڪنالاجي ۽ هٿيارن جي طاقت هجڻ ڪري هو بلڪل بيخوف ۽ مطمئن آهي. روس جي ان حملي سڀ کان وڌيڪ پريشان سرمائيدار ملڪن کان وڌيڪ غريب ملڪن کي ڪري ڇڏيو آهي. ڇو ته معاشي بحران جو وڌ کان وڌ اثر غريب ملڪن تي پوندو ۽ خاص ڪري پاڪستان ۽ جنهن جو وزير اعظم جڏهن روس جي دوري تي پهتو ته انهيءَ رات عصر مهل جنگ جو طبل وڄائڻ کان پوءِ صدر پيوٽن پاڪستان جي وزير اعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي. ڪلاڪ جي ملاقات ٽن ڪلاڪن تائين هلي. سندن وچ ۾ ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون، يقينن ان جو وڏو حصو آف دي ريڪارڊ ئي رهندو پر هن حالتن ۾ پاڪستان روسين کان حاصل جيستائين ڪجھه ڪري انهيءَ کان پهريان هن کي آمريڪين ۽ اتحادين کان جيڪو ڪجھه ملي ٿو انهيءَ جو گهڻو حصو وڃائڻو پوندو. شايد تاريخ ۾ عمران خان نيازيءَ جي لاءِ روس جو اهو دورو سندس بدنصيبيءَ جو هڪ وڏو سبب به بڻجي سگھجي ٿو. ۽ دنيا يا يورپ جيترو امن جي لاءِ اتساھه جي جذبن ۾ اڀريل هيا، هاڻي وڌ کان وڌ مايوسين ۽ خوف جو راڪاس وري پوري يورپ ۽ دنيا تي پنهنجا پر ڦهلائي ڇڏيندو.