ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اپوزيشن پاران بي اعتمادي رٿ بابت سرگرميون

Editorial

حڪومت جي خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ لاءِ اپوزِيشن جماعتن جون ڪوششون جاري آهن ۽ ان سلسلي ۾ حڪومتي اتحادين سان به رابطا ڪيا پيا وڃن. ذريعن موجب پيپلز پارٽي ۽ (ق) ليگ جي اعليٰ قيادت وچ ۾ رابطو ٿيو، جنهن ۾ چوڌري ڀائرن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪيو. مسلم ليگ (ق) اپوزيشن کان پنجاب جي وڏي وزارت گھري ورتي آهي. ذريعن موجب (ق) ليگ اپوزيشن کان پنجاب ۾ وڏي وزارت گھري ورتي آهي ۽ ليگي قيادت جو چٽو موقف آهي ته ان کان گھٽ تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪئي ويندي. ذريعن جو چوڻ هو ته پنجاب جي وڏ وزارت ملڻ جي صورت ۾ (ق) ليگ پنجاب ۽ مرڪز ۾ ان هائوس تبديلي جي ڪاميابي جي ضمانت ڏيڻ خاطري ڪرائي آهي. ذريعن موجب (ق) ليگ جو چوڻ هو ته مرڪز ۾ مڪمل طور تي اپوزيشن جي حمايت ڪنداسين پر (ق) ليگ ملڪ ۾ فوري طور تي نئين چونڊن جي مخالفت ڪندي چيو ته ضروري هجي ته قومي اسيمبلي جون چونڊون ڪرايون وڃن پر صوبائي اسيمبلين جو مدو پورو ٿيڻ گھرجي. ذريعن جو چوڻ هو ته آصف علي زرداري (ق) ليگ جي شرطن کان (ن) ليگ کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي جنهن کان پوءِ ليگي قيادت به اهم اڳواڻن سان صلاح مشورو شروع ڪري ڇڏيو آهي.
ٻئي طرف پاڪستان مسلم ليگ (ق) اپوزيشن کان پنجاب جي وڏ وزارت حاصل ڪرڻ جي ترديد ڪري ڇڏي آهي (ق) ليگ جي ترجمان موجب اپوزيشن سان پنجاب جي وڏ وزارت بابت ڪا به ڳالهه ناهي ٿي. ترجمان جو چوڻ هو ته مرڪز ۾ بي اعتمادي رٿ جي حمايت جو ڪو به فيصلو ناهي ڪيو جڏهن ته پارٽي سڀني فيصلن جو اختيار چوڌري پرويز الاهي کي ڏئي ڇڏيو آهي.
هوڏانهن مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته منهنجي پارٽي جو قائد نواز شريف آهي ۽ هو جيڪو حڪم ڏيندو اسان اهو فيصلو ڪنداسين. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته صاف پاڻي ڪمپني ۾ گھوٻين جا الزام لڳايا ويا پر عدالت سڀني گرفتار ڪيل جوابدارن کي باعزت بري ڪري ڇڏيو، مون کي نشانو بڻائي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن چيو ته نيب نيازي ڳٺ جوڙ پاڪستان جي معيشت کي برباد ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر ناهي ڇڏي، اهي مون خلاف ڪٿي ڪٿي نه ويا، نيشنل ڪرائم ايجنسي منهنجي حوالي سان سئٽزرلينڊ وڃي چيڪ ڪيو پر اين سي اي کي مون خلاف ڪا به ڪرپشن نه ملي، ساڍن ٽن سالن ۾ نيب ۽ نيازي کي ڪا به ڪرپشن نه ملي. اپوزيشن ليڊر جو چوڻ هو ته عمران نيازي ڪرپشن اوهان جي گھر ۾ ٿي رهي آهي، اربن کربن جي ڪرپشن مالم جبا ڪيڏانهن وئي؟ قوم اوهان کان هڪ هڪ پائيءَ جو حساب وٺندي. بي اعتمادي رٿ بابت ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته بي اعتمادي رٿ 22 ڪروڙ عوام لاءِ آڻي رهيا آهيون، غريب هڪ ويلي جي ماني لاءِ پريشاني آهي ۽ مهانگائي آسمان سان ڳالهائي رهي آهي. هن چيو ته سياسي جماعتن بي اعتمادي رٿ بابت اڳتي وڌڻ جو فيصلو ڪيو آهي، منهنجي پارٽي جو اڳواڻ نواز شريف آهي ان حوالي سان جيڪو حڪم ڏيندو اهو فيصلو ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته پاڙيسرين سان لاڳاپا ٺيڪ ڪرڻ ۾ نقل لا به عقل گھرجي، پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا ٺيڪ ڪرڻ ۾ اسان کي ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي.
موجوده حڪمرانن جي پوڻن چئن سالن ۾ عوام هڪ ڏينهن به سک جو ناهي ڏٺو، جيتوڻيڪ هي حڪومت آئي ته تبديلي جو نعرو هڻي هئي، پر اها تبديلي عوام جي ڳچي ۾ پئجي وئي آهي. عوام لا هر گذرندڙ ڏينهن نيون مصيبتون آڻي رهيو آهي. تنهنڪري، ملڪ ۾ جيڪڏهن سياسي تبديلي جي هڪ ڀيرو ٻيهر هوا گهلي رهي آهي ته اها عوام جي حق ۾ گهلڻ گهرجي. جيڪڏهن ڄاڻايل اڳڀرايون ٿين ٿيون ته اهي هر صورت ۾ عوام جي حق ۾ ئي ٿيڻ گهرجن، نڪي پنهنجا سياسي مفاد حاصل ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button