دنيا جي سمورن سماجن جيان سنڌي سماج ۾ به ڪجهه ڀلايون ته ڪجهه برايون موجود آهن. ڪي رسمون ۽ روايتون ساراهڻ ته ڪي وري نندڻ جهڙيون آهن. اها ڳالهه سمجهڻ لاءِ اسان هتي مرڻي ۽ پرڻي جي رسمن منجهان رڳو ٻن جو ذڪر ڪريون ٿا. جن جو تعلق پيسا وصول ڪرڻ يا نه ڪرڻ سان آهي.
سنڌي سماج ۾ تاريخي طور تي اها روايت موجود رهي آهي ته جڏهن ڪنهن جو ڪو ڀاتي فوت ٿي ويندو هو ته اوڙي پاڙي جا ماڻهو ۽ مٽ مائٽ ان سان تعزيت ڪرڻ لاءِ ايندا هئا، گڏوگڏ اهي ڪوشش ڪندا هئا ته جن جو قضيو ٿيو آهي، اهي گھٽ ۾ گھٽ ٽن ڏينهن تائين معمول مطابق ڪا به محنت ۽ ڪم ڪار نه ڪن. اوڙي پاڙي وارا انهن لاءِ کاڌو تيار ڪري موڪليندا هئا. مرحيات جي ڪفن دفن ۽ ڪانڌپي کان سواءِ سندس وارثن جو ڏهاڙيءَ جو خرچ برداشت ڪرڻ لاءِ به مٽ مائٽ ۽ اوڙي پاڙي وارا ڪجهه پيسا گڏ ڪري مرحوم جي وارثن حوالي ڪندا هئا. اها رسم پنهنجي جوهر ۾ ڏاڍي سٺي ۽ هاڪاري هئي. ڇاڪاڻ ته ان سان انسان جي ٻئي انسان لاءِ همدردي اظهارجي پئي. ان سان مصيبت ۾ ڦاٿل ڪنهن ماڻهوءَ جي اهڙي وقت مدد پئي ٿي، جڏهن کيس مدد جي سخت ضرورت هئي. افسوس جو اها رسم هوريان هوريان نه پر تيزيءَ سان ختم ٿي رهي آهي. اڄڪلهه ان رسم کي برو ۽ غلط سمجهي پٺيءَ ڀر اڇلايو پيو وڃي. بلڪل غريب ۽ تنگدست ماڻهو به فوتگيءَ وقت تعزيت لاءِ آيل مهمانن ۽ مائٽن کان رقم جي وصوليءَ کي شرمناڪ سمجهڻ لڳا آهن. اهڙا ماڻهو به جيڪي تمام گھڻا ضرورتمند آهن، ڪُوڙو ٺٺ ٺانگر ڪندي پنهنجو پاڻ کي امير ظاهر ڪندا آهن. هڪڙي زماني ۾ مرحيات جي ڪلهي ڪانڌي ٿيندڙ ماڻهن لاءِ جيڪا ماني ڪبي هئي سا ايتري سادي ۽ بي سواد هوندي هئي جو محاورو ٺهي ويو ته فلاڻن وهانوَ جو ڀت نه پر ڄڻ ڪانڌپو ڪيو هو. اهڙي ماني به ماڻهو کائيندا هئا ۽ ڪير به ڪُرڪندو نه هو. ڪير به ان منجهان عيب نه ڪڍندو هو. هر ڪوئي ثواب جا ٻه چار گرنهن کائي پاڻي ڍُڪ پي ڇڏيندو هو. جڏهن ته اڄڪلهه جنهن جو گهر ڀاتي فوت ٿئي ٿو ان کي اهو سُور ته هوندو ئي آهي پر مٿان وري منجهس بهترين دعوت جي اميد به رکي ويندي آهي. ماڻهو ڪانڌپي جي مانيءَ منجهان عيب ڪڍندا آهن. هڪڙو ٿالهه کائي ختم ڪرڻ کان پوءِ ٻيو ۽ ٽيون به گهرندا آهن. جيڪڏهن بريانيءَ ۾ گوشت گھٽ هوندو ته مُئي جي وارثن تي تنقيد ٿيندي آهي. جيڪڏهن تعزيت لاءِ آيلن کي سياري ۾ چانهن ۽ اونهاري ۾ شربت نه پياريو ويو يا ان جو معيار بهتر نه رهيو ته به فوتيءَ جي وارثن تي تنقيد جا تير وسايا ويندا آهن. جديد سنڌ قديم سنڌ کان گھڻي مختلف آهي.
سو مرڻي جي رسمن منجهان هڪڙي خراب رسم اها آهي ته مالي مدد جي سخت ضرورت هوندي به ان کان انڪار ڪيو پيو وڃي. ان کي شرمناڪ سمجهيو پيو وڃي. پرڻي جي خراب رسمن منجهان وري سڀ کان بري رسم آيل مهمانن کي ماني کارائي ان مانيءَ جو بل وصول ڪرڻ جو باقاعدي انتظام ڪرڻ آهي. اهو رواج لڳ ڀڳ سموري سنڌ اندر هلي پيو. سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ ان کي مبارڪ يا پاهت ته ڪجهه هنڌن تي وري پُوهو سڏيندا آهن. جڏهن ته هئڻ ائين گهرجي ته ميزبان پنهنجي خوشيءَ ۾ شرڪت لاءِ جن مهمانن کي سڏيو آهي جنهن کي عرفِ عام ۾ سڪ ڀريو سڏ چيو ويندو آهي ۽ جنهن دعوت نامي ۾ اهو به لکيو ويندو آهي ته اوهان پيارن جي اچڻ سان اسان جو اڱڻ اجارجي ويندو يا وري اوهان جي آمد سان اسان جون خوشيون ٻيڻيون ٿي وينديون وغيره، تن کي ماني مفت ۾ کارائي وڃي پر عملي طور اهو ڏٺو ويو آهي ته ميزبانن کي مهمانن جي آمد جو انتظار ان لاءِ هوندو آهي ته جيئن اهي اچن ۽ اچي پيسا جمع ڪرائين. ان رسم جو گھڻي وقت تائين جاري رهڻ ممڪن ڪونهي ان ڪري جو وهانوَ جي دعوت ڪرڻ توڙي کائڻ وارا هڪ ٻئي کي دوکو ڏئي رهيا هوندا آهن. ميزبان گھٽ خدمت عيوض وڌيڪ پيسا اوڳاڙڻ جي اميد سان مختلف اٽڪلون استعمال ڪندا آهن. جڏهن ته مهمانن جي ذهن ۾ هر وقت اها سوچ هوندي آهي ته جيترا پيسا جمع ڪرائي رهيا آهن وڌيڪ نه تڏهن به اوترو طعام ته ضرور کائي وٺن. ان ڪري ئي اهي مختلف اٽڪلون استعمال ڪندا آهن جهڙوڪ: هڪڙي دعوت نامي تي ٻه يا ٽي ماڻهو ماني کائڻ لاءِ اچي ويندا آهن. مانيءَ جو زيان ڪيو ويندو آهي. مثال طور اهڙو ماڻهو جيڪو گهر ۾ ماني کائيندي هڪڙو گرنهن به ضايع ڪرڻ نه چاهيندو آهي. اهو دعوت ۾ اچي هڪڙي ماڻهوءَ جي حصي جيتري ماني کائيندو ته چئڻ ڄڻن جي کائڻ جيتري ماني ضايع ڪندو آهي. گهر ۾ جنهن وٽ گھڻي پسند ڪانه هوندي آهي، اهو دعوت جي مانيءَ ۾ چُونڊ ڪندو آهي. بهترين طعام پنهنجي پليٽ ۾ ڏسڻ جي ڊوڙ ۾ ٽيبل جي چوڌاري ويٺل ماڻهو هڪ ٻئي کان اڳرا ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. مرغيءَ جي ڀيٽ ۾ پاڏي جو گوشت، مڇي، ڪوفتا وغيره پسند ڪيا ويندا آهن. دعوت ۾ جيڪڏهن اهي طعام موجود هوندا ته مهمان مرغيءَ کي سچ پچ حرام سمجهندا آهن. جيڪڏهن ڪنهن جي نظر پئي به ته وڌ ۾ وڌ مرغيءَ جي پيس يعني بار بي ڪيو تي پوندي آهي نه ته ٺهيو. دعوت جي مانيءَ جو منظر ڏاڍو دلچسپ هوندو آهي. بيمار ۽ ڏٻرا مهمان جيڪي بظاهر گھٽ يا پرهيزي کاڌو کائيندڙ لڳندا آهن اهي به پيسن عيوض ملندڙ ان مانيءَ کي دنيا ۽ آخرت ۾ پنهنجو دشمن سمجهي کائيندا آهن. اهڙي موقعي تي اوهان کي نظر ايندو ته ان سڪ ڀرئي سڏ جو اصلي مقام آهي ڪهڙو؟ سڪ ڀريو سڏ قبوليندي جيڪي مهمان دعوت ۾ آيل هوندا آهن، اهي مختصر يا سڪ منجهان نه پر صدين جي بک سانڍي اچي نڪتا هوندا آهن. اهي مانيءَ تي ائين ڪڙڪي پوندا آهن ڄڻ زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ماني ڏٺي هجين يا وري کين پڪ هجي ته سندن زندگيءَ جي آخري ماني اها آهي. ان ڪري جيترو ٿي سگهي سٺو ۽ گھڻو کائي وٺڻ گھرجي. اهڙي موقعي تي اوهان کي مهين جي دڙي جي وارثن جي اصل تهذيب نظر ايندي. حقيقت اها آهي ته جنهن قيامت جو ذڪر ڪيو ويو آهي جتي جنهن ميدان ۾ نفسا نفسيءَ جو عالم هوندو، جتي ڀاءُ ڀاءُ جو دشمن بڻجي ويندو آهي. اهڙي صورتحال ان مانيءَ جي دعوت ۾ به هوندي آهي. هر ڪوئي پنهنجي نفس يعني پنهنجي لاءِ جيئندو آهي هر ڪوئي اها ڪوشش ڪندو آهي ته بهترين ۽ سڀ کان گھڻو کاڌو اهو ئي کائي وٺي. دعوتون پارٽيون ڪرڻ وارا ماڻهو هڪڙي ئي گهوٽ لاءِ پهريان مڱڻي، پوءِ نڪاح پوءِ شاديءَ جي دعوت الڳ الڳ ڪري پيسا ڪمائڻ چاهيندا آهن. دعوت ڏيڻ وارا به رڳو پٽ ۽ ڀاءَ جي ڪاڄ جي نه پر سوٽ ماسات ۽ ماروٽ پڦاٽ جي وهانوَ جي دعوت به ڏيندا رهندا آهن. ان کان سواءِ جاگيرداراڻي اثرن ڪري وهانوَ جي دعوت نامي ۾ به ڪاڄ جو سربراهه لکرائڻ ضروري بڻجي ويو آهي. اهڙا ماڻهو جيڪي چئن گهرن جا چڱا آهن، اهي پنهنجو پاڻ کي راڄ جو چڱو مڙس ظاهر ڪندا آهن جيڪي رڳو پنهنجي گهر جا وڏا هوندا آهن انهن کي شاديءَ جي دعوت نامي ۾ ڪاڄ جو سربراهه لکي سندن انا جي تسڪين جو انتظام ڪيو ويندو آهي. چڱ مڙسيءَ جا شوقين ماڻهو ان تي ئي خوش ٿي ويندا آهن ته گھٽ ۾ گھٽ هڪڙي ڏينهن لاءِ ئي سهي، وهانوَ جي ڀت جو ئي سهي پر کين سربراه ته قبوليو ويو آهي.
ان ڪري اهڙي رسم جو ڪوئي مستقبل ڪونهي جنهن ۾ ڌريون ئي هڪ ٻئي سان ٺڳي ڪنديون هجن. جنهن رسم ۾ ميزبان مهمان کي ۽ مهمان ميزبان کي نقصان ڏيڻ جي ڳڻتيءَ ۾ ورتل هوندو آهي. اهڙي رسم جو ڪوئي مستقبل ڪونهي. دير سوير ان کي ختم ئي ٿيڻو آهي. سنڌي ماڻهو يا ته سنڌ جي شهري علائقن جي ماڻهن جيان خوشيءَ جي اهڙن موقعن تي پيسا وٺڻ واري ڪِرت کي بند ڪري ڇڏيندا يا وري خوشيءَ جي موقعن تي دعوت جو انتظام ڪرڻ ئي بند ڪري ڇڏيندا. ذاتي طور تي جيڪڏهن مون کي راءِ ڏيڻ جي اجازت هجي ته No Money No Gift وارو اصول بهترين آهي. خوشيءَ جي موقعي تي آيل ماڻهو اوهان جا انتهائي معزز مهمان هوندا آهن. انهن جي مهمان نوازيءَ لاءِ وسان نه گھٽايو. انهن کي بنا ڪنهن فرق جي عزت ڏيو. انهن کان پيسا يا تحفا تحائف ملڻ جي اميد يا لالچ رکڻ بدران کين عزت ڏيڻ جو فڪر ڪريو ته جيئن اوهان جو مانُ مٿانهون ٿئي. جيئن اوهان جو اڱڻ واقعي به اجرو ٿي وڃي. جيئن اوهان جون خوشيون واقعي به ٻيڻيون ٿي وڃن.