ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

وزير اعظم ۽ گهرو وزير جو اعتراف

ملڪ ۾ بيروزگاريءَ جي شرح ڪيتري وڌي آهي، ان جو اندازو انهن سرويز مان ٿئي ٿو، جيڪي مختلف ادارا ڪرائيندا رهندا آهن. پر تنهن هوندي به هاڻوڪي حڪومت اهو ئي چوندي رهندي آهي ته ملڪ ۾ بيروزگاري ايتري ناهي وڌي بلڪه گهٽجي رهي آهي ۽ ملڪي معيشت بهتري ڏانهن وڌي رهي آهي پر جيڪي تازا بيان وزير اعظم عمران خان جا ٻڌڻ لاءِ مليا آهن، انهن مان اهو اندازو ٿئي ٿو ته هن جيڪي هدف طئي ڪيا هئا، اهي پورا نه ٿي سگهيا آهن ۽ هو هن وقت تائين پنهنجا وعدا به پاڙي نه سگهيو آهي. ڇاڪاڻ ته هن نه رڳو هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو پر لکين گهر اڏي ڏيڻ جو وعدو به عوام سان ڪيو هو. پر هن وقت تائين اهي ٻئي اهم مسئلا حل نه ٿي سگهيا آهن. ٻه ڏينهن اڳ وزير اعظم اهو چيو آهي ته هر ڪنهن کي روزگار نٿا ڏئي سگهون ان ڪري نوجوان پنهنجو ڪاروبار ڪن.
وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قوم سان وعدو ٿو ڪريان ته شهري جيترو ٽيڪس ڏيندا اوترو هيٺئين طبقي تي خرچ ڪندس. حڪومت وٽ ايترا پئسا ناهن جو هر ڪنهن کي نوڪري ڏئي سگهي، نوجوانن کي صلاح آهي ته اهي هنر سکن ۽ ڪاروبار ڪن. اسلام آباد ۾ بنا وياج قرض ڏيڻ واري افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايف بي آر سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس جمع ڪيو آهي. اسان وٽ ٽئڪس اوڳاڙي ذريعي پيسا وڌيڪ آيا، جنهن ڪري بجليءَ جو في يونٽ 5 رپيا ۽ پيٽرول ۽ ڊيزل 10 رپيا في لٽر گهٽ ڪيو. هن چيو ته قوم کي چوان ٿو ته جيترو ٽيڪس ڏيندئو، اهو پيسو هيٺئين طبقي تي لڳائيندس. وياج جي بنا قرض ڏئي رهيا آهيون، پنهنجو گهر ٺاهڻ لاءِ 20 لک رپين جو قرض بنا وياج جي ڏئي رهيا آهيون. اسان جو مقصد آهي ته ماڻهو پنهنجي پيرن تي بيهن. هن چيو ته هر شهر ۾ ڪچيون آباديون وڌي رهيون آهن، ڪراچي ۾ 40 سيڪڙو ڪچيون آباديون آهن، لاهور ۾ به ڪچي آباديون وڌي ويون آهن، بنا وياج جي قرض ان ڪري ڏئي رهيا آهيون ته جيئن غريب ماڻهو به پنهنجي گهر جو خواب ڏسي سگهن. وزيراعظم چيو آهي ته صحت ڪارڊ تي فخر آهي، مارچ جي آخر تائين پنجاب جي سمورن خاندانن کي صحت ڪارڊ پهچي ويندو. هيلٿ ڪارڊ ذريعي سٺي کان سٺي اسپتال ۾ علاج ڪرائي سگهبو. نوجوانن کي 6 کان 12 مهينن ۾ آءِ ٽي جي ضروري تربيت ڏئي سگهجي ٿي. مقصد عوام کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ آهي ته جيئن ماڻهو پنهنجو روزگار ڪمائڻ جي قابل ٿي سگهن ڇو ته حڪومت هر ڪنهن کي نوڪري نٿي ڏئي سگهي. ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان ڪامياب پروگرام تحت بنا وياج قرض وٺندڙ شهرين ۾ چيڪ ورهايا. ٻئي پاسي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد اعتراف ڪيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ساڍن ٽن سالن ۾ پهريون ڀيرو غريبن کي سهولت ڏني آهي. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته وزيراعظم پيٽرول، ڊيزل ۽ بجلي جي قيمت گهٽ ڪئي. ساڍن ٽن سالن ۾ پهريون ڀيرو غريب کي عمران خان سهولت ڏني جيڪا وڏي ڳالهه آهي. هاڻي اسان کي اٽو، گيهه ۽ کنڊ تي به رعايت ڏيڻ گهرجي ته جيئن زندگيءَ ۾ سهولت پيدا ٿي سگهي. هن چيو ته عمران خان تمام سٺو ڪم ڪيو، ان جي تعريف ڪرڻ گهرجي. اسان کي پنهنجي ۽ اوهان جي وزيراعظم کي منظم رکڻ جي ضرورت آهي.
اسين سمجهون ٿا ته وزير اعظم ۽ گهرو وزير اها ڳالهه قبول ڪئي آهي ته سندن حڪومت عوام کي ڪوبه بهتر رليف نه ڏئي سگهي آهي ۽ عوام کي جيڪا رعايت هن وقت پيٽرول ۽ ڊيزل جي مد ۾ ملي آهي سا ناڪافي آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏنو وڃي. وزير اعظم کي عوام سان ڪي به اهڙا وعدا نه ڪرڻ گهرجن، جيڪي هو پورا نه ڪري سگهي. پر جڏهن وزير اعظم ڪاروبار جي ڳالهه ڪري ٿو ته کيس اهو اندازو ضرور هجڻ گهرجي ته ڪاروبار لاءِ حڪومت پاڻ موقعا فراهم ڪندي آهي. تنهنڪري عوام لاءِ وڌيڪ آسانيون پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. حڪومت عوام کي گمراهه ڪرڻ بدران حقيقتون بيان ڪري ته سٺو ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button