ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

جاويد ڀُٽي جي ياد

Editorial-Article-Rashid Leghari

آمريڪا ۾ 3 سال اڳ جاويد ڀٽي جو نه پر پوري فلسفي جو قتل ڪيو ويو هو. جاويد ڀٽو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ فلسفي جي استاد طور پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي وري وڃي آمريڪا وسايو هو. فلسفي جا شاگرد چاهين ها ته جاويد ڀٽي جي زندگيءَ تي ڪو شاندار ناول ۽ ڪتاب لکي سگهن ٿا. پر سندن شاگردن مان ڪنهن به اهڙو ذمو نه کنيو آهي. ان وقت فلسفي جا شاگرد به گهڻا ئي هئا، سائين فريد الدين کانپو جاويد ڀٽو ئي اچي فلسفي جي شعبي جو چيئرمين ٿيو هو. سنڌ يونيورسٽي ۽ جاويد ڀٽو جي زندگيءَ تي فسلفي جي شعبي به ڪا خدمت پيش نه ڪئي آهي. جاويد ڀٽو جي زندگيءَ تي سندس دوست به شاندار لکڻيون نروار ڪري سگهن ٿا. بهترين ڊراما نويس سائين آغا رفيق به شاندار نموني جاويد ڀٽو جي زندگيءَ کي ترتيب ڏئي سگهي ٿو.
جاويد ڀٽي پنهنجي فلسفي جي ڊگري بلغاريه مان ورتي هئي. جاويد ڀٽو فلسفي جو وڏو ڄاڻو ته هو ئي پر هن فسلفي کي سنڌ جي خمير سان جوڙي ڇڏيو هو. هن سان منهنجي آخري ملاقات سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي هال ۾ ٿي هئي، جتي هن ڪتاب گهر تان گهڻا ئي ڪتاب کڻي ڪار ۾ وڌا هئا. ان وقت اسان سان گڏ بيٺل سندس زال ۽ مشهور صحافڻ نفيسه هودڀائي مذاق ۾ ڪاوڙ ڪندي چيو هو ته اسان جو جهيڙو رڳو ڪتابن تان ئي پيو ٿيندو آهي. هن وقت آمريڪا واري گهر ۾ ڪتابن سان سمورا ڪمرا سٿيا پيا آهن. جاويد جڏهن به سنڌ ايندو آهي ته واپسيءَ ۾ رڳو سنڌي ادب جي ڪتابن جا ٿهيلا ڀري پهچي ويندو آهي. هن وقت جاويد ڀٽو جي قتل کي پورا ٽي سال گذري چڪا آهن پر قتل ڪيس بابت ڪنهن به آمريڪا سرڪار کان خبر چار نه ورتي آهي. نفيسه هود ڀائي يقينن جاويد ڀٽو جي قتل واقعي تي چين سان نه ويٺي هوندي. جاويد ڀٽو پنهنجي ڀيڻ فوزيه جي قتل واقعي کان پوءِ ايترو ته سگهارو آواز اٿاريو هو، جنهن جو پڙاڏو سڄُو پوري سنڌ ۾ ٻڌو ويو هو. سندس ڀيڻ جو ڀيانڪ قتل نوابشاهه ۾ ٿيو هو. جيڪا پيشي جي لحاظ کان ڊاڪٽر هئي. جنهن جي قتل جو بينظير ڀٽو نوٽيس ورتو هو، ڀيڻ جي قاتلن کي سزا ڏيارڻ لا جاويد ڀٽو فلسفي کي خير آباد چئي الائي ڪيترا سال ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران ڪيمپ قائم ڪري ڇڏي هئي. هن جي احتجاج جي رپورٽنگ ڪندڙن ۾ ان وقت ڊان جي رپورٽر نفيسه هودڀائي به شامل هوندي هئي، جنهن هڪ عورت جي حيثيت سان جاويد ڀٽو کي ايترو ته حساس ڏٺو، جنهن جاويد ڀٽو سان شادي ڪري کيس پنهنجو جيون ساٿي بڻائي ڇڏيو هو. نفيسه هود ڀائي ئي ٻڌايو هو ته جاويد ڀٽو پنهنجي ڀيڻ جي خون کي جهڙي طريقي سان کڻي انصاف ڏياريو پئي. ان جذبي منهنجي من ۾ جاويد ڀٽي لا وڏو احترام پيدا ڪري ڇڏيو هو.
جاويد ڀٽي جي ياد تازي ڪرڻ لا ڪالهه عوامي ورڪرز پارٽي طرفان هڪ تقريب رکي وئي هئي. اتي جاويد ڀٽو جي زندگي، شخصيت ۽ فلسفي تي عوامي ورڪرز پارٽيءَ جي ڪامريڊن ۽ سندس دوستن ڳالهائي جاويد ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪئي هئي. جاويد ڀٽي جي تقريب ۾ فيلڊ رپورٽنگ جا دوست به نظر نه آيا هئا. هونئن به حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ٿيندڙ پروگرامن کي اخبارن لا رپورٽ ڪرڻ جو لاڙو پويان پساهه کڻي رهيو آهي. جنهن کي وري جيئارڻ جي ضرورت آهي.
جاويد ڀٽو جي اعزاز ۾ ڪوٺايل تقريب جا احوال:
برک ڏاهي. فلاسافر جاويد ڀٽي جي ٽين ورسيءَ جي موقعي تي جاويد ڀٽو جي شخصيت ۽ فڪر کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ عوامي ورڪرز پارٽي حيدرآباد پاران حيدرآباد پريس ڪلب جي نيو آڊيٽوريم هال ۾ ڪوٺايل تقريب ۾ عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي صدر بخشل ٿلهي خطاب ڪندي چيو ته سماج ۾ وڏا ماڻهو بي نياز هوندا آهن، اهي اهو به ناهن سوچيندا ته کين سندن هم عصر دور ڪيئن ٿو ڏسي. وڏا وڏا ماڻهو پنهنجي دور ۾ ويڳاڻا رهيا آهن. جنهن کان پوءِ اسان ڏٺوسين ته هنن وڏي مڃتا ماڻي آهي. 1995ع ۾ جاويد ڀٽي کي پهريون ڀيرو سنڌ يونيورسٽيءَ جي پوئلين ۾ ڏٺو هو. اڄ اسان به جاويد ڀٽي جي پورهيي جي بدولت آهيون.
جاويد ڀٽو جي وڃڻ کانپوءِ وڏو نقصان سنڌ جو ٿيو آهي. جاويد کي واپس سنڌ موٽڻو هو. جنهن کي اڃا گهڻو ڪجهه ڪم ڪرڻو هو. ذهن جي صحت لاءِ خيال گهرجن. جاويد ڀٽو خيالن جو وڏو کوجي هو. جاويد سدا سائو ماڻهو هو. سنڌ ۾ فڪري تنقيد جي جيڪا اڻاٺ آهي. جاويد وٽ اها ڪانه هئي. هن چيو ته جاويد ڀٽو عام لوڪ ڏاهپ جو وڏو ڄاڻو هو. هن وڌيڪ چيو ته اڳ ۾ صوفي ۽ سماج واد هئا. تاريخي طور وڏن ماڻهن جو ڪاٿو لڳائڻ ڏکيو ڪم آهي.
ڪالمنگار ادريس لغاري ڳالهائيندي چيو ته جاويد ڀٽي جو وسيع مطالعو هو. جاويد وٽ شاهه عبداللطيف جي منفرد ۽ ڌار تشريح هئي. جنهن تي تنقيد به ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته جاويد ڀٽو کان آمريڪا ۾ وڃي سحر گل ڀٽي تاريخي انٽرويو ڪيا هئا. جيڪي اڃا شايع نه ٿي سگهيا آهن. انهن انٽرويوز کي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيو وڃي. وڪيل مير احمد مڱريو چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ فلسفي جو استاد فريد الدين جاويد ڀٽو تي سدائين تنقيد ڪندو هو ته هو لکي نٿو. فلسفي جي شعبي ۾ جاويد ڀٽو جو ڪلاس ختم ئي نه ٿيندو هو. هو سگريٽ پيئندو هو. عاصم آخوند ۽ مون کي به سگريٽ جي آڇ ڪندو هو. جاويد ڀٽو بناوٽي انسان نه هو. هو سٺو ٻڌندڙ استاد هو. جاويد وٽ شاگردن لاءِ فرق نه رکندو هو. عوامي ورڪرز پارٽيءَ جي اڳواڻ جاويد راڄپر چيو ته جاويد ڀٽو تي ڳالهائڻ ڏکيو آهي. هن چيو ته رسول بخش پليجو وٽ جاويد ڀٽو سان ملاقات ٿيندي هئي. جاويد ڀٽي جون کوڙ خاصيتون سقراط سان ملندڙ هيون. جاويد ڀٽي جي ڳالهائڻ جو انداز شاندار آهي. جاويد ڀٽي ۾ سهپ هوندي هئي. جاويد ڀٽو هڪ ملاقات ۾ مون کي چيو ته تون رکو آهين. مون چيو ته اسان محرومين ۾ رهيا آهيون. ان ڪري محروميون به آهن. فلسفو شاهوڪار سان گڏ سڃو به ڪري ٿو. فسلفو ماڻهو کي ٻالڪپڻ موٽائي ڏي ٿو.
پروفيسر راشد ميمڻ چيو ته جاويد ڀٽو بلغاريه مان ماسٽر ڪري سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ آيو هو. هن چيو ته جاويد ڀٽو وڏو مقرر هو. هن وٽ صوفي ازم بابت پنهنجو خيال هو. جيڪو هو پيش ڪندو رهندو هو. ادريس جتوئي چيو ته نوابشاهه ۾ سندس ڀيڻ فوزيه کي قتل ڪيو ويو ته هو نوابشاهه ۾ اچي رهندو هو. هن چيو ته جاويد ڀٽو فلسفي تي تنقيدي سوال اٿاريا. هو ڪچهري جي انداز ۾ فڪري ويهڪون ڪندو هو. جاويد ڀٽو اسلام تي پڻ گهڻو پڙهيو هو. هو هر علم پڙهندو هو. حيدرآباد اچي سنڌي ٻولي ۽ لوڪ ادب جا ڪتاب خريد ڪندو هو. عوامي ورڪرز پارٽيءَ جي اڳواڻ عاليه بخشل چيو ته جاويد ڀٽو منهنجي استاد عاصم آخوند جو استاد هو. هن چيو ته ان وقت جاويد ڀٽي کان عاصم جي معرفت سکڻ جو موقعو مليو. جتي وڏا بحث ٿيندا هئا. هن چيو ته آئون دانشور نه پر سياسي ڪارڪن جي حيثيت ۾ سوال پڇندي هيس. هن چيو ته جاويد ڀٽو استاد طور ڪڏهن به صوبيدار ٿي نه رهيو. هن وٽ شاگردن کي سمجهائڻ جو وڏو فن هو. هن چيو ته سندس اوچتو موت سچ به ڏکوئيندڙ هو. جاويد ڀٽو جو ڪم لکت ۾ هجي ها ته گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ ملي ها. عوامي ورڪرز پارٽيءَ جي ٽيم به جاويد ڀٽو کان جدليات ۽ ٻين موضوعن جي سوالن تي ٻڌل انٽرويو ڪيو هو. جيڪو پڻ تاريخي حيثيت رکي ٿو. جاويد ڀٽو جو سحر گل ڀٽي طرفان ڪيل انٽرويوز پڻ شايع ڪيا وڃن ته اها هڪ آتم ڪٿا ٿي ويندا. اهي انٽرويوز هڪ ڪتاب نه پر ڪيترن ئي جلدن تي ٻڌل هوندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button