هي دور جنهن ۾ ماڻهن جي اڪثريت مختلف نفسياتي مونجهارن جو شڪار آهي، هر ڪنهن ماڻهوءَ سان ڪي نه ڪي مسئلا آهن، تنهنڪري هن دور ۾ نفسيات جي علم جي اهميت وڌي وئي آهي. ڇو ته نفسيات جو علم ئي هڪ اهڙو علم آهي، جيڪو هڪ ماڻهوءَ جي مونجهارن، مسئلن ۽ ان جي سوچن، خيالن ۽ جذبن کي سمجھڻ ۾ مدد ڪري ٿو ۽ انهن جو حل ڏسي ٿو. ان حوالي سان گهڻن ڏاهن جو ته اهو خيال آهي ته ادب به ماڻهن تي اثرانداز ٿي ماڻهن جي سوچن ۽ خيالن کي تبديل ڪري انهن جو نفسياتي ۽ روحاني علاج ڪري ٿو. تخليقي ادب کي ته روح جي غذا چيو وڃي ٿو ۽ ڪجهه ڏاهن جو خيال آهي ته ائبنارمل ماڻهو ئي ڪي وڏا ڪارناما سرانجام ڏئي سگهي ٿو ۽ اهي نفسياتي بيماريون ئي انهن جي ڪاميابيءَ جو سبب بڻجن ٿيون. جيئن ڪي وڏا شاعر، اديب يا ڪي وڏا ليڊر يا سائنسدان ۽ فلسفي نفسيات مطابق ائبنارمل هوندا آهن. ان ڪري ئي دنيا جي مختلف ليکڪن پنهنجن توڙي ۽ ٻين ماڻهن جي نفسياتي مونجهارن تي شاهڪار ناول ۽ لاجواب ڪهاڻيون تخليق ڪندا رهيا آهن.
ان حوالي سان سنڌي ادب ۾ به نفسياتي مونجهارن تي به لکيو ويو آهي. ان تسلسل ۾ ئي رسول ميمڻ جي نفسياتي ڪهاڻين جو ڪتاب “سينڊروم” آهي، جنهن ۾ پندرهن مختلف نفسياتي بيمارين تي ڪهاڻيون لکيل آهن، جنهن جي مهاڳ ۾ رسول ميمڻ لکي ٿو ته “انسان جو نفسياتي بيمار هجڻ ھڪ عام رواجي رويو آهي. جڏهن انسان دٻيل نفسياتي پيچيدگين کي قابو رکڻ ۾ ناڪو ٿئي ٿو ته چريائپ جي حدن کي ڇُھي ٿو.” ان کان سواءِ اڳتي هلي رسول ميمڻ مهاڳ لکي ٿو ته “نفسيات موجب ماڻھن کي ترتيب ڏجي ته اهڙي ترتيب هئين بيهندي.
(1) چريا جيڪي چريا آهن
(2) چريا جيڪي سياڻا آهن
(3) سياڻا جيڪي چريا آهن
(4) سياڻا جيڪي سياڻا آهن
رسول ميمڻ مطابق پهرئين ڪيٽيگري وارا اديب، شاعر، فلسفي ۽ ولي هوندا آهن. ٻي ڪيٽيگري وارا انسان مذهبي بنياد پرست ۽ توهم پرست ۽ خيال پرست هلندا آهن ۽ ٽين ڪيٽيگري وارا سياستدان ۽ بد عنوان حڪمران ۽ بادشاهه هوندا آهن ۽ چوٿين ڪيٽيگري وارا گڏهه، اُٺ ۽ گهوڙا آهن.
ائين هن ڪتاب جي ڪهاڻين جو موضوع به چرين انسانن جون نفسياتي پيچيدگيون آهن ۽ ڪهاڻين جو هر ڪردار ڪنهن نه ڪنهن نفسياتي بيماري ۾ مبتلا هوندو آهي ۽ انهن ڪهاڻين جي وڏي خاصيت اها آهي علامتي ۽ مبهم آهن ۽ انهن ڪهاڻين جو آخر ۾ ڪوبه نتيجو نه ڪڍبو آهي بلڪه پڙهندڙ تي ڇڏيو آهي ته جيئن پڙهندڙ انهن ڪهاڻين جو نتيجو پاڻ ڪڊي سگهي ۽ انهن تي سوچڻ تي مجبور ٿئي. تنهنڪري پاڻ هن ڪتاب جي پندرهن ڪهاڻين مان ڪجهه ڪهاڻين جو جائزو وٺنداسين ته جيئن هن ڪتاب جو مختصر تعارف ٿي سگهي باقي پڙهندڙ ئي هي ڪتاب پاڻ پڙهي ان مان لطف اندوز ٿي سگهي ٿو.
جدت پڄاڻان جي هن دور ۾ هر شخص پنهنجي پاڻ سان سوين ڪردار ۽ ڪوڙا ماسڪ پايو هلي، تنهنڪري ان شخص کي جنهن سوچ يا جنهن خيال جو ماڻهو ملي ٿو ته اُهو ماڻهو، ان ماڻهوءَ جي پسند جو ماسڪ پائي ان ماڻهو جهڙو ٿي ان کي خوش ڪري ٿو ۽ ان ڊوڙ ۾ اهوُ ماڻهو پنهنجو اصل ڪردار ۽ اصل شخصيت وساري ۽ وڃائي ويهي ٿو. هن ڪتاب جي هڪ ڪهاڻي “چهرا” جو موضوع به اهو ئي آهي، جنهن ۾ ڪهاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار جيڪو بيمار هوندو آهي، ان کي هر ماڻهوءَ ۾ پنهنجو چهرو نظر ايندو آهي. هوُ پنهنجي زال، پُٽ، نوڪرياڻي توڙي دوست ۾ پنهنجو چهرو ڏسندو آهي. هن کي محسوس ٿيندو آهي ته منهنجو چهرو چوري ٿي ويو آهي.
ڪتاب ۾ “اگهاڙو” ڪهاڻي هڪ اهڙي ماڻهوءَ جي ڪهاڻي آهي جنهن سان سندس محبوبا بيوفائي ڪري ويندي آهي، تنهن کان پوءِ هُو سڄي دنيا کان ڪٽجي پنهنجي پاڻ کي هڪ ڪمري تائين محدود ڪري ڇڏيندو آهي ۽ نفسياتي مريض ٿي ويندو آهي ۽ خيالن ئي خيالن ۾ ان سان ملاقات ڪندو آهي ۽ خيالن ئي خيالن ۾ ان مان جنسي مزو حاصل ڪندو آهي.
هي دور جنهن ۾ ڪمرشلائيزيشن کي اهميت آهي. هي دور جنهن ۾ عورت کي اشتهار جي سونهن بنايو ويو آهي. عورت کي پنهنجي خوبصورتي، پنهنجي جنسي نمائش جو عادي بڻايو ويو ڪابه سادي ۽ ڪمرشلائزيشن کان دور عورت کي هن دور ۾ ڪابه اهميت ناهي ملندي.
“پر ڪٽيل شاهين” ڪهاڻي به هڪ اهڙي موضوع تي آھي جنهن جي مرڪزي ڪردار شاهين جيڪا هڪ پڙهيل لکيل شرميلي ڇوڪري هوندي آهي، جنهن جو فقط هڪ شادي شده ڀاءُ هوندو آهي، تنهنڪري شاهين کي پنهنجون معاشي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ نوڪريءَ جي ضرورت هوندي آهي پر هن کي شرميلو هجڻ سادگيءَ جي ڪري ڪابه نوڪري نه ملي سگهندي آهي. جيئن هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ هنڌ ليکڪ شاهين جي ان وارتا بيان ڪندي چوي ٿو ته “شاهين پڙهي پنهنجي پيرن تي بيٺي، پر هن جا پير زمين تي نه هيا. پيرن کي زمين جو سهارو ڏيڻ لاءِ زمين خريد ڪرڻي پوي ٿي، زمين اناج ناهي جو بازار ۾ ملي وڃي. ان ڪري زمين لاءِ اناج کائي محنت ڪرڻي پوي ٿي، اناج خريدڻ لاءِ پاڻ وڪڻڻو پوي ٿو. پاڻ وڪڻڻ لاءِ پنهنجا خريدار ڳولڻا پون ٿا، جڏهن ڪو خريد ڪري ٿو ته انسان پنهنجو نٿو رهي پيرن هيٺان زمين پنهنجي ۽ پير پرايا ٿي وڃن ٿا.” ۽ اهڙيون ڇوڪريون نوڪريءَ لاءِ اهڙيون تڪليفون ڏسڻ کان پوءِ احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا ٿي وينديون آهن ۽ انهن سان جڏهن ڪوبه مرد ٿوري همدردي ڪندو آهي ۽ اهميت ڏيندو آهي ته اهُي اندر اندر ۾ ئي اُن مرد سان محبت ڪرڻ لڳنديون آهن ۽ چالاڪ مردن جي دوکي ۾ اچي وينديون آهن، جيئن هن ڪهاڻيءَ جي ڪردار شاهين سان ٿئي ٿو.
ان کان سواءِ ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻي “خوشي جي ڳالهه” هڪ اهڙي مرد جي ڪهاڻي جيڪو هڪ نفسياتي بيماري جنهن ۾ هن کي ڪڏهن کل جا دورا پوندا آهن. ڪڏهن روئڻ جا، جنهن ڪري ڪلاڪن جا ڪلاڪ پيو کلندو آهي يا وري روئندو آهي ۽ ان کِل کي روڪڻ لاءِ ان ماڻهوءَ کي غمگين ڳالهيون ياد ڪرڻيون پونديون آهن ۽ روئڻ کي بند ڪرڻ لاءِ خوشيءَ جون ڳالهيون ياد ڪرڻيون پونديون پر ان ماڻهو پوري زندگي هڪڙي خوشي به نه ڏٺي هوندي آهي. جيئن هڪ هنڌ ليکڪ بيان ڪندي لکي ٿو ته “هن سوچيو کِل جي دوري مان ڪيئن جان ڇڏائجي، اُهو سوچي هن زندگيءَ جا ڏُک ياد ڪرڻ شروع ڪيا. ڀوڳنائون، ذلتون، ملامتون، جيڪي کيس زندگيءَ ۾ نصيب ٿيا. درد جو سبب رڳو مديحا ئي ته نه هئي. مديحا درد جو ننڊو مثال هُئي. مديحا سان مشابھه ڪيتريون بيوفائون زندگيءَ جي راهن تي وار کولي بيٺل هيون. هن ياد ڪيو سندس زندگي ڏکن سان ائين ڀريل هئي، جيئن پاڻيءَ جي دلي ۾ وڌيڪ جاءِ نه هجي.”
ائين هن ڪتاب ۾ ٻيون مختلف ماڻهن جي نفسياتي مسئلن مونجهارن تي بهترين ڪهاڻيون آهن ۽ هر ڪهاڻيءَ ۾ پراسرار ۽ تجسس سان ڀريل جملا آهن، جن جو مبهم مقصد آهي جيڪي پڙهندڙ کي سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا.