ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ملڪ ۾ هلچل ۽ لانگ مارچ جو جائزو

ملڪ ۾ وفاقي حڪومت خلاف عوامي هلچل ۽ وزير اعظم عمران خان خلاف قومي اسيمبليءَ ۾ بي اعتمادي واري رٿ آڻڻ ۽ ڪامياب ڪرائڻ واري احتجاجي مهم لڳاتار وڌي رهي آهي. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو عوامي لانگ مارچ پنهنجي اعلانيل تاريخ 27 فيبروريءَ تي ڪراچيءَ کان اسلام آباد ڏانهن شروع ٿي چڪو آهي. سموري ملڪ ۾ عوامي رابطا مهم ۽ عوامي طاقت جي مظاهرن کان سواءِ پارليامينٽ کي پڻ حڪومت خلاف گرم ڪري رکڻ واري حڪمت عملي يقينن حڪومت کي لوڏڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته وفاقي حڪومت ۽ وزيراعظم عمران خان طرفان پڻ پنهنجي سرڪار ۽ پنهنجي بچاءُ ۽ دفاع ۾ پڻ پنهنجا سمورا اختيار، وسيلا ۽ سمجهه موجب هيلا هلائڻ شروع ڪيا ويا آهن. وفاقي حڪومت ۽ حڪمران جماعت پي ٽي آءِ طرفان پڻ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي عوامي لانگ مارچ ۽ مخالف ڌر جي جماعتن طرفان وڌندڙ دٻاءُ ۽ يلغار خلاف دفاعي ۽ جارحاڻي حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي آهي ۽ وفاقي حڪومت طرفان سنڌ جي صوبائي حڪومت ۽ حڪمران جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي خلاف پڻ پنهنجي ٽن وفاقي وزيرن شاهه محمود قريشي، اسد عمر، علي زيدي کي ميدان ۾ لاٿو ويو آهي. هن وقت سنڌ ۾ سنڌو درياهه جي اڀرندي، ڏکڻ ۽ ٻئي پاسي اتر، اولهه جي علائقن ۾ سنڌ حڪومت، صوبي جي حڪمران جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان وفاقي حڪومت خلاف عوامي لانگ مارچ جاري آهي ۽ ٺٽي، سجاول، بدين ضلعن ۾ ڪامياب مهم کان پوءِ جمهوريت پسندن جي ڳڙهه ماتليءَ ۾ پنهنجي پهرين رات گذارڻ کان پوءِ هن وقت نيشنل هاء وي تي آهي ۽ مورو ۾ پنهنجي ٻئي پڙاءُ ۽ رات گذارڻ کان پوءِ هن وقت پنجاب ڏانهن وڌي رهيو آهي.

 پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو عوامي لانگ مارچ پنهنجي طئي ٿيل پروگرام تحت رپورٽن موجب منظم انداز ۾وڌندو ۽ وسيع ٿيندو اڳتي وڌي رهيو آهي جيڪو 10 ڏينهن جي سفر ۾ 34 شهرن کان ٿيندو اسلام آباد پهچندو. سنڌ صوبي ۾ ته يقينن هن لانگ مارچ  جي تمام گهڻي آجيان ۽ انهيءَ ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي پراصل معاملو لانگ مارچ جي پنجاب جي ٻن حصن ڏکڻ پنجاب واري سرائيڪي خطي ۽ وچ پنجاب ۾ مسلم ليگ (ن) واري ڳڙهه ۾هن کي ڪيتري پذيرائي ۽ ڪاميابي ٿي حاصل ٿئي اهو پنهنجي جاءِ تي هڪ وڏو سوال آهي. دلچسپ ڳالهه آهي ته، حڪومت مخالف سياسي جماعتن جي اتحاد  پي ڊي ايم طرفان هن لانگ مارچ  جي اڳ ئي حمايت ڪرڻ وارا اعلان ڪيا ويا آهن ۽ پنجاب، خيبر پختونخواهه، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان وارن علائقن مان روانو ٿيندڙ عوامي مارچ وارين ريلين جو استقبال ڪرڻ جون خبرون پڻ ميڊيا ۾ اچي چڪيون آهن. جنهن موجب لاهور ۾ مسلم ليگ نواز جو صدر ۽ قومي اسيمبليءَ ۾اپوزيشن ليڊر ميان شهباز شريف ۽ سندس جماعت جي ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن طرفان استقبال ڪرڻ واريون خبرون منظر عام تي آيل آهن. لانگ مارچ شروع ٿيڻ واري پهرين ڏينهن تي هڪ ٽي وي چينل جي ٽاڪ شو ۾ هڪ خبر ٻڌائي وئي ته مسلم ليگ نواز ۾ پيپلز پارٽيءَ جي لانگ مارچ کي لاهور ۾ استقبال ڪرڻ جي معاملي تي اختلافن کان پوءِ لانگ مارچ جو لاهور ۾ استقبال نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. مسلم ليگ نواز طرفان سڌي ريت اهڙي قسم جي ڪا پڌرائي اڃا تائين جاري نه ڪئي وئي آهي پر مسلم ليگ نواز طرفان ان ڳالهه جو امڪان موجود آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو لاهور ۽ پنجاب جي ٻين شهرن ۾ استقبال ڪرڻ معنيٰ پنجاب ۾ پيپلز پارٽيءَ کي پنهنجا وري پير کوڙڻ جا باقاعدي نموني موقعا ڏيڻ ٿيندو، جنهن جا نتيجا مسلم ليگ کي ملڪ ۾ ايندڙ سال ٿيندڙ عام چونڊن ۾ ڀوڳڻا پئجي سگهن ٿا. يقينن اهو ئي سبب هو جو ميان نواز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان جي مرضيءَ سان پيپلز پارٽي کي پي ڊي ايم مان زوري ٻاهر ڪڍيو ويو هو.  

