ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پ پ جو مارچ ۽ عمران سرڪار

Editorial-Article-Sher Muhammad Solangi

جڏهن عمران خان اقتدار ۾ نه هو ته هن وڏا وڏا وعدا ۽ وچن ڪيا هئا پر حڪومت ۾ ايندي ئي هو اهي سڀ وعدا وساري ويٺو. تبديلي سرڪار عوام کان دانهون ۽ ڪوڪون ڪڍرائي ڇڏيون آهن. عوام جو جيئن جنجال آهي ۽ روزگار نه هئڻ برابر آهي. جڏهن ته مهانگائي عوام جي چيلھه چٻي ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان قوم سان خطاب دوران پيٽرول، ڊيزل ۽ بجلي سستي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. قوم سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته مون کي خوف آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل اگهه في الحال هيٺ نه ايندا ۽ گئس جي قيمت به مٿي ويندي، گڏوگڏ روس کان اسان کي ڪڻڪ وٺڻي آهي، اها به مهانگي ٿي وئي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت هاڻ به گهٽ آهي، جيڪڏهن حڪومت سبسڊي نه ڏئي ها ته پاڪستان ۾ اڄ پيٽرول جي قيمت 220 رپيا في ليٽر هجي ها، پر اڄ مان قوم کي خوشخبري ڏئي رهيو آهيان ته قيمت وڌائڻ بدران پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 10-10 رپيا في ليٽر گهٽتائيءَ جو اعلان ڪري رهيو آهيان. سندس چوڻ هو ته اسان في يونٽ بجلي به 5 رپيا سستي ڪري رهيا آهيون ۽ ٻين جاين تان سبسڊي ختم ڪري ان شعبي ۾ قوم کي رليف ڏئي رهيا آهيون. جڏهن ته ايندڙ بجيٽ تائين پيٽرول، ڊيزل ۽ بجليءَ جي اگهن ۾ ڪا به واڌ نه ڪنداسين پر انهن ۾ آهستي آهستي گهٽتائي ڪنداسين. وزيراعظم عمران خان چيو ته بي اي پاس نوجوانن کي 30 هزار رپين جي انٽرن شپ ڏيارينداسين. 80 لک گهراڻن کي هاڻ 12 هزارن بدران 14 هزار رپيا ملندا. آءِ ٽي سيڪٽر ۾ ڪمپني ۽ فري لانسرز کي 100 سيڪڙو ٽيڪس ڇوٽ ڏني آهي. اسٽارٽ اپس کي 100 سيڪڙو ڪيپٽل گين ٽيڪس سان ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي، جيڪو انڊسٽري لڳائيندو، ان کان ڪو سوال نه پڇيو ويندو.
جڏهن ته هاڻوڪي حڪومت خلاف لانگ مارچ جي نڪتل پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سليڪٽڊ کي ڀڄائڻ ۽ پاڪستان کي بچائڻ جو وقت اچي ويو آهي. پ پ جو وفاقي حڪومت خلاف “عوامي مارچ” اسلام آباد ڏانهن روان دوان آهن. عوامي لانگ مارچ حيدرآباد پهچڻ تي بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندي چيو ته اسان عوام کي حق ڏيارڻ جي مقصد ۽ جدوجهد لاءِ نڪتا آهيون. انشاءَ الله مارچ ڪامياب رهندو. هن عوام کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان کي تبديلي وڻي؟ جيڪڏهن نه ته وقت اچي ويو آهي ته اسان سليڪٽڊ کي ڀڄايون. اسان کي سليڪٽڊ ڀڄائڻو ۽ ملڪ بچائڻو آهي، سندس چوڻ هو ته جيالن جو جوش ڏسي هٿ ٺوڪئي گهٻرائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم ڊڄڻو آهي، ان کان تنقيد برداشت ناهي ٿيندي. وزيراعظم ملڪ ۾ نيون چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪري، اسان تيار آهيون، وزيراعظم پاڻ استعيفيٰ ڏئي نه ته جيالا اسلام آباد پهچي رهيا آهن، کيس گهر موڪليندا. عوام جو حق کسڻ کانسواءِ عمران خان ڇا ڪيو؟ عام ماڻهو مهانگائيءَ جي سونامي ۾ ٻڏي رهيو آهي، توهان کي ملڪ جي غريب عوام کي ڏکيائين مان ڪڍڻو آهي، ملڪ ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مهانگائي اڳ ئي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، مٿان وري نيپرا بجلي اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي عوام کي وڏو جهٽڪو هڻي ڇڏيو آهي. نيپرا چيئرمين جي سربراهي ۾ بجلي اگهن ۾ واڌ لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي اگهن ۾ 6 رپيا 10 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي، نيپرا چيئرمين پڇيو ته جنوري ۾ ايل اين جي گهٽ، جڏهن ته ڊيزل ۽ فرنس آئل وڌيڪ استعمال ڇو ٿيو؟ اختيارين جواب ڏنو ته گهرج جي ڀيٽ ۾ ايل اين جي جي فراهمي تمام گهٽ هئي، نيپرا چيئرمين توصيف فاروقي چيو ته هن مهيني انڊسٽري 16 سيڪڙو وڌيڪ بجلي استعمال ڪئي آهي، جيڪڏهن ڊگهي مدي جي معاهدن سان ايل اين جي وڌيڪ ايندي آهي ته ايڏو بار ڪيئن پوندو آهي؟ نيپرا ٻڌڻي کانپوءِ بجليءَ جي قيمت ۾ 5 رپيا 94 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ بجلي واهپيدارن تي 85 ارب رپين جو واڌو بار پوندو، جڏهن ته اهو بار لائيف لائين ۽ ڪي اليڪٽرڪ واهپيدار برداشت نه ڪندا، نيپرا اختيارين چيو ته جنوريءَ ۾ ايل اين جي جي گهٽتائيءَ سان 7 ارب 74 ڪروڙ رپين جو بار پيو، ان سان واهپيدارن تي 92 پئسا في يونٽ جو واڌو بار پيو. جيڪڏهن سولر ۽ ونڊ وارا لائسنس يافته پلانٽ هلن ها ته هڪ رپيو وڌيڪ گهٽتائي ٿئي ها.
