اتي ئي هوٽل جي مالڪ گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيندڙن جي هوٽل مان چانهه پيئڻ جي شرط تي اتي گڏجاڻي ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي. دراصل هوٽل جي مالڪ جو ترقي پسند تحريڪ سان پراڻو واسطو رهيو هو ۽ اهو به اتي گڏجاڻين ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو هڪ ڪارڻ هو. گڏجاڻي مان فارغ ٿي ڪجھه دوستن سان گڏجي ڪراچي پريس ڪلب وڃبو هو جتي چانهه پي ۽ دوستن سان ڪچهري ڪري ڪڏهين پنڌ ته ڪڏهين صدر مان بس ۾ گھر وڃبو هو.
ان وقت ضياالحق جو دور هو. سياسي سرگرمين تي پابندي هئي. سنگت جي گڏجاڻين ۾ گھڻا نوجوان سياسي ڪارڪن به شريڪ ٿيندا