يوڪرين ۽ روس وچ ۾ گذريل ڏهن ٻارھن ڏينهن کان شروع ٿيل زباني تڪرار خميس تي باقاعدي ھڪ موتمار لڙائيءَ جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي جنهن ۾ ٽن ڏينهن اندر ھزارين جانيون ضايع ٿي ويون آهن ۽ ڦٽجي زخمي ٿيل ماڻهن جو انگ پڻ وڌي رهيو آهي.
ھنن ٻنھي پاڙيسري ملڪن وچ ۾ دشمني جي شروعات ته سوويت يونين جي خاتمي مھل ئي شروع ٿي ويئي ھئي جڏھن يوڪرين جي اڳوڻن حاڪمن روسي ٻولي ڳالهائيندڙ ٻن صوبن تي به قبضو ڪري ورتو ھو. ان زماني ۾ ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃڻ ڪارڻ روس سياسي ۽ معاشي طرح ايڏي بدحالي ۽ ڪمزوري جو شڪار ٿي چڪو هو، جو ڪنھن ننڍڙي اڳرائيءَ جي سگھه به ساري نه ٿي سگهيو. وڏي ڳالهھ ته سوشلسٽ انقلاب جي خاتمي کان پوءِ بورس يلسن جھڙو آمريڪي سامراج جو ڇاڙتو نئين قائم ٿيل جمھوري رشيا جو حڪمران ٿيو جيڪو چوويهه ئي ڪلاڪ نشي ۾ غرق ٿي آمريڪا ۽ ٻين مغربي ملڪن جي غلامي ۾ رڌل رهيو. سندس حڪومت جي دور ۾ روس اقتصادي طور ويتر پوئتي ڌڪجي سخت غربت جي ڌٻڻ ۾ ڦاسجندو ويو. عالمي ادارن جي قرضن ۾ وڪوڙجڻ کان پوءِ اڄوڪي پاڪستان وانگر مھانگائي ۽ بيروزگاري ايتري قدر وڌي ويئي جو روس جا ڪروڙين ماڻهو بورس يلسن جي خلاف ٿي ويا بلڪل ائين جيئن اڄڪلهه اسان جي ماڻهن جي دلين ۾ عمران خان حڪومت جي خلاف سخت نفرت آهي.
جڏهن 1999 ۾ ولاديمير پيوٽن اقتدار ۾ آيو ته اچڻ شرط تباهي جي ڪنڌيءَ تي ڊٺل معاشي حالتن کي سڌارڻ ۽ اڪانومي کي سنوارڻ لاءِ ھن پنھنجي ملڪ ۾ موجود گيس جي ذخيرن کي جرمنيءَ کان اتر يورپ ۾ فنلئنڊ ۽ ڏکڻ يورپ ۾ سلاويڪيا ۽ ترڪيءَ تائين پائيپ لائينز جو ڄار وڇائي ويهن يورپي ملڪن کي گيس وڪرو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ ٻن ڏهاڪن اندر عالمي بئنڪن جا قرض لاهڻ کان علاوه روس جي قومي خزاني ۾ 600 ارب ڊالر بچت ڪري، ھڪڙي بدحال ملڪ کي پنهنجن پيرن تي بيھارڻ ۾ سوڀارو ٿيو. ھن وقت روس دنيا ۾ قطر ۽ ناروي کان به وڏو گيس وڪرو ڪندڙ ملڪ بڻجي ويو آهي ۽ ڪيترن ئي يورپي ملڪن کي ڊپ آهي ته جي يوڪرين سان ڇڙيل جنگ جاري رهندي ته سندن ڪارخانا بند ٿي ويندا ۽ تمام گهڻي بيروزگاري يورپ ۾ پکڙجي سگهي ٿي.
يورپ جي ملڪن کي 35 سيڪڙو گيس جي فراهمي روس مان ٿيندي آهي. انھن ملڪن ۾ سڀ کان وڏو خريدار جرمني، برطانيه، اٽلي، بيلجيئم، سوئٽزرلينڊ، فرانس، پولينڊ، رومانيا، بلغاريه، ڊينمارڪ، ھالينڊ، يونان، ڪروشيا، بوسنيا ۽ سربيا وغيره شامل آهن.
ايئن چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو ته روسي پرڏيهي ناڻي توڙي اڪانومي (جنهن ۾ روزگار، انجنيئرنگ جي شعبي ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪمن، رستن ۽ شاھراھن کان سواءِ تيل ۽ گيس جي پائيپ لائينز جي سار سنڀال جھڙا ڪم ڳڻي سگهجن ٿا) جو چاليهھ سيڪڙو دارومدار گيس جي وڪري تي آهي. روس ڪڻڪ ۽ ٻي پوک ۾ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن کان اڳڀرو آهي. اسي واري ڏهاڪي ۾ جڏهن بورس يلسن اقتدار ۾ ھو روسي عوام لاءِ اٽو ميسر ڪرڻ واسطي آمريڪا کان ڪڻڪ گھرائي ويندي هئي. 1985 ۾ ٻه ڪروڙ پنجاهھ لک ٽن ڪڻڪ آمريڪا کان ورتي ويئي پر اڄ نه رڳو ڪڻڪ ۽ مڪئي جي پيداوار ۾ روسي پاڻ ڀرا آھن بلڪ ايڪسپورٽ به ڪري رهيا آهن. ڪڻڪ جي عالمي واپار ۾ اڄڪلهه 18 سيڪڙو روس جي ايڪسپورٽ آهي. ان کان علاوه ٽرئڪٽر ۽ ٻي ھيوي مشينري سان گڏوگڏ ٽيڪنالاجي به ايڪسپورٽ ڪري رهيا آهن.
جنگ جي صورت حال بابت بي بي سي تان ملندڙ تازن اطلاعن موجب روسي فوجون يوڪرين جي گادي واري شهر ڪيف ۾ ڪلهھ ئي داخل ٿي ويون هيون جتي ھنن بارود جي ذخيرن کي تباھه ڪري ڇڏيو آهي. ايئن به ناهي ته يوڪرين جا ماڻهو لت کوڙي سمهي پيا آهن. سندن مردن توڙي عورتن جي مزاحمت جا شاندار ڪارناما سوشل ميڊيا تي ڳائجن ۽ ساراهجن ٿا پيا. يوڪرين جو صدر ولاديمير زيلنسڪي پاڻ ھٿيار کڻي فوجن جي ڪمانڊ ڪري رهيو آهي. زيلنسڪي سياست ۾ قدم رکڻ کان اڳ فلمن ۽ ڊرامن ۾ ھڪ مسخري (ڪاميڊين) جو ڪردار ادا ڪندو ھو. سندس عوامي مقبوليت کيس صدارتي محل تائين پهچايو پر ھو سياست کي به عمران خان جيان مسخري سمجھي، پنهنجي پاڙيسري سپر پاور رشيا سان پنجن سالن کان کؤنس ڪندو رهيو. ھن بار بار آمريڪا ۽ يورپي ملڪن کي منٿون ڪيون ته يوڪرين کي ناٽو واري فوجي اتحاد جو ميمبر بڻايو وڃي. ناٽو جي معيار تي پورو نه لهڻ سبب سندس درخواست کي ھر ڀيري رد ڪري ڇڏبو هو. رشيا جي اڳواڻ ولاديمير پيوٽن کيس ڪيترائي دفعا سمجهايو ته ھو ھڪ سٺو پاڙيسري بڻجي رهي ۽ ناٽو کي روس جي سرحدن تائين گھلي اچڻ جي سازش بند ڪري پر مسخرو نه مڙيو. نيٺ مذاق مذاق ۾ ھڪ اھڙي خونخوار لڙائي لڳي ويئي آهي. ھاڻي زيلنسڪي ويٺو آمريڪا ۽ يورپ وارن کي گھٽ وڌ ڳالهائي ته ساڻس دوکو ڪيو اٿن. سڌي سنئين ڳالهه آهي ته وڌ ۾ وڌ ناٽو ميمبر ملڪن کي رشيا جيڪڏهن گيس جي سپلائي روڪي ڇڏي ته انھن ملڪن اندر ڀوائتو معاشي گھوٽالو جنم وٺندو. يورپ جا ملڪ ھونئن به ڊونالڊ ٽرمپ کان پوءِ آمريڪا کان پاسيرا ٿي چڪا آهن ڇاڪاڻ ته آمريڪا جيڪڏهن روس جي خلاف ايران وانگر اقتصادي پابنديون مڙهيندو ته ان جا اگرا نتيجا نه رڳو روس پر سمورن يورپي قومن کي به ڀوڳڻا پوندا. ھي لڙائي يوڪرين کي سبق سيکارڻ جي حد تائين برداشت ڪري سگهجي ٿي پر ان جو ھڪ پل به وڃائڻ بنا انت اچڻ گھرجي. نه ته تيل ۽ گيس سان گڏوگڏ اناج جي اگھن ۾ ٿيندڙ ڳاٽي ٽوڙ واڌارو سڄي دنيا جي ماڻهن لاءِ مھانگائي جي نئين خوفناڪ مصيبت کڻي ايندو.
پاڪستان جي سياسي صورتحال:
ھاڻي جڏھن ميان شهباز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان جي ڏينهن رات وٺ پڪڙ کان پوءِ وزير اعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ قومي اسيمبلي ۾ آڻڻ تي سمورين سياسي جماعتن ۾ اتفاق راءِ پيدا ٿي چڪو آهي ته پيپلز پارٽي جي سرواڻ آصف زرداريءَ پنجاب جي چوڌرين جي پٺڀرائي سان مخالف ڌر جي رڌڻي ۾ رولو وجهي ڇڏيو آهي. سياسي تجزيا ڪندڙن جيڪي نيون دلچسپ خبرون ٻڌايون آهن تن مطابق زرداري ۽ سندس ساٿاري چوڌري پرويز الاهي نئون نڪور مطالبو پيش ڪيو آهي ته قومي اسيمبلي بيشڪ عمران خان کي ھٽائي، گڏيل راءِ سان ڪو نئون وزير اعظم چونڊي وٺي پر پنجاب ۽ سنڌ اسيمبلين کي اڃا بچيل ڏيڍ سال پورو ڪرڻ گهرجي.
ھا، البت پنجاب مان عمران خان جي وڏي وزير عثمان بوزدار کي ڪڍي، سندس جاءِ تي آصف زرداريءَ جي اڳوڻي ڊپٽي پرائيم منسٽر چوڌري پرويز الاهي کي ڏيڍ سال واسطي چيف منسٽر پنجاب مقرر ڪيو وڃي. مطلب ته مٺا مٺا اسان کائون، کٽا کٽا مسلم ليگ کڻي! بليڪ ميلنگ جي انتھا ڏسو ته 2018 ۾ ٿيل عام چونڊن ۾ قومي اسيمبلي توڙي پنجاب اسيمبلي ۾ سڀني کان گھڻيون سيٽون کٽيندڙ ميان نواز شريف جي سڀ کان وڏي سياسي جماعت کي عمران حڪومت جي خاتمي کان پوءِ به 2023 وارين چونڊن تائين انتظار ڪرڻو پوندو ۽ ان کان پوءِ به يا نصيب.
اھو نئون فارمولو ٻڌي چون ٿا ته مولانا فضل الرحمان شھباز شريف کي سرٻاٽن ۾ چيو، “اوهان ڏسو پيا نه ته زرداري سنڌ سرڪار به پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکڻ چاهي ٿو ۽ پنجاب پنهنجن ساٿين حوالي ڪري اسان کي رڳو استعمال ڪري رهيو آهي. اھو آھي ٽيون ڀيرو پٺ ۾ ڪاتي وھائڻ.”
جڏهن لنڊن ۾ نواز شريف کي زرداري ۽ چوڌرين جا ھي شرط ٻڌايا ويا ته ھو ششدر ٿي ويو. نواز شريف ته اڳ ۾ ئي ڪئين دفعا ڏنگيل آهي سو ظاهر آهي ته ھنن شرطن تي بي اعتمادي وارو ووٽ ڪرائڻ کان اڳ ۾ ڏهھ ڀيرا سوچيندو. ھن ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي بدقسمتي اھا ئي آهي ته وڏيون سياسي جماعتون سدائين ايم ڪيو ايم ۽ قاف ليگ جھڙين ننڍين ننڍين پارٽين ھٿان بليڪ ميلنگ جو شڪار ٿي حڪومت ۾ اچڻ کان پوءِ به سدائين لوڏن ۾ ھونديون آھن. مٿان وري جيڪا تلوار ٽنگيل آهي واڳ ڌڻين جي، سا ته کين ھيڪاري ساڻو ڪريو ڇڏي.
ھاڻي ڏسجي ته آصف زرداري جي ھي نئين شطرنج واري چال ٿي ڪامياب ٿئي يا نواز شريف شرط مڃڻ کان انڪار ڪري ھن بازيءَ کي اتي ئي ڇڏي، ڌار ٿو ٿئي يا وري واڳ ڌڻي سڀني سياسي اڳواڻن جي واڳ ڇڪي، کين راند ڦٽائڻ کان روڪڻ ۾ ڪامياب ٿيندا.