جڏهن ته (ن) ليگ وزيراعظم عمران خان جو بجلي ۽ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو اعلان نوڪري بچائڻ جي ڪوشش قرار ڏئي ڇڏيو آهي. (ن) ليگ ترجمان مريم اورنگزيب وزيراعظم جي اعلان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته اها عمران خان جي پنهنجي نوڪري بچائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي. هن چيو ته انهن 3 سالن ۾ 15 رپيا بجلي وڌائي ۽ اڄ پنهنجي نوڪري بچائڻ لاءِ 5 رپيا سستي ڪري ڇڏي، سندس چوڻ هو ته 3 سالن ۾ پيٽرول 70 رپيا وڌائي هاڻ نوڪري بچائڻ لاءِ 10 رپيا سستو ڪيو ويو آهي. لاٿ عوام جي تڪليف جي احساس سبب نه پر بي اعتمادي جي وڌندڙ خوف سبب ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان قوم سان خطاب ڪندي چيو ته اڄ مان قوم کي خوشخبري ڏئي رهيو آهيان ته قيمت وڌائڻ بدران پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 10-10 رپيا في ليٽر گهٽتائيءَ جو اعلان ڪري رهيو آهيان.
ان دوران ئي عوام لاءِ هڪ ٻي بري خبر سامهون اچي وئي ۽ ايل پي جي جو گهريلو سئلينڊر وڌيڪ مهانگو ڪيو ويو آهي، پاڪستان ۾ مهانگائي گهٽجڻ جو نالو نه پئي وٺي، جنهن سان غريب عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي. حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ جون دعوائون ته ڪري ٿي پر ان جي ابتڙ روز شين جا اگهه چوٽ چڙهي رهيا آهن. نيپرا طرفان بجلي اگهن ۾ واڌ جي منظوري کانپوءِ هاڻ ايل پي جي اگهه ۾ به واڌ ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ايل پي جي جو گهريلو سئلينڊر 318 رپيا 74 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ 11 ڏهائي 8 ڪلو جي گهريلو سئلينڊر جي نئين قيمت 2758 رپيا 67 پئسا ٿي وئي آهي. پڌرائيءَ موجب في ڪلو ايل پي جي جي قيمت ۾ 27 رپيا هڪ پئسو واڌ ٿي آهي ۽ في ڪلو ايل پي جي جي نئين قيمت 233 رپيا 78 پئسا ٿي وئي آهي. اگهن ۾ واڌ پهرين مارچ کان لاڳو ٿيندي.
ان سڄي منظر نامي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته عمران خان کي پنهنجي عزت جو ڪو خيال ناهي، مهانگائيءَ جو طوفان آهي، ماڻهن کان اجها کسيا ويا آهن، ٻئي پاسي حيدرآباد ۾ عوامي مارچ سان خطاب ڪندي سيد مراد علي شاهه چيو ته بلاول ڀٽو زرداري صاحب ڪالهه ڪراچيءَ کان توهان جي راءِ وٺڻ نڪتو آهي، نيازي چوندو هو ته جيڪڏهن ڪنهن چوڪ تي 50 ماڻهو گڏ ٿيا ته استعيفيٰ ڏئي هليو ويندس. هتي هزارن جي انگ ۾ ماڻهو آهن، ٻڌايو ته توهان ڇا ٿا چاهيو نيازي وڃي؟ هن چيو ته عمران خان کي پنهنجي عزت جو ڪو خيال ناهي، عوامي مارچ ذريعي اسان هن سليڪٽڊ وزيراعظم کي گهر موڪلينداسين.
اهو هوندو آهي حقيقي جمهوري طاقت جو اثر، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته تبديلي سرڪار هن سال عوام کي ڪو رليف ڏئي ٿي يا نه ۽ سنڌ حڪومت ته 15 سالن ۾ ڪجھه نه ڪيو هاڻي به ڪجهھ نه ڪرڻ جو ارادو اٿن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button