ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙا

Editorial-Article- Aslam Hazar

سنڌ جي ٻَرندڙ مسئلن ۾ برادري جهيڙا به ناسور بڻبا پيا وڃن ۽ برادرين جا معمولي ڳالهين تان جهيڙا وڏن المين کي جنم ڏئي رهيا آهن. ڊگهي عرصي کان سنڌ جا ڪجهه علائقا خاص طور تي قبائلي جهيڙن جي باهه ۾ سڙي رهيا آهن پر افسوس ته امن پسند قوتون صورتحال کي سڌارڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا نه ڪري سگهيون آهن، جنهن ڪري گذرندڙ وقت سان گڏ صورتحال به خراب ٿي رهي آهي.
نه ڄاڻ سنڌ جي ماڻھن کي ڪھڙو ته نانگ سراپي ويو آھي، جو انھن وٽان احساس ئي موڪلائي ويو آھي. سنڌ جيڪا صوفين جي ڌرتي رھي آھي، جنھن جي امن، پيار، ڀائيچاري، مھمان نوازيءَ جي هاڪ پوري دنيا ۾ مشھور آھي، اھا سنڌ ھاڻ رتوڇاڻ جو ديس ٿي چڪي آھي.
سنڌ جا ڪھڙا درد لکي ڪھڙا لکجن. ماضي کان وٺي هن وقت تائين سنڌ دردن جو شڪار رهي آھي. ھن قسم جون روايتون سنڌ ۾ نه ھيون، ھي جھڙا سنڌ ۾ نه ھئا. اوھان ماضي جا ورق اٿلائي ڏسو، اوھان کي سنڌ ۾ قبيلائي جھڙا نظر نه ايندا. ھي ڄاڻي واڻي ڪرايا ويا آھن، جن جا زخم سنڌ سھندي پئي اچي.
سنڌ ۾ وفقي وفقي سان قبيلائي تڪرارن ۾ تيزي ايندي رھي آھي، ڪڏھن زمين جي مالڪي، سڱاوتي معاملي تي، مال جي ڀيل تان، چوري، ٻارن جي ڳالھه تان ۽ ننڍڙين ننڍڙين ڳالھين تان جھڙو خوني تڪرار ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو ۽ پوءِ ڪيتريون ئي انساني جانيون ضايع ٿين ٿيون ڪيترين ئي مائرن جون جھليون خالي ڪيون ٿيون وڃن. ڪيترن ئي نياڻين جا ڀائر قتل ڪيا ٿا وڃن، ڪيتريون ئي عورتن جا ور قتل ٿيندا رھن ٿا پر ڪير به انھن جھيڙن جي روڪٿام لاءِ سنجيده ناھي!
اڱاري واري ڏينھن شڪارپور ضلعي جي شھر مدئجي ڀرسان ڪچي واري علائقي ۾ ٻن ڌرين _(ڪلھوڙا – جوڻيجا) برادريءَ ۾ خوني ويڙهه ٿي پئي جنھن ۾ ٻنهي ڌرين جا 9 ماڻھو قتل ٿيا آهن. خبر پئي آهي ته ٻيلي کاتي جي زمين جي مالڪيءَ تان ٻنهي ڌرين وچ ۾ ڇڪتاڻ ٿي پئي ۽ ٻنهي ڌرين ھڪ ٻئي مٿان جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني ۽ نتيجي ۾ 9 انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون، معلوم ٿيو آھي ته 3 ڀائر مدن، معشوق ۽ عرض جوڻيجو، جڏھن ته پنج ڄڻا ڪلھوڙا برادريءَ جا ماڻهو قتل ٿي ويا آهن، جن ۾ بدل ڪلھوڙو، ابرار عرف ابراھيم ڪلھوڙو، عاشق ڪلھوڙو، جھيڙي ۾ قتل ٿي چڪا آھن ۽ ڪجھه زخمي پڻ ٿيا آھن!
ڇو اسان ھڪ ٻئي جا ويري بڻجي چڪا آھيون، زمين جي ڪجهه ٽڪرن عيوض سنڌ جا ماڻھو انساني جانيون ضايع ڪري رھيا آھن. سنڌ اڳئي ڏکين حالتن کي منھن ڏيندي پئي اچي وري اسان پاڻ ۾ وڙھي ھڪ ٻئي جا ڪونڌر پيا ڪهون. ٻه ڏينهن اڳ مدئجي جي ڪچي وارو علائقو ھڪ ڳوٺ جو ڏيک نه پيو ڏئي پر ھڪ جنگي ميدان جو ڏيک ڏئي رھيو ھو. جيئن روس ۽ يوڪرين ملڪ پاڻ ۾ وڙھن پيا. فرق ايترو آھي ته اھي اتان جي رھواسين سان جنگ پيا ڪن. ھتي وري ڳوٺاڻان پاڻ ۾ ويڙهه ۾ جنبي ويا آهن. جڏھن ته ھنن ٻنهي ڌرين جا ڳوٺ ھڪ ٻئي جا آمھون سامھون آھن، تنهنڪري امڪان اهي آهن ته اڃان به رتوڇاڻ ٿي سگھي ٿي!
پوليس جو اهو ڪم نه هوندو آهي ته جھيڙيندڙ ڌرين وٽ پهچي ۽ رتوڇاڻ کي روڪي پر اسان واري سنڌ پوليس تماشو ڏسڻ تائين محدود هوندي آهي. شڪارپور ضلعو جيڪو ڪافي عرصي کان وٺي دهشتگرديءَ جي ڪاررواين، قبائلي تڪرارن، اغوائن ۽ ڦر جي وارداتن جي ور چڙهيل ضلعو رهيو آهي، ھي اھو ئي ضلعو آھي جيڪو ماضي ۾ پئرس طور سڃاڻپ رکندڙ ھو. ھاڻ شڪارپور پئرس نه پر افغانستان جو ڏيک ڏيندڙ آھي، جتي گهڻن ڳوٺن ۾ قبائلي تڪرار هلندڙ آھن. جيڪڏھن ڳڻپ ڪجي ته انگ اکر حيرت انگيز نڪرندا. آخر ڪهڙا سبب آهن جو شڪارپور مان قبائلي تڪرار توڙي ٻيون فرسوده رسمون ختم نه پيون ٿين ۽ روزاني ڪونڌر پٽ قتل ٿين پيا! اسان جا سياستدان بس فقط سکڻن بيانن تائين محدود هوندا آهن. پر انهن معاملن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوبه تيار نه هوندو آهي ۽ اهڙن قبائلي تڪرارن جي ڪري سنڌ ۾ ترقي وارو ڦيٿو رڪجي ويو آهي. ايتري قدر جو ڪيترائي خاندان ڪنگال ٿي ويا آهن، جيڪي پني پيٽ پالڻ تي مجبور آهن.
ان ڪري هاڻ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جھيڙيندڙ ڌرين کي هڪ هنڌ ڪٺو ڪري انهن ۾ ٺاهه ڪرايو وڃي ته جيئن ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش نه اچي ۽ سنڌ خوشحالي ۽ ترقي ماڻي سگھي!
پوليس جو ڪردار:
جڏھن به جھيڙا ٿيندا آھن ته پوليس جي ته ڄڻ عيد ٿيو وڃي، ڪنھن جو چوپايو مال ڪاھي ايندي ته ڪنھن جا گھر ڊاھي ايندي پر گرفتاري نه ڪندي. ٿيڻ ته ايئن گھرجي جو انھن جھيڙيندڙ ڌرين جي عورتن کي گرفتار ڪرڻ بدران جاچ ڪري ٻنهي ڌرين جي چڱن مڙسن کي گرفتار ڪري، انهن خلاف جاچ ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. وڏو الميو اھو به آھي ته پوليس هر واقعو ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي مرضيءَ سان واقعي واري هنڌ پهچندي آهي، جنھن سبب به وڌيڪ جاني نقصان ٿئي ٿو پوليس چاھي ته سڀ ڪجهھ ڪري سگھي ٿي پر ھتان جي پوليس بيوس ۽ لاچار آھي!
جاگيرداڻو جبر:
منھنجي ڄاڻ مطابق سردار ۽ جاگيردار قبائلي تڪرارن ۾ اهم ڪردار ادا نٿا ڪن، ھي ھڪ ڌر جي مدد ڪري ٻي ڌر مٿان جبر ڪن ٿا ۽ درست فيصلا نٿا ڪن، جنھن ڪري به قبائلي تڪرارن ۾ ڇڪتاڻ وڌي ٿي، ھونئن ته سردار پاڻ کي چڱا مڙس سڏائيندا وتندا آھن، پر ڪم سدائين عام ماڻهو تي ظلم ڪرڻ هوندو اٿن. جيڪڏھن علائقن جا سردار چاھين ته سمورا مسئلا حل ٿي سگھن ٿا ۽ انهن جهيڙن کان پاڻ بچائي سگهن ٿا.
بشير خان جي ياد:
هاڻوڪا قبيلائي تڪرار ڏسي سنڌ جي قومپرست اڳواڻ ۽ هر وقت سياسي طور متحرڪ رهندڙ بشير خان قريشي ياد اچي ويو آھي، هو ھونئن به دلين ۾ ياد ھوندو آھي پر اڄ شدت سان ان ڪري ياد اچي رهيو آهي جو ھو پنھنجي جدوجھد سان سڀني جھيڙيندڙ ڌرين وٽ وڃي ميڙ منٿ قافلا وٺي ٺاهه ڪرائيندو پر اڄ ڪاش هن جهڙوڪردار ٻيو ڪو به ادا ڪري!
سنڌ جي سياسي سماجي ڌرين کي گھرجي ته بشير خان قريِشي جيان قبائلي تڪرار جي خاتمي لاءِ عملي جدوجھد ڪن ته جيئن قبائلي تڪرار ختم ٿي سگھن، ڇو ته ھي وقت ھڪ ٻئي سان وڙھڻ جو نه پر سنڌ دشمنن سان وڙھڻ جو آھي!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button