ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جي پورهيتن ۽ نوجوانن لا ڪيل جدوجهد ڪڏهن به رائيگان نه ويندي، هو هن سماج ۾ سدائين سرخرو ٿي رهڻو آهي. زندگي جيڪڏهن ڪنهن آدرش، مقصد ۽ نظرين سان سلهاڙجي وڃي ته پو اها زندگي ماڻهو ٻين لا قربان ڪري ڇڏيندو آهي. جنهن جي بدلي ۾ ان انسان کي تڪليف ۽ رياست جو ظلم به سهڻو پوندو آهي. جڏهن ته انسان اڏول ٿي بيهي رهي ته وڏي طاقت به ان انسان کي جُهڪائي نه سگهندي آهي. جيڪڏهن عوام جي گهڻائي ان ماڻهوءَ سان گڏ بيهي رهي ته هڪ انقلاب جي اميد ان سماج جو مقدر بڻجي ويندي آهي. اسان ڏٺو آهي ته ڪميونسٽ فڪر جي ڪري شهيد نظير عباسي، شهيد حسن ناصر سان گڏ وڌيڪ ظلم سهندڙ ڪامريڊ ڄام ساقي هو. هن جي جواني ۽ زندگيءَ جا حسين ڏينهن جيلن ۽ شاهي قلعي جي اّذيتن حوالي ٿي ويا هئا.
ڄام ساقي پنهنجي جنم لا ٻڌائيندو هو ته آئون پاڪستان کان 4 سال وڏو آهيان. هن جي گهر واري سُکان ڄام ساقي جي قتل جي ڪوڙي خبر ٻڌي ڳوٺ جي کوهه ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو هو. ڄام ساقي پنهنجي آتم ڪٿا لکي ها ته هو زبردست يادگيريون لکي وڃي ها. هن ٽارچر سيلن ۾ نشي جي انجڪيشن جو ذڪر ڪندي ٻڌايو هو ته کيس 120 انجيڪشن لڳايا ويا هئا، ڄام ساقي ٻڌايو هو ته آئون افغانستان ۾ باچا خان جي جنازي ۾ ويو هئس جتي هڪ وڻ جي هيٺًان نجيب الله سان ملاقات ٿي هئي. جنهن چيو هو ته ڄام ساقي تون پاڪستان ۾ اقليتن جي مسئلن ۽ ٻين سياسي بحرانن کي ختم ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهين ٿو. جنهن کي عوام به ڀرپور موٽ ڏيندو. ڪامريڊ ڄام ساقي هارين ۽ مزدورن جي حقن جي سياسي هلچل ۾ هونئن به هر وقت تحرڪ ۾ رهندو هو پر سندس هڪ اهم ڪم ماڻهن سان پاڻ کي جوڙي رکڻ هو، جيڪو گهٽ سياسي اڳواڻ ڪندا آهن. عوام ۽ ليڊر جي وچ ۾ ڪا لڪير نڪتل نه هوندي آهي، اسان ڏٺوسين ته ڄام ساقي هارين، مزدرون، شاگردن ۽ ان دور جي ڪامريڊ ساٿين کان پاڻ کي ڪڏهن به ڌار نه ڪيو هو. ڌاڙيلن کي عام معافي ڏيڻ يا عوام کي پنهنجي تحفظ لا هٿيار ڏيڻ جو مطالبو به ڪامريڊ ڄام ساقي ڪري پيو سگهي. جنهن لا هن ڪمون شهيد کان ڪراچي تائين پيادل مارچ به ڪيو هو. جڏهن ڪو اترين علائقن ۾ ڪير سفر لا نڪرندو هو ته ڪامريڊ ڄام ساقي جي تعارفي چٺي کڻي نڪرندو هو. ڪامريڊ ڄام ساقي هڪ ڀيري ٻڌايو ته هو ڌاڙيل ڪمانڊو ۽ پرو ڪلهوڙو منهنجي مان ۾ ٻيلي ۾ دعوت ڪئي هئي. جنهن تي مون چيو هو ته آئون اچان ٿو پر هٿيار ڦٽا ڪيو، جنهن تي ڌاڙيلن انڪار ڪيو ۽ آئون دعوت ۾ نه ويس. ڪامريڊ ڄام ساقي وٽ شاهي قلعي جي اذيتن ۽ سپاهين سان ڪچهرين جي هڪ خزانو هو. جن کي هو يادگيرين وسيلي پيو سليندو هو. ڪامريڊ ڄام ساقي 4 سالن کان جسماني طور اسان جي وچ ۾ موجود ناهي رهيو. هو اتي هليو ويو آهي. جتان جدليات ئي سمجهايو آهي ته جتي هر ڪو وڃي ُڪل سان ملي وڃي ٿو، اهو انسان پنهنجو روپ ٻين شين ۾ شامل ڪري ڇڏي ٿو پر ساڳئي حالت ۾ موٽي نه ايندو آهي.
ڄام ساقي ٿر مان حيدرآباد اچڻ کانپوءِ شاگردي واري دور کان ئي پاڻ کي کاٻي ڌر جي سياست سان شامل ڪندي شاگردن جو سگهارو آواز بڻيو هو. ڄام ساقي شاهي قلعي جي ٽارچر کانپوءِ پاڻ کي سنڀالي نه سگهيو هو. هن سخت تڪليفن ۾ رهندي به پنهنجون ذهني صلاحيتون ۽ جدوجهد جي جرئت تان هڪ قدم به پوئتي نه ڪيو هو. گذريل سال کاٻي ڌر جي 4 کان وڌيڪ پارٽين گڏجي ڄام ساقي جي ورسي هڪ گڏيل اتحاد قائم ڪرڻ جي فڪر هيٺ ملهائي هئي، جنهن تي اڃا تائين عمل نه ڪيو ويو آهي. مارڪسي ۽ کاٻي ڌر جي پارٽين هڪ پليٽ فارم تي گڏائڻ وارو سرجڻهار ڊاڪٽر هريش ئي هو. گڏيل پليٽ فارم تي ويهي ايندڙ وقت جي حالتن جو ڇيد ڪري انقلابي عمل تي بحث ڪيو ويو هو. اهو سلسلو به رڪجي ويو آهي. جنهن تي وري گڏجڻ لا ڪنهن تقريب نه ڪوٺائي آهي.
ڄام ساقي جو ڏينهن ملهائڻ جو مقصد به هڪ تبديليءَ جو خواب ئي هجڻ گهرجي. ڄام ساقي جي فڪر ۽ جدوجهد جو رستو ڪنڊن ۽ اذيتن وارو آهي، ان لا مقتل گاهه سجيل ئي رهڻي آهي.
ڄام ساقي انقلاب جا خواب ڏسڻ جي ڏوهه ۾ هن رياست طرفان وڏي سزا ڀوڳي هئي. کيس سخت تڪليفن وارين حالتن کي منهن ڏيڻو پئجي ويو هو. جيڪو ڪيترائي سال فوجي ۽ سول ڪورٽن ۾ هڪ انقلابي طور پيش ٿيندو رهيو، جنهن ۾ ڪڏهن سخت روپوشي، گرفتاري، ڪڏهن عدالتن، ڪورٽ مارشل لائن ۽ جيلن جون سختيون برداشت ڪندو رهيو.
ڄام ساقي 10 جنوري 1972ع تي روپوشيءَ جو دور گذاري نيشنل عوامي پارٽي “نعپ” معرفت ڪامريڊ غلام محمد لغاريءَ سان گڏجي پريس ڪانفرنس ۾ نروار ٿيو هو. هن جيل ۾ وڏيون اذتيون ڀوڳيون، جيل ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي سان ملاقات تي بندش رهي. جيل ۾ قيدين کي پڙهائڻ ۽ جيل جي فيڪٽريءَ ۾ پورهيو ڪرڻ تي سندس سزا گهٽ ڪئي وئي. ڄام ساقي کي پهرين نومبر 1972ع تي جيل مان آزاد ڪيو ويو. آزاديءَ واري ڏينهن فيض محمد قصور گرديزيءَ سان بلوچستان جي دوري تي نڪري ويو، جتي نعپ جي حڪومت هئي. ولي خان، ذوالفقار علي ڀُٽي کي چيو هو ته ڄام ساقيءَ کي گرفتار نه ڪيو وڃي. ڄام ساقي ماهوار ٽي اخبارون به ڪڍندو هو. جنهن ۾ سنڌ مان “هلچل”، “سرخ پرچم” ۽ بلوچستان مان “جدوجهد” (اردو) ۾ جاري ڪيون وينديون هيون. جڏهن ته “سرخ پرچم” ۽ “جدوجهد” 1980ع تائين نڪرنديون رهيون. ٽنهي اخبارن جو ايڊيٽر ڄام ساقي به رهيو هو. هڪ ئي وقت ڪل وقتي انقلابي سان گڏ هڪ صحافي به هو، جيڪو طاقت جي اڳيان ڪڏهن به جهڪيو ڪونه.
پاڪستان ۾ ورهاڱي وقت ڪميونسٽ پارٽيءَ جي پنهنجي پريس هوندي هئي، جتان پمفليٽ، پوسٽر ۽ اخبارون شايع ڪري عوام ۽ شاگردن تائين پهچايون وينديون هيون، جنهن پريس تي 1956ع ۾ بندش لڳائي وئي. جنهن تي حڪومت قبضو ڪندي اها پريس پاڪستان ايسوسيئٽ پريس آف پاڪستان “اي پي پي” حوالي ڪري ڇڏي هئي. اخبارن جي شاعت دوران ئي فوج ۽ پوليس ڇاپو هڻي ڄام ساقي کي گرفتار ڪري پاڻ سان گڏ کڻي وئي هئي. 1986ع تائين کيس مختلف جيلن ۾ قيد ڪري رکيو ويو. حيدرآباد سينٽرل جيل مان بيماريءَ جي حالت ۾ جناح اسپتال ڪراچيءَ ۾ منتقل ڪري آزاد ڪيو ويو. ڄام ساقيءَ کي 1983ع ۾ فوجي عدالت ۾ بغاوت جي ڪيس ۾ پيش ڪيو ويو، جتي بينظير ڀٽو سندس بيگناهيءَ جي شاهدي ڏني هئي، جنهن کانپوءِ کيس ڪيس مان باعزت بري ڪيو ويو.
ان وقت ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جي سڃاڻپ هڪ سچي ڪميونسٽ ليڊر واري بڻجي چڪي هئي. 1988ع ۾ ڄام ساقي سوئيڊن، جرمني، بلغاريا، چيڪوسلواڪيا، لنڊن، سوويت يونين سميت مختلف ملڪن ۾ وڃي اتان جي ڪميونسٽن سان گڏجاڻيون ڪيون هيون. ڄام ساقي انقلاب جي اميد کڻي 1991ع تائين ڪميونسٽ پارٽيءَ سان شامل رهيو. لاڙڪاڻي ۾ جلسي دوران ڪامريڊ ڄام ساقيءَ کي بيرين هيمرج جو حملو ٿيو جتي بيهوش ٿي ويو هو، سندس لنڊن مان علاج ڪرائي حياتي بچائي وئي هئي. جڏهن ڪميونسٽ اڳواڻن جي جدوجهد ۽ قربانين جي تاريخ لکي ويندي ته ڄام ساقي جو ڳاٽ اوچو رهندو. هن ماسڪو ۾ ڪميونسٽن جي مارڪسي اسڪول ۾ ليڪچر ڏيندي چيو هو ته “فلسفي کي مادي سان هم آهنگ ٿيڻ گهرجي”. جنهن خيال کي گهڻُو ساراهيو هو.