ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

روس-يوڪرين تڪرار ۽ اسان جي خوشفهمي

Editorial -Article- Akhtar Hafeez

ڪجهه ڏينهن کان روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جنگ جا منظر سڄي دنيا ڏسي رهي آهي. جنگ ۾ اهو فيصلو ٿيڻ ايترو سولو نه هوندو آهي ته ڪير سوڀ ماڻيندو پر جنگ دوران سڀ کان وڌيڪ ڀوڳيندڙ عوام هوندو آهي، اهو دربدر ٿيندو آهي، پنهنجا گهر ڇڏيندو آهي ۽ جلاوطن ٿيندو آهي. يوڪرين سان جنگ جوٽڻ کان پوءِ سڄي دنيا هن وقت روسي صدر ولاديمير پيوٽن ڏانهن نهاري رهي آهي ته هو ان جنگ کي جاري رکندو يا ڪنهن هڪ خاص مرحلي تائين پهچي جنگ بنديءِ جو اعلان ڪري ڇڏيندو. روس هن وقت به يورپ جو وڏي ۾ وڏو ملڪ آهي ۽ ماضي ۾ سوويت رياستن جو سرواڻ رهيو آهي. ان کان سواءِ آمريڪا جي مقابلي ۾ دنيا ۾ طاقت جو توازن برقرار رکڻ لاءِ هڪ اهم ترين ملڪ رهيو آهي پر 1991ع ۾ سوويت يونين ڊهڻ کان پوءِ نه رڳو دنيا ۾ طاقت جي علامت آمريڪا ٿي ويو پر روس ان عرصي دوران سياسي طور هڪ ڪمزور ملڪ ثابت ٿيو ۽ صدر بورس يلسن کان پوءِ ولاديمير پيوٽن جي صورت ۾ روس کي هڪ اهڙو صدر نصيب ٿيو آهي، جيڪو نه رڳو هڪ ضدي اڳواڻ آهي پر هن روس کي وري پيرن تي بيهاريو آهي. هن ان جي معاشي حالت کي بهتر ڪيو آهي ۽ ڪيترائي اندروني تڪرار آهن، جن کي هن حل ڪري ڏيکاريو آهي.
پر تازو ئي جڏهن يوڪرين تي هن حملو ڪري ڏنو ته سڄي دنيا ان جي نندا ڪئي. روس کي افغانستان ۾ آمريڪا پاڪستاني مجاهدن وسيلي شڪست ڏني ۽ پوءِ گذريل سال آمريڪا به افغانستان ۾ پنهنجي شڪست کي قبول ڪري اتان ٽپڙ گول ڪيا. ڇاڪاڻ ته 20 سالن تائين لاڳيتو ويڙهه ڪرڻ کان پوءِ به آمريڪا کي اهي هدف حاصل نه ٿي سگهيا، جيڪي کيس ماڻڻا هئا. پر روس کي اهڙي ڪهڙي ضرورت پيش آئي آهي، جنهن جي ڪري هن يوڪرين تي حملو ڪري ڏنو ۽ هاڻ هو لاڳيتو ان جي مک شهرن تي قبضو ڪندو پيو وڃي.
1920ع کان 1991ع تائين يوڪرين سوويت يونين جو حصو رهيو آهي. نوي واري ڏهاڪي ۾ جڏهن سوويت يونين جو سج لهڻ وارو هو ته يوڪرين انهن پهرين ملڪن مان هڪ هو، جنهن 16 جولا 1990ع تي يونين کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. هڪ سال کان پوءِ 24 آگسٽ 1991ع تي يوڪرين خودمختاري ۽ مڪمل آزادي جو اعلان ڪيو هو. پر رڳو آزادي ماڻڻ ڪافي نه هو ڇاڪاڻ ته اتي 17 سيڪڙو روسي نسل واري آبادي سوڌو روس لاءِ نرمي رکندڙ ٻين ٽولن ۽ اولهه جي حمايت ڪندڙ ٽولن ۾ تڪرارن جي شروعات ٿي چڪي هئي. ان عرصي دوران روس ۽ آمريڪا جي سرد جنگ به جاري رهي. روس کي يورپ کي قابو ڪرڻ لا آمريڪا ناٽو سان گڏجي ليٿونيا، پولينڊ ۽ رومانيه ۾ فوج بيهاري ڇڏي ۽ اتي هٿيار نصب ڪيا ويا. 2014ع تائين يوڪرين جي سرحد سان فقط بيلاروس اهڙو ملڪ جنهن جا لاڳاپا روس سان بهترين رهيا آهن. ان سال روس ۽ يوڪرين تڪرار چوٽ چڙهيل هو.
2014ع ۾ يوڪرين جو صدر وڪٽرينوڪووچ هو. جيڪو روس جو حمايتي صدر سمجهيو ويندو هو. هن روس جي حمايت حاصل ڪرڻ کان پوءِ يورپي يونين سان لاڳاپجڻ جو ٺاهه رد ڪري ڇڏيو، جنهن کان پوءِ وڏي پئماني احتجاجن جو سلسلو شروع ٿي ويو هو. جنهن جي ڪري کيس اقتدار ڇڏڻو پيو. ان دوران يوڪرين جي اوڀرندي علائقن ۾ روس جي سرحدن بيٺل فوج تي حملا شروع ٿي ويا. جنهن کي بهانو بڻائي روس ڪرائميا جي چڙهائي ڪري ڏني، جيڪو هن وقت روس جي ڪنٽرول ۾ آهي. يوڪرين جي هاڻوڪي صدر ولاديمير زلينسڪي جو جهڪاءُ آمريڪا ڏانهن آهي، تنهنڪري روس کان اها ڳالهه به برداشت نه پئي ٿئي ۽ ان کان سواءِ سوويت يونين کان ڌار ٿيڻ کان پو ان خطي ۾ آمريڪا جي وڌندڙ اثر جي ڪري به روس پريشان آهي. هي ويڙهه رڳو وسيلن کي ڦٻائڻ جي نه پر خطي ۾ ڪير وڌيڪ طاقتور آهي، ان ڳالهه کي برقرار رکڻ جي آهي ته جيئن آمريڪا يوڪرين وسيلي ٻين رياستن تي پنهنجو اثر رسوخ نه وڌائي ڇڏي. ڇاڪاڻ ته جنهن به ملڪ جي طاقت وڌيڪ هوندي آهي، اهو پنهنجي پکيڙ وڌيڪ چاهيندو آهي. اها پکيڙ رڳو قبضي وسيلي ڪانه ٿيندي آهي پر اتي پنهنجي مرضي جي حڪومت قائم ڪري به ڪئي ويندي آهي. هن وقت بظاهر ته يوڪرين جو صدر فوجي وردي پايو جنگ جي محاذ تي بيٺل نظر اچي رهيو آهي پر ڏسجي ته هو واقعي به پنهنجن ماڻهن ۽ پنهنجي وطن لاءِ قربان ٿيڻ لاءِ تيار آهي.
جڏهن کان يوڪرين ۽ روس جي وچ ۾ جنگ شروع ٿي آهي. ان وقت کان وٺي پاڪستان ۾ موجود جنوني صحافي اهو چئي رهيا آهن ته هي اها فيصلائتي ويڙهه آهي، جنهن جو انتظار هزارين سالن کان ٿيندو پيو اچي. بس عمران خان نيازيءَ جي هڪ ها سان سڄي دنيا جو نقشو تبديل ٿي ويندو. آمريڪا جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن ۽ هاڻ آمريڪا فنا ٿيڻ وارو آهي. ڀارت جي لال قلعي تي جلدي جهندو لهرايو ويندو. ان کان سواءِ يوڪرين جي عوام ۽ صدر عمران خان نيازي کي منٿون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون آهن ته هو کين اچي بچائي. ڇاڪاڻ ته هو جيئن روس تي دوري تي ويو ته جنگ شروع ٿي وئي. هن ملڪ ۾ ڪيترائي اهڙا صحافي ڪوڙيون خبرون پکيڙڻ لاءِ ويٺا آهن، جيڪي عمران خان نيازيءَ کي هن وقت دنيا جو عظيم ترين ليڊر طور پيش ڪري رهيا آهن پر روس ۽ يوڪرين جي جنگ جا محرڪ ڪجهه ٻيا آهن. جيڪڏهن عمران خان نيازي روس جي دوري تي نه به وڃي ها ته تڏهن به روس يوڪرين تي حملو ڪري ڏئي هئا. ڇاڪاڻ ته کيس يوڪرين ۾ ناٽو جو هجڻ پسند ڪونهي. ان کان سواءِ ٻنهي ملڪن ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ ڪا اڄوڪي ناهي، پر سالن کان هلي رهي آهي. ظاهر آهي، جڏهن ڪي به ٻه ملڪن ڳالهين جو رستو اختيار نه ڪندا آهن ته اهي جنگ جي راهه تي هلي پوندا آهن.
ڪجهه ڏينهن اڳ ملڪ جي وزير اعظم عمران خان نيازي چيو هو ته اسين ڪنهن به تڪرار ۾ ڪنهن به بلاڪ جو حصو نه ٿينداسين. جڏهن ته سياست ۾ هر ملڪ ڪنهن نه ڪنهن بلاڪ جو حصو ضرور هوندو آهي. جيڪڏهن پاڪستان هن وقت آمريڪي بلاڪ جو حصو ناهي ته پڪ سان اهو چين يا روسي بلاڪ جو حصو ٿيندو. ان ڪري اهو چوڻ اجائي ڳالهه آهي ته سياسي ميدان يا عالمي سياست ۾ ڪوبه ملڪ بنا ڪنهن بلاڪ جي رهي جالي سگهي ٿو.
اڄ اسان جي مولوين، صحافين ۽ سياستدانن جي واتان روس لاءِ دعائون پيون نڪرن پر ڪالهه اهو ئي روس اسان لاءِ ڪافر هو، ان کي شڪست ڏيڻ لازمي ٿي پئي هئي. ڇاڪاڻ ته ڳاڙهو روس اسان کي ڪنهن به ريت قبول نه هو. روس جي سوڀ لاءِ دعائون گهرندڙن کي ايترو ياد رکڻ گهرجي ته سياست ڪفر يا اسلام جي ويڙهه نه پر مفادن کي ماڻڻ جي ويڙهه هوندي آهي، جيڪو جيترو طاقتور هوندو آهي، اهو اوترو ئي پاڻ کي مڃرائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. تنهنڪري پاڪستان جهڙي ملڪ لاءِ ساڳي ماني ساڳ سان رهندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button