ٻئي پاسي، وفاقي حڪومت طرفان سنڌ حڪومت طرفان گهوٽڪيءَ مان شروع ڪيل مهم ۽ جلوس جي هڪ رات سکر ۽ ٻي رات جيڪب آباد ۾ ترسڻ کان پوءِ هن وقت ڪراچي ڏانهن وڃي رهيو آهي. دلچسپ ڳالهه آهي ته، وفاقي حڪومت جي وزيرن واري دفاعي جلوس ۽ مختلف شهرن ۾ ڪيل جلسن کي خطاب ڪندڙن طرفان ڪنهن به موقعي تي وفاقي جي ڪارڪردگي يا ڪارنامن کي بيان نه پيو ڪيو وڃي پر سندن مهم ۾ بيان ٿيندڙ مقصدن ۾ پنهنجي حڪومت جي چئن سالن جي ڪارڪردگي بيان ڪرڻ بدران سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽيءَ جي صوبي ۾ پندرهن سال حڪومت جو حساب ڏيڻ تي زور ڏنو پيو وڃي ۽ پي ٽي آءِ حڪومت ۽ وزير اعظم عمران خان جو بچاءُ ڪيو پيو وڃي. وفاقي حڪومت جي سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي خلاف شروع ڪيل مهم ۾عوامي دلچسپي ۽ ميڙاڪن ۾ تمام گهڻو فرق واضح ٿي رهيو آهي. خاص طور تي سنڌ ۾ عوام جا وڏا ميڙاڪا بلاول ڀٽو واري لانگ مارچ واري پاسي ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن ۽ وفاقي سرڪار جي جلوسن ۾پي ٽي آءِ وارا سياسي ڪارڪن ۽ سياسي رنگ گهٽ پر مخدوم شاهه محمود قريشي جي مرشد واري گاديءَ جي مريدن جا ميڙاڪا گهڻا نظر اچي رهيا آهن.

  ملڪ جي سڀ کان وڏي تحريڪي جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان  وفاقي حڪومت خلاف شروع ڪيل پنهنجي هلچل ۽ عوامي لانگ مارچ مختلف شهرن ۾ وڏن جلسن ۽ عوامي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ کان سواءِ هن لانگ مارچ ۾ وڌيڪ ماڻهن ۽ گاڏين جي شامل ٿيڻ سان اهو لانگ مارچ باقاعدي وڏي عوامي لانگ مارچ جي صورت اختيار ڪري رهيو آهي، جنهن صورتحال سموري ملڪ جي سياسي ۽ ساڃهه وندن سان گڏ لانگ مارچ سان گڏ سفر ڪندڙ ۽ ڪوريج ڪندڙ صحافين ۽ عيوضين کي پڻ حيران ڪري ڇڏيو آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ حڪومت خلاف وفاقي سرڪار ۽ حڪومتي ڌرين جي هلندڙ پراڻي مهم کان پوءِ اهو خيال ڪيو ويو هو ته، سنڌ جو عوام پيپلز پارٽيءَ کان لاتعلق ٿي چڪو آهي شايد انهي آسري تي حڪومتي ڌر طرفان ريليون ڪڍيون ويون هيون ته، سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي خلاف سولائيءَ سان ڪارروايون ڪري سگهجن ٿيون پر صوبي جي حڪومت ۽ حڪمران جماعت جي عوام ۾ تمام گهڻي مڃتا ۽ ساٿ سبب سنڌ جا نتيجا ۽ اصل منظر وفاقي حڪومت جي سوچ جي بلڪل ابتڙ نظر اچي رهيا آهن.

 وفاقي سرڪار طرفان مخالف ڌر جي لانگ مارچ کي منهن ڏيڻ ۽ حڪومت خلاف پارليامينٽ ۾ پيدا ٿيندڙ بحران ۽ وزير اعظم عمران خان خلاف قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ٿيندڙ بي اعتمادي واري رٿ کي وقت کان اڳ ناڪام جي مهم پڻ جاري آهي ۽ گهرو وزير شيخ رشيد طرفان ڪيل ميڊيا ڪانفرنس ۾ مخالف ڌر جي جماعتن جا 12 ميمبر ڌار ڪرڻ ۽ حڪومت سان ملي وڃڻ واريون دعوائون ڪيون ويون آهن. يقينن حڪومت طرفان پنهنجي بچاءُ ۾ هرقسم جا حيلا هلائڻ ۾ ڪابه ڪسر ڇڏي نه ويئي هوندي ۽ اهو پڻ ممڪن آهي ته، اهي دعوائون هوائي هجن، لانگ مارچ ۽ وڌندڙ عوامي هلچل خلاف هڪ نفيسياتي مهم جو حصو هجي. اصل صورتحال کڻي ڇا به هجي پر اها حقيقت آهي ته وفاقي حڪومت، وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف کي عوام پاران ٿيندڙ سخت پڇاڻي ۽ ردعمل کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ شروع ٿيل عوامي هلچل، لانگ مارچ ۽ وزير اعظم خلاف قومي اسيمبليءَ ۾ ايندڙ بي اعتمادي واري رٿ سان حڪومت جو خاتمو ٿي سگهي ٿو ۽ اها ڪنهن به وقت ڊهي سگهي ٿي. 

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button