ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مديجي واقعو: رت جي راند ڪيستائين هلندي؟

Editorial

سنڌ ۾ ڪجهه ڏينهن کان لاڳيتو برادري تڪرار سبب قتل وارن واقعن جو انگ وڌي رهيو آهي. اهڙن واقعن جي ڪري نه رڳو انساني جانين جو نقصان ٿي رهيو آهي پر سنڌ جي امن امان تي به سواليه نشان اڀري رهيا آهن. سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال جو جڏهن جائزو وٺجي ٿو ته اها بهتر نظر نٿي اچي، نتيجي ۾ نه رڳو ڪيترائي علائقا نو گو ايريا بڻجي ويا آهن پر ماڻهن جون زندگيون به داءُ تي لڳي ويون آهن. معمولي ڳالهين کي بنيادي بڻائي جيڪي جهيڙا ڪيا وڃن ٿا، انهن جا نتيجا بنهه گهڻا خراب نڪرن ٿا. ڇاڪاڻ ته اهڙن واقعن سان نه رڳو قانون لاڳو ڪندڙن جي پت وائکي ٿيندي آهي پر گڌوگڏ عوام لاءِ پريشانيون پڻ وڌي وينديون آهن ۽ اڳيان هلي خونن جو نبيرو به جرڳن وسيلي ڪيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته پوليس اهڙن معاملن کي وقت سر اڪلائي نه سگهندي آهي، تنهنڪري اهو ضروري آهي ته ان قسم جي واقعن کي ٻنجو ڏنو وڃي. ڪالهه به هڪ اهڙُو واقعو پيش آيو آهي. جنهن ۾ 9 ماڻهو مارجي ويا آهن. اهو جهيڙُو ڌرين ۾ ڪنهن پراڻي تڪرار سبب ٿيو آهي پر ان جي قيمت بي گناهه ماڻهن کي ادا ڪرڻي پئي آهي.
ڪالهوڪي آيل رپورٽ موجب مدئجي جي علائقي ڪچي جي حد ۾ ڪلهوڙا ۽ جوڻيجا برادري جي ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان مارجي ويلن جو انگ 9 ٿي ويو آهي، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ ڇانيل آهي. حفيظ ڪلهوڙو ۽ دلاور جوڻيجو ڌرين ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ هو، جنهن تان ڌرين اڄ جديد هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا ۽ علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو. ڌرين جي فائرنگ ۾ مدن جوڻيجو، معشوق جوڻيجو، عاشق جوڻيجو، مرزا جوڻيجو، علي رضا جوڻيجو ، ڪلهوڙا ڌر جو حفيظ ڪلهوڙو، ابرار ڪلهوڙو ۽ بادل ڪلهوڙو مارجي ويا، جڏهن ته جهيڙي ۾ زخمي ٿيل سعيد ولد شاھنواز ڪلھوڙو لاڙڪاڻي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو. ڌرين پاران فائرنگ جي ڏي وٺ دوران پوليس پري کان تماشو ڏسندي رهي، ڪافي دير کان مارجي ويلن جا لاش اسپتال منقل ڪيا ويا. جڏهن ته علائقي واسي گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن. ايس ايس پي تنوير تنيو ڪلهوڙو – جوڻيجا جهيڙي ۾ 7 ڄڻن جي مارجڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته مارجي ويلن ۾ ڪجهه ڏوهاري به شامل آهن. ايس ايس پي چيو آهي ته مارجي ويلن ۾ بچل ڪلهوڙو، اسرار ڪلهوڙو، حفيظ ڪلهوڙو، علي رضا جوڻيجو، مدد جوڻيجو، عاشق جوڻيجو ۽ مقصود مڱڻيجو شامل آهن. تڪرار واري هنڌ پوليس پهچي جهيڙي کي ڪنٽرول ڪري ورتو آهي. ان کان اڳ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مظھر نواز شيخ مديجي ڪچي واري علائقي ۾ جوڻيجا ۽ ڪلهوڙا برادريءَ جي پراڻي تڪرار ۾ ٿيل خونريزي جو سختيءَ سان نوٽيس وٺندي ايس ايس پي شڪارپور سان رابطو ڪري هدايت ڪئي هئي ته ڪچي واري علائقي ۾ وڌيڪ نفري مقرر ڪري خراب حالتن تي ڪنٽرول ڪيو وڃي. ڌرين پاران فائرنگ جي ڏي وٺ دوران پوليس پري کان تماشو ڏسندي رهي، ڪافي دير کان مارجي ويلن جا لاش اسپتال منقل ڪيا ويا جڏهن ته علائقي واسي گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن.
مديجي ۾ پيش آيل واقعو ڪنهن خوني راند کان گهٽ ناهي، ڇاڪاڻ ته اتي اڳ به اهڙا واقعا پيش ايندا رهيا آهن، پر اصل سوال اهو آهي ته سنڌ ۾ ان پئماني جا جهيڙا ڇو ٿي رهيا آهن ۽ اهي ڪهڙا عنصر آهن، جيڪي اهي جهيڙا ڪرائي سنڌ جي امن امان جي صورتحال کي خراب ڪري رهيا آهن. جڏهن ته سنڌ ۾ امن امان قائم ڪرائڻ لاءِ پوليس موجود آهي. جنهن جو پهريون ڪم ئي اهو آهي ته اها ڪنهن اڻوڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيندي ۽ جتي به ڪي ماڻهو يا ڌريون امن امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ ۾ اڳرائي ڪنديون، انهن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي پر ههڙن واقعن کان پوءِ ائين محسوس ٿئي ٿو ته پوليس رڳو تماشو ڏسندي رهجي ويندي آهي ۽ جڏهن واقعن ۾ ماڻهو مارجي ويندا آهن ته رڳو رسمي ڪارروائي ڪري جان ڇڏائيندي آهي. پر جيڪڏهن قتل جي واقعن جو سلسلو جاري رهيو ته سنڌ جو ڪوبه علائقو اهڙو نه هوندو، جنهن ۾ امن امان جي صورتحال بهتر هجي.
اسين سمجهون ٿا ته هن واقعي مڪمل جاچ ٿيڻ گهرجي. جيڪي ڌريون به اجايا تڪرار پيدا ڪري انسانن جو رت وهائي رهيون آهن، انهن خلاف قانوني ڪارروائي وڃي ته جيئن سنڌ کي اهڙن خوني تڪرارن کان بچائي سگهجي ۽ سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button