ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

يوڪرين سان دوکو ڪنهن ڪيو؟

Editorial-Article- Umar Qazi

يوڪرين ۽ روس جو هونءَ به ڪو مقابلو نه هو پر روسي حملي ۾ يوڪرين جيترو هيڻو ٿيو آهي، هن جي ايتري هيڻائپ جو ڪنهن کي اندازو نه هو. شايد هن کي به معلوم نه هو ته هن جي مزاحمتي طاقت ايتري ڪمزور آهي جو هو روس جي هڪ ڦوڪ سان ڦهڪو ڪندو. روس يوڪرين جي مقابلي ۾ تمام وڏي طاقت آهي. روس هڪ وقت آمريڪا جي مقابلي جو ملڪ رهيو آهي. پر اهو سرد جنگ جو دور هو. هن دور ۾ به روس جنگي حوالي سان تمام مضبوط ۽ توانو ملڪ آهي پر ان حد تائين نه جيئن آمريڪا آهي ۽ جيڪڏهن آمريڪا پنهنجن سمورن نيٽو وارن اتحادين سان گڏجي سنڀري اچي ته شايد روس هن جو ان طرح سان مقابلو به نه ڪري سگهي. پر هتي ته اهڙي ڪنهن به مقابلي جو پري پري تائين ڪو امڪان ئي ناهي. آمريڪا ۽ برطانيا روس جي مٿان اقتصادي پابنديون مڙهي چڪا آهن ۽ ان سان روس جي منهن تي ڪا تشويش جي لهر به نظر نه آئي آهي. جڏهن ته هر ڏينهن پهريان کان وڌيڪ هيڻو ٿيندڙ يوڪرين پنهنجي حڪومت جي معرفت دانهون ڪري رهيو آهي ته هن سان تمام وڏو دوکو ٿيو آهي. هن سان جيڪي سوين هزارين واعدا ڪيا ويا هئا، انهن مان هڪ به پورو ٿيندو نظر نه ٿو اچي.
جيڪڏهن يوڪرين جي حڪمران کي معلوم هجي ها ته آمريڪا ۽ هن جا اتحادي کيس اڪيلو ڪري مارائيندا ته هو روس کي ميدان ۾ لهڻ ئي نه ڏئي ها ۽ روسي چتاءُ ملڻ شرط ماسڪو پهچي وڃي ها ۽ روس جا سڀ ضروري شرط تسليم ڪري پنهنجي ملڪ جا مفاد ۽ پنهنجي حڪومت بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي موٽي ها پر آمريڪين ۽ هن جي اتحادين يوڪريني سربراهه کي اهڙيون پٽيون پڙهايون جو هو جنگ وڙهڻ جي لاءِ تيار ٿي ويو. جڏهن ته هن کي معلوم نه هو ته روس جهڙي تمام طاقتور پاڙيسريءَ سان جنگ جو مطلب ڇا آهي؟ آمريڪا ۽ هن جا اهم اتحادي يوڪرين جا سرحدي ملڪ ناهن. جڏهن ته روس ۽ يوڪرين جي سرحد پاڻ ۾ ايتري گهڻي مليل آهي جو اها هر طرح سان فائديمند هئي ۽ هاڻي هر طرح سان نقصانڪار ٿي رهي آهي. هاڻي يوڪرين جي صدر کي محسوس ٿيو هوندو ته پاڻ کان ڏاڍي پاڙيسريءَ سان ڦٽائڻ نه گهرجي ۽ اهو به اهڙن واعدن تي جن جي وفا ٿيڻ جي ڪا اميد نه هجي. جيڪڏهن آمريڪا روس جي خلاف فوجي جنگ نه ڪري ها ۽ دنيا ۾ واويلا به مچائي ها ته اها تمام ڪارائتي ثابت ٿئي ها. حقيقت اها آهي ته آمريڪا جي صدر بائيڊن ۽ برطانيا جي وزير اعظم بورس جانسن ڪجهه بيان ڏيڻ کان سواءِ ڪجهه به نه ڪيو ۽ هو ائين ئي بيٺي يوڪرين جي تباهيءَ جو تماشو ڏسندا رهيا. آمريڪا جي صدر ته واضح ڪري ڇڏيو آهي ته هو يوڪرين جي حمايت ۾ روس سان فوجي نموني نه وڙهندو. هن ايترو به چيو آهي ته جيڪي آمريڪي يوڪرين ۾ ڦاٿل آهن، انهن کي ڪڍڻ جي لاءِ به آمريڪي فوج يوڪرين ۾ نه ويندي. ان سلسلي ۾ بائڊن جو موقف صاف آهي. هن ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ بار بار چيو هو ته آمريڪا جا شهري يوڪرين مان نڪري وڃن. ڇو ته جنگ جي صورت ۾ انهن کي هوائي رستي ڪڍڻ به ممڪن نه هوندو. هن وقت جيڪي آمريڪي يوڪرين ۾ آهن، انهن جي حالت پاڪستانين جهڙي آهي. انهن کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته هو ڇا ڪن؟
سمجهه ۾ نه اچڻ واري دائري ۾ صرف غيرملڪي نه پر يوڪرين جا شهري به شامل آهن. هاڻي به يوڪرين جي شهرين کي روسي فوجين سان وڙهائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي ۽ يوڪرين حڪومت پنهنجن شهرين کي هزارين هٿيار ڏئي چڪي آهي ته هو روس جو مقابلو ڪن پر يوڪرين جي حڪومت کي سمجهه ۾ اچڻ کپي يوڪرين ڪو افغانستان ناهي، جنهن ۾ شهري سالن جا سال مزاحمتي مورچن تي وڙهندا رهن. روس جي پوري ڪوشش هئي ته هو بنا جنگ ڪرڻ جي يوڪرين کان پنهنجيون ڳالهيون مڃائي وڃي ۽ هن وقت جيڪي روس جون ڳالهيون سامهون آيون آهن، انهن ۾ هڪ به اهڙي ڳالهه ناهي، جيڪا يوڪرين جي خلاف هجي. روس آخر ڇا ٿي چاهيو؟ روس صرف اهو ئي چاهيو ٿي ته ڪنهن طرح سان يوڪرين جي مٿي ۾ اها ڳالهه ويهاري ته هو پاڙي ۾ اهي پرايا نه آڻي جيڪي هتان جي سرزمين هتان وارن ملڪن جي خلاف استعمال ڪندا.
جنگ کان شديد نفرت ڪرڻ وارا ماڻهو به اصولي طور تي روس جي موقف جا حامي نظر اچن ٿا ۽ هو هن جنگ ٿيڻ جي سببن جو سمورو ڏوهه يوڪرين جي مٿان مڙهين ٿا. ڇو ته يوڪرين کي روس سان ويهي ڳالهيون سڌيون ڪرڻ کپنديون هيون ته هڪ طاقتور پاڙيسريءَ جي طور تي هو ڇا ٿو چاهي؟ دنيا جي ملڪن جون هونءَ به اهو ئي دستور رهيو آهي ته هو ڌارين جي ڪري پاڙي سان نه ڦٽائيندا آهن ۽ جيڪي ڦٽائيندا آهن ته انهن جو حشر پوءِ اهڙو ٿيندو آهي، جهڙو هن مهل يوڪرين جو ٿي رهيو آهي. يوڪرين پنهنجي عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ بنهه ناڪام ٿي آهي ۽ جيڪڏهن حڪومت کي معلوم هو ته اها روس سان مهاڏو اٽڪائي نه سگهندي ته پوءِآخر هن جنگ جو رستو ئي ڇو ورتو ۽ جيڪڏهن هن کي معلوم نه هو ته هن سان حال روس جي مقابلي ۾ هيڻا آهن ته هن کي حڪومت ڪرڻ جو حق به هو. هن مهل جيڪو به ٿي رهيو آهي، اهو عالمي بيوفائيءَ جو تمام وڏو تماشو آهي. يوڪرين ڪوشش جي باوجود به ايترو ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي، جيترو ڪجهه ٿي به سگهي ٿو. ان جا اهم سبب اهي آهن ته هن مهل خود يوڪرين جا فوجي آفيسر روس سان ڦٽائڻ نه ٿا چاهن. انهن کي معلوم آهي ته يوڪريني صدر جو ڪو مستقبل ناهي ۽ جيڪو نئون حڪمران ٿيندو، اهو ماسڪو جو ماڻهو هوندو ۽ جيڪڏهن يوڪرين ۾ وري به وڏي عهدي تي رهڻو آهي ته روس سان وفاداريءَ جو ثبوت فراهم ڪرڻو آهي ۽ هن مهل يوڪرين ۾ اهو ئي ڪجهه ٿي رهيو آهي. روس کي يوڪرين جي حوالي سان اهو جام فائدو آهي ته يوڪرين ۾ روسي ٻولي عام جام ڳالهائي ويندي آهي ۽ ٻيو ته روس ۽ يوڪرين جا ماڻهو پاڻ ۾ هڪ ملڪ بڻجي رهيا آهن ۽ انهن جي وچ ۾ اهڙي رقابت ناهي، جنهن ۾ توهين جو عنصر شامل هجي. يوڪرين اڳ به روس کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪندو هو ۽ يوڪرين کي هاڻي به اهو ڪردار ادا ڪندي ڪا تڪليف نه ٿيندي. جڏهن ته هن سموري معاملي ۾ جهڙي طرح آمريڪا چٽو ٿي سامهون آيو آهي، ان مان گهڻن ملڪن کي سبق سکڻ جو موقعو مليو آهي. هاڻي دنيا جا ملڪ آمريڪا جي ڏٽن تي لڳي پاڻ کي ان ميدان ۾ نه وٺي ايندا، جتي خواريءَ سان ٻيو ڪجهه به نه هوندو.
روس جي ڀرپور ڪوشش آهي ته هو عام شهرين کي هاڃو پهچائڻ کان سواءِ ئي پنهنجا مقصد ماڻي وٺي ۽ جهڙي ريت روس يوڪرين کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ وٺي رهيو آهي، ان مان اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته هيءَ جنگ ايترو گهڻو وقت نه هلي سگهندي ۽ جهڙي طرح روس يوڪرين کي آڇ ڏني آهي ته جيڪڏهن هو هٿيار هڪ طرف رکي ڳالهيون ڪرڻ ٿا چاهين ته روس ان جي لاءِ تيار آهي ته اهڙي آفر تي عمل ڪرڻ ۾ هن وقت گهڻو وقت لڳندو نظر نه ٿو اچي. روس سان يوڪرين جي موجوده حڪمرانن کي نه ته گهٽ ۾ گهٽ ايندڙ حڪمرانن سان ٺهي هلڻو پوندو ته جيئن يوڪرين سگهاري پاڙيسريءَ جي نقصانن کان بچي ۽ اهڙو ملڪ ثابت ٿئي، جيڪو طاقتور پاڙيسريءَ کان فائدو حاصل ڪندو آهي. روس يوڪرين جي لاءِ منڍ کان وٺي فائدي وارو ملڪ ثابت ٿيو آهي ۽ هاڻي به ٿي سگهي ٿو. جيستائين يوڪرين روس سان ساڻ هو، تيستائين دنيا جي ڪنهن ملڪ ۾ به اها جرئت نه هئي ته هو يوڪرين طرف ميري اک کڻي سگهي پر جڏهن کان وٺي يوڪرين آمريڪا جو طرفدار ٿي بيٺو ۽ هو پاڙي سان ڦٽائي پري وارن سان اهڙي ياري رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، جنهن مان پاڙي کي خطرو هو ته هن جي اهڙي روش جو منطقي نتيجو اهو ئي نڪرڻو هو ۽ يوڪرين پنهنجي هٿ سان وڍيءَ جو هڪ ڀرپور مثال بڻجي عالمي منظر تي اچي ويو آهي. جڏهن ته آمريڪا به هاڻي پوري دنيا ۾ دوکيباز ملڪ جي طوي تي ڀرپور شهرت ماڻي رهيو آهي ۽ دنيا سبق سکي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button