ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مارچ بقابلا مارچ

Editorial

هڪ پاسي پيپلز پارٽي پي ٽي آءِ حڪومت خلاف مارچ ڪري رهي آهي ته ٻئي پاسي حڪومت پيپلز پارٽي خلاف سنڌ ۾ مارچ شروع ڪري ڏنو آهي. ائين لڳي پيو هي مارچ جو مقابلو ٿيندو هجي. ان ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ جيڪا تباهي ملڪ ۽ عوام جي ٿي آهي، ان کي نظر ۾ رکندي جيڪڏهن سياسي پارٽيون ان خلاف مارچ ڪن ٿيون ته اهو هڪ بهتر عمل آهي پر پي ٽي آءِ سنڌ ۾ مارچ ڪري ڇا ٿي ثابت ڪرڻ چاهي ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ماڻهن جا مسئلا حل نه ڪري رهي آهي. مسئلا ته وفاقي حڪومت حل نه پئي ڪري ڇاڪاڻ ته هن وقت تائين پي ٽي آءِ رڳو عوام جي ڇاتيءَ تي مڱ ڏريا آهن پر مسئلا حل ڪرڻ کان ڪيٻائي رهي آهي. بلاول ڀٽو زرداري پيپلز پارٽيءَ جا قافلا ڪوٺي اسلام آباد روانو ٿيو آهي.
ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوام جي معاشي حقن تي ڌاڙا هنيا ويا آهن، 3 سالن دوران ملڪ ۾ تاريخي مهانگائي ٿي، عمران خان جو هر واعدو ڪوڙو نڪتو، ان تي احتجاج ڪنداسين. هن چيو ته اسان جو احتجاج هڪ غير جمهوري حڪومت تي جمهوري حملو آهي، ان غير جمهوري حڪومت کي هٽائڻ لاءِ بي اعتمادي رٿ آڻڻ گهرجي، پي ٽي آءِ ايم ايف کي اسان پهرئين ڏينهن کان نٿا مڃون، اسان پهرئين ڏينهن کان هن حڪومت خلاف احتجاج ڪري رهيا آهيون. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ ايم ايف جو بار عام ماڻهو کڻي رهيو آهي، چاهيون ٿا ته پاڪستان ان آءِ ايم ايف ڊيل مان نڪري ۽ نئين ڊيل ڪري، اهڙي ڊيل ڪئي وڃي، جيڪا پاڪستان جي مفاد ۾ هجي. اسان رڳو ايترو چاهيون ٿا ته بنا دير صاف ۽ شفاف چونڊون ٿين، جيڪا به حڪومت ٺهي ان وٽ مڪمل اختيار هجن. عمران خان کي هٽائڻ کان پوءِ جيڪو به سيٽ اپ ايندو، شفاف چونڊون ڪرائڻ ان جي ذميواري هوندي. حڪومت ۽ نظام غير جمهوري آهن، اسان ان نظام کان ڇوٽڪاري لا جمهوري رستو اختيار ڪنداسين، احتجاج ۽ عدم اعتماد جو جمهوري رستو اختيار ڪيو ويندو. بلاول ڀٽو زرداري سليڪٽڊ حڪومت احتجاج روڪڻ لاءِ هر حربو استعمال ڪندي، اسان پنهنجو لانگ مارچ روٽ تبديل نه ڪنداسين، ڪارٽون سياستدانن کان نٿا ڊڄون. وزيراعظم استعيفيٰ ڏئي ته بي اعتمادي رٿ ۽ لانگ مارچ جي ضرورت نه پوندي، جيڪڏهن آئين ۽ قانون موجب سمورا ادارا نيوٽرل رهندا ته هٿ ٺوڪيو گهر هليو ويندو. بلاول ڀٽي کي اهو ٻڌائيندا هلون ته ان کان اڳ ۾ به هاڻوڪي حڪومت خلاف مارچ ٿيا آهن، ان کانسواءِ بي اعتمادي جي رٿ به آندي وئي آهي. جنهن ۾ پيپلز پارٽيءَ کي بري نموني شڪست کي منهن ڏيڻو پيو هو. هاڻ وري پيپلز پارٽي لانگ مارچ شروع ڪيو آهي ۽ ان کانسواءِ اها بي اعتمادي رٿ جو به سوچي رهي آهي. جنهن مان لڳي ائين رهيو آهي ته ڪا اهڙي خاص ڪاميابي نه ملندي. ڇاڪاڻ ته هاڻ چونڊن ۾ ايترو گهڻو وقت ڪونهي بچيو ۽ هن سالن جي خاتمي کان پوءِ ايندڙ سال چونڊن جو آهي.
ٻنهي پارٽين جي لانگ مارچن تي عوام ته وري به ساڳي ريت ڀوڳي رهيو آهي. حڪومت هڪ پاسي مهانگائيءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ تيار ڪانهي ته ٻئي پاسي وري پيٽرول جا اگهه وڌائڻ جون تياريون ٿي ويون آهن ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ وري بجليءَ جا اگهه وڌايا ويندا تنهنڪري عوام ته وري به سورن ۾ ئي رهندو. پي ٽي آءِ کي سنڌ حڪومت خلاف مارچ ڪرڻ بدران پنهنجي ڪارڪردگيءَ کي بهتر بڻائڻ گهرجي ته جيئن اها بهتر عوام لاءِ ڪو رليف ڏئي سگهي پر صورتحال اهڙي آهي جو پي ٽي آءِ نه ته عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ تيار آهي ۽ نه ئي اقتدار مان هٿ ڪڍڻ ٿي چاهي. پيپلز پارٽي جڏهن اها ڳالهه ڪري ٿي ته طاقتور ڌريون اڻ ڌريون ٿي وڃن ته ان جو مطلب اهو آهي ته پيپلز پارٽيءَ کي به ويساهه آهي ته اها عوامي طاقت وسيلي عمران خان کي اقتدار تان نٿي لاهي سگهي بلڪه اها ان انتظار ۾ آهي ته ڪيئن به اسٽيبلشمينٽ جي سپورٽ ان کي ملي ته جيئن عمران خان خلاف ماحول تيار ڪري سگهجي. پر پيپلز پارٽي جيڪڏهن پاڻ کي عوامي پارٽي چوي ته ان کي عوام تي ڀاڙڻ گهرجي.
اسين سمجهون ٿا ته هن وقت به ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عوام جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ بدران انهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته جيئن هو ڪجهه ساهه کڻڻ جهڙو ٿئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button