ھن دنيا ۾ ھر روز کوڙ سارا انسان اچن ٿا ۽ کوڙ سارا وڃن ٿا اھو سلسلو صدين کان جاري ۽ ساري آهي ۽ قيامت تائٔين ائئن جاري رھڻو آهي پر ھن ھل چل جي بستئ ۾ ڪڏهن ڪن اھڙن املهه انسانن جو جنم ٿيندو آهي جن جي ڪنهن نه ڪنهن تاريخي ڪارنامي ڪارڻ اھي ماڻهو انهي ملڪ ۽ قوم جي سڃاڻپ بڻجي ويندا آهن. جنهن ڌرتي تي سندن جنم ٿيندو آهي يعني پو دنيا ۾ انهي ڌرتي، ملڪ ۽ قوم جي سڃاڻپ جو حوالو صدين تائين اھي تاريخ جا امر ڪردار ماڻهو ئي ھوندا آهن ڇاڪاڻ ته اھي ماڻهو ان قوم ۽ ملڪ جا سورما ھوندا آهن أيئن وري اھڙا به انيڪ ماڻهو اسان جي آسپاس موجود ھوندي به سماج کي پنهنجي ھئڻ جو احساس ڪنهن به صورت ۾ ڏياري ناهن سگھندا ڇو ته اھي ماڻهو فقط زنده ھوندا آهن پر سندن شعوري ۽ فڪري سگھه جو سڳو ساھه جي سڳي ٽٽڻ کان اڳ ۾ ئي ٽٽي چڪو ھوندو آهي، جنهن سبب “نه سڄڻ کي آسرو، نه دشمن کي ڀئو” جيان اھڙن فردن جي زندگي مان سماج کي ڪو به لاڀ ملي ناھي سگھندو، ڇاڪاڻ ته ھو ھن جھان جي جنجھٽ ۾ ايترو ته مگن ٿي ويندا آهن جو ھن دنيا جي عارضي آسائشن ڪارڻ اھي ماڻهو پنهنجي زندگي جو اصل مقصد وساري ويھندا آهن ته سندن دنيا ۾ اچڻ جو اصل مقصد ڪھڙو ھو. تنھنڪري اسان مان ھر شخص کي ڪوشش ڪري انهن ڪردارن، انهن سورمن جي راھه تي ھلڻ گھرجي جيڪي سدائين ٻين جي لا سٺي سوچ رکن ٿا. جيڪي ماڻهو، عالم انسانيت جي لا بنا ڪنهن رنگ، نسل، ذات پات جي ارڏاين جي فقط انسانيت جي عظمت جي ناتي انسان ذات لا ھاڪاري سوچن کي جنم ڏين ٿا، ته جيئٔن اسان جي به زندگي بامقصد بڻجي سگهي.
باقي اھو خوف دل ۽ دماغ ۾ ھرگز نه پالڻ گھرجي ته اسان جي ڪنهن به عمل تي جيڪڏهن معاشرو ھاڪاري ردعمل نٿو ڏيکاري ته اسان به پنهنجي ان عمل کي فضول سمجھندي اھو عمل ڪرڻ ئي ڇڏي ڏيون، ڇاڪاڻ ته زندگي ۾ اھو ڏاڍو مشڪل آهي ته ھر صورت ۾ سماج اسان کي ھر نيڪ ڪم جي عيوض تعريفي سندن سان نوازي يا وري گلابن جي بدلي ھميشھ اسان کي موٽ ۾ به گلاب ئي ملن. اھا ڳالهه سمجھائڻ لا لطيف سائين ڪيتري نه آساني سان اسان جي رھنمائٔي ڪري ٿو ته، جيڪو به وڻ ميويدار ٿئٔي ٿو سڀ کان وڌيڪ لٺيون، ڀتر ۽ پٿر پڻ انهيَ وڻ تي وسايا وڃن ٿا. انهيَ وڻ جي ميوي ڏيڻ ڪارڻ اھو وڻ موٽ ۾ اھي سڀ سور سھڻ تي مجبور ٿٔئي ٿو پر ان باوجود جڏهن ھڪ ڀيرو وڻ جو ميوو پچي تيار ٿئٔي ٿو ۽ موٽ ۾ ايتريون تڪليفون به اھو وڻ برداشت ڪري ٿو پر پو به اھو وڻ اسان لا ميوي ڏيڻ کان مڙي نٿو، جڏھن ته اسان ھر ڀيري رڳو ميوي حاصل ڪرڻ خاطر ان ميويدار وڻ مٿان پٿرن ۽ لٺين جو وسڪارو ڪريون ٿا. لطيف سائٔين وڻ جي انهيَ عظمت کي بيان ڪندي جيڪا عظمت دراصل رڳو وڻ جي ئي نه پر انهن انسانن جي پڻ آهي جيڪي ماڻهو ٻين جي ڀلائٔي خاطر پنهنجو جئ جوکي ۾ وجهڻ باوجود انسان ذات لا آسانيون پيدا ڪرڻ کان ھڪ قدم به پوئٔتي ناھن ھٽندا. جيڪي انسان حق جي راھه تي ھلندي اصلاح کان وانجھيل رڳو تنقيد برا تنقيد کي منهن ڏيڻ سان گڏوگڏ سمورن اڍنگن روين کي پڻ برداشت ڪندي ان جو جواب
وري به پنهنجي ڪنهن نه ڪنهن نيڪ عمل جي صورت ۾ ڏيندا آهن، ته اھڙن انسانن جي ڀيٽ لطيف سائين انهئ ميوي ڏيندڙ ۽ موٽ ۾ اذيتون برداشت ڪندڙ ان وڻ سان ڪئٔي آهي جيڪو ھر قسم جي تڪليف برداشت ڪرڻ کان پو به پنهنجي ڪرت يعني ٻين لا ميوو ڏيڻ کان مڙي نٿو. بقول لطيف سائٔين ته:
“وڻ ٿا پچي ميوو ڪن ھو پاڻ نه کائٔين پنهنجو
ٺڪر، ڀتر، ڇاڇڙيون، ڌوڏا، ڌوڻان ڌار سھن
ايڏي لڄ لطيف چئٔي ويچارن وڻن
ڦريو ٿا ڦر ڪن پت ڪارڻ پرين جي.”
جيڪڏهن لطيف سائٔين جي ھنن سٽن تي عمل ڪندي سماج ۾ ھر شخص پنهنجي مختصر زندگي ۾ حق ۽ سچ واري راهھ تي ھلندو رھي ته يقينن اسان کي پنهنجي زندگي جو اصل مقصد ھر صورت ۾ حاصل ٿي پوندو. منهنجي خيال ۾ موت رڳو ھن جسم جي پڃري مان ساھه جو پکي پرواز ٿيڻ جو نالو ئٔي ناهي پر انسان ته تڏهن به مري ويندو آهي، جڏهن سندس ضمير مري وڃي، جڏھن انسان جي اندر مان احساس بلڪل ختم ٿي وڃي، جيڪو انسان ظالم ۽ مظلوم ۾ فرق نه ڪري سگهي، جنهن شخص کي ڪنهن مجبور انسان جي پيڙا، بيوسي جو به احساس نه ٿئٔي، ته پو اھڙن ماڻهن جي زنده ھجڻ يا نه ھجڻ سان سماج تي ڪو به اثر نٿو پوي. ڇاڪاڻ ته زندگي رڳو پنهنجي لا جيئٔڻ جو نالو ناهي پر حقيقيت ۾ زندگي ته نالو ئي آهي پنهنجي ذات کان وڌيڪ ڪنهن ٻئٔي کي فائٔدو ڏيڻ جو، پنهنجي لا ته ھر ڪو جيئٔندو آهي پر روحاني راحت ۽ سڪون فقط انهن ماڻھن کي نصيب ٿيندو آهي جيڪي ماڻهو ڪنهن به نيڪي جو اجورو رڳو ڪنهن مسڪين شخص جي منهن تي ڦٽي آيل ننڍڙي مرڪ کي ئٔي تصور ڪندا آهن ۽ حقيقت ۾ اھڙا ئٔي امر ڪردار تاريخ جي صفحن تي ھميشھ زنده رھندا آهن. جيڪي ماڻهو پنهنجي زندگي ۾ ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ ڪڏهن پنهنجي قلم سان، ته ڪڏهن پنهنجي علم سان، معاشري ۾ پنهنجو مسيحائٔي ڪردار ادا ڪري ويندا آهن. جڏهن ڪنهن انسان مٿان ظلم ٿيندي ڏسڻ باوجود اسان جي انهيَ ظلم خلاف جدوجهد ڪرڻ بدران خاموشي اختيار ڪرڻ به منهنجي خيال ۾ انهيَ ظلم جي حمايت ڪرڻ جي برابر ٿيندو. تنھنڪري اسان کي پنهنجي ھن مختصر زندگي ۾ وڌ کان وڌ اھا ڪوشش ڪرڻ گھرجي ته اسان ھر صورت ۾ ھر قسم جي ظلم جي خلاف ٿي ڪري ھر مظلوم ۽ محڪوم ماڻهو جا ڀرجھلا ٿيون ان سان گڏوگڏ اسان کي سماج ۾ سدائٔين ٻين لا رھنمائٔي، آساني پيدا ڪرڻ جو ذريعو بڻجي پنهنجو گھربل ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي. ته جيئٔن رب ڪائٔنات طرفان مليل ھن زندگي جھڙي حسين نعمت جي گذرندڙ ھر گھڙي حسين بڻجي سگهي ڇو ته زندگي ڏاڍي مختصر آهي، ڪا خبر ناهي ته ڪڏهن ۽ ڪٿي اسان جي زندگي جي شام ٿي وڃي ۽ اسان ھن دنيا ۾ اسان جي اچڻ جي ان حقيقي مقصد ماڻڻ يعني خلق خدا جي خدمت ڪرڻ ۽ پنهنجي رب کي راضي ڪرڻ کان اڳ ئٔي ھن دنيا مان ھليا وڃون، تنھنڪري اسان کي ڪنهن ٻي ويل جو انتظار ڪرڻ بدران اڄ ئٔي ھن ڏتڙيل سماج جي ڀلائٔي خاطر پنهنجون سموريون صلاحيتون خرچ ڪرڻ گھرجن. بقول ڀٽائٔي:
“تتئ ٿڌي ڪاھه ڪانهي ويل ويھڻ جي
متان ٿئٔي اونداهھ، پير نه لھين پرين جو”.