ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

دي دي لتا جي ياد….

Editorial-Article- Sadaf Shaikh

لتا منگيشڪر انڊيا جي هڪ عظيم ڳائڻي هئي، جنهن نه فقط اردو، هندي پر ڪيترين ئي ٻولين ۾ گانا ڳايا آهن، بلڪه پوري انڊيا کان سواءِ سڄي دنيا ۾ پنهنجو پاڻ مڃرائڻ واري اها ڪوئل هئي، جنهن جو آواز من موهيندڙ ۽ روح کي راحت ڏيندڙ هو. سندس آواز جو جادو هر جڏهن ڪنهن ٻڌندڙ جي ڪنن تائين پهچندو هو ته اهو سندس روح ۾ لهي ويندو هو.
لتا منگيشڪر اندور انڊيا ۾ 28 سيپٽمبر 1929ع ۾ پيدا ٿي. ان جو والد جنهنجو نالو دينا ناٿ منگيشڪر هو، هو به هڪ گلوڪار ۽ اداڪار هو. تنهنڪري هو شروع کان وٺي سندس لاڙو ڳائڻ ڏانهن هو ۽ ننڍپڻ کان ئي گانا ڳائڻ ۾ دلچسپي وٺڻ لڳي. ان کان سواءِ موسيقار غلام حيدر به سندس حوصلا افزائي ڪئي. لتا اڄ تائين 50000 کان وڌيڪ گانا ڳائي چڪي آهي. ان کان سواءِ 1974ع کان 1991ع تائين گنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ رڪارڊ هولڊر طور شامل رهي. گنيز بوڪ موجب هوءَ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ گانا رڪارڊ ڪرائڻ واري گلوڪاره آهي. ان کان علاوه سرين مني ڪبير جي ڪتاب ۾ “لتا ان هر اون وائس” ۾ لتا پاڻ ٻڌايو آهي ته جڏهن مان پنهنجي والد دينا ناٿ کي ڳائيندي ڏسندي هيس ته پاڻ ڪڏهن به ڳائڻ جي همت نه ڪري سگهندي هيس. هڪ ڀيري منهنجي پيءُ کي وڃڻو پيو ته مان هن جي شاگردن کي ڳائي ٻڌايو هو، جيئن منهنجو پيءُ آيو مان هتان ڀڄي ويس، ڇو ته منهنجي پيءُ کي خبر نه هئي ته مان ڳائيندي آهيان. چون ٿا ته هن جي اردو جي اچارن ۾ بهتري آڻڻ وارو سينيئر ۽ بهترين اداڪار دليپ ڪمار آهي. ان کان پو ان جي استاد شفيع صاحب هن لا هڪ استاد جو بندوبست ڪيو، جنهن جو نالو محبوب هو ۽ لتا صاحبه اردو هن کان سکي. لتا جي آواز جي خاصيت اها هئي ته هن جو آواز ڏينهون ڏينهن خوبصورت ٿيندو پئي ويو. سن 1961ع ۾ سائره بانو لا ان “ڪشمير ڪي ڪلي هون مين” ۾ ڳايو هو.
سن 1989ع ۾ لتا کي انڊين فلم انڊسٽريءَ جو سڀ کان وڏو اعزاز دادا صاحب ڦالڪي ايوارڊ ۽ سڀ کان وڏو شهري اعزاز ڀارت رتن 2001ع ۾ ڏنو ويو.
سڀ کان وڏو خراج تحسين مجروح سلطان پوري هڪ نظم ۾ پيش ڪيو، جنهن جو عنوان هو.
“لتا منگيشڪر”:
جهان رنگ نه خوشبو هي ڪوئي
تيري هونٽون سي مهڪ جاني هين افڪار ميري
ميري لفظون ڪو جو ڇهو جاتي هي آواز تيري
سرحدين توڙ ڪر اڙ جاتي هين اشعار ميري
سن 1948ع ۾ فلم “محل” رليز ٿي ته سڀ مداح گيتا راءِ کي ڇڏي لتا منگيشڪر کي ٻڌڻ لڳا. ان وقت جون سڀئي ڳائڻيون شمشاد بيگم، زبره ٻائي، امير ٻائي، سڀ ڳائڻ کان پاسيريون ٿينديون ويون.
سن 1950ع ۾ جڏهن ان جو گانو “آئي گا آني والا” آيو ته آل انڊيا ريڊيو تي فلمي گانا هلائڻ جي اجازت نه هئي. انڊيا جي ماڻهن پهريون ڀيرو “ريڊيو گووا” تي لتا جو آواز ٻڌي.
لتا پنهنجي زندگيءَ جا 81 سال گانا ڳايا ۽ ان 36000 گانا ڳايا. ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته هن 36 ٻولين ۾ گانا ڳايا آهن. لتا جي گانن ۾ هڪ اهڙي ڪيفيت محسوس ٿيندي آهي، ڄڻ لتا گلي مان نه دل ۽ روح سان ٿي کائي. هر گاني ۾ هڪ درد هڪ عجيب راحت محسوس ٿيندي آهي. گانا ٻڌڻ کان پو ائين محسوس ٿيندو آهي ته اهو سڀ ڪجهه ڄڻ هن تي ٿي گذريو هجي. خاص ڪري اهو گانو
“ايڪ پيار کا نغمه هي،
موجون ڪي رواني هي،
زندگي اور ڪڇ ڀي نهين
تيري ميري ڪهاني هي.
لتا جي گانا ڳائڻ جي خوبي تي ڳالهائڻ مشڪل آهي. جيئن هڪ ئي مثال پيش ڪجي ٿو.
ميرا گورا رنگ لي لو مجهه شام رنگ دي دو.
ان کان سواءِ رضيه سلطانه جو گانو “اي دل نادان” جيئن ماڻهو ٻڌندو آهي ته ائين لڳندو آهي، جيئن آواز روح ۾ لهي ويو هجي، اهڙي ريت هڪ ٻيو گانو جيڪو اڄ ۾ ماڻهو وڏي شوق سان ٻڌندا آهن: جاني ڪيون لوگ پيار ڪرتي هين. ان کان سواءِ چوندا آهن ته لتا وطن لا به ڪافي گانا چيا، جنهن ۾ مشهور گيت “اي وطن کي لوگو” آهي.
سندس حوالي سان اهو قصو به الاهي مشهور ٿيو هو ته جواهر لال نهرو لتا جي آواز ۾ اهو گانو ٻڌي روئي پيو هو. چوندا آهن ته ڪنهن ايوينٽ ۾ لتا اهو گانو ڳايو هو ته ايوينٽ کانپو هدايت ڪار لتا کي جواهر لال نهرو وٽ وٺي ويو هو ۽ جواهر لال نهرو لتا کي چيو هو تو مون کي روئاري ڇڏيو.
مان سمجهان ٿي ته 20هين صديءَ جون ٽي شيون ياد رکيون وينديون، هڪ انسان جو چنڊ تي وڃڻ، ٻيو ديوار برلن جو ڪرڻ ۽ ٽيون لتا منگيشڪر جو پيدا ٿيڻ.
ننڍي کنڊ ۾ شايد ڪو اهڙو هجي، جنهن لتا جو آواز نه ٻڌو هجي، لتا نه فقط انڊيا ۾ پر سرن وسيلي سڄي دنيا تي راڄ ڪيو آهي. مان سمجهان ٿي ته مون سميت پاڪستان جا اڻ ڳڻيا نوجوان توڙي پوڙها هن جا مداح آهن، پر بدقمستيءَ سان 70 سالن جي گائيڪي کانپو به هو پاڪستان جي سرزمين تي قدم نه رکي سگهي.
مختلف موقعن تي پاڪستان جي حڪومت ڪوشش ڪئي ته لتا پاڪستان اچي، جنهن ۾ ميان نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني ۽ نصرت فتح علي شامل آهن، پر انهن جي ڪوششن جي ڪري به اهو ممڪن نه ٿي سگهيو.
سندس وڇوڙي تي پاڪستان جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته انڊين ليجنڊري گلوڪاره لتا منگيشڪر جو وڇوڙو موسيقي جي هڪ عهد جو خاتمو آهي. انڊين اداڪاره انوشڪا شرما لکيو آهي ته:
“خوبصورت آواز ۾ خدا ڳالهائيندو آهي، انڊيا لا وڏي افسوس جي ڳالهه آهي، اسان جي بلبل پنهنجو فاني جسم ڇڏي ڏنو آهي. لتا جي آواز انهن کي امر ڪري ڇڏيو هو. اسان جي دل ۾ پنهنجي موسيقي سان گڏ رهندي، ان جي گهروارن ۽ مداحن سان منهنجو دلي اظهار تعزيت آهي RIP لتا جي.”
سندس وڇوڙي تي هي سٽون
“ڍونڊو گي اگر ملڪون ملڪون
مل ني ڪي نهين ناياب هين هم.
ياد پيون اچن.
هي آرٽيڪل لکڻ وقت منهنجون اکيون به الائي ڇو آليون ٿي رهيون آهن. ڇو نه سڄي دنيا اڄ به هن سان بي پناهه محبت ڪري ٿي، پر هن جا ڪجهه چيل لفظ مان اڄ به ياد ڪري روئي ڏيندي آهيان. جيڪي هن انٽرويو ڏيڻ واري کي چيا هئا ته جيڪڏهن ايندڙ جنم ۾ پيدا ٿيان ته لتا منگيشڪر نه ٿيندس، ڇو ته منهنجا ڏک مان ئي سمجهان ٿي ۽ اهو گيت جيڪڏهن محسوس ڪجي ته روح کي ئي ڏنڀ ڏيندڙ محسوس ٿيندو ته:
ايڪ پيار ڪا نغمه هي
موجون ڪي رواني هي
زندگي اور ڪڇ ڀي نهين
تيري ميري ڪهاني هي
جنوري 2022ع جي شروع ۾ ئي لتا کي ڪووڊ ٿيو، جنهن جي ڪري هن کي ممبئي جي هڪ بريچ ڪينيڊي اسپتال ۾ داخل ڪرايو هو، هوءَ ڪافي وقت تائين سٺن ڊاڪٽرن جي علاج هيٺ رهي. پر اتي ئي آچر واري ڏينهن صبح جو 92 سال جي ڄمار ۾ هوءَ اسان کان سدائين لاءِ موڪلائي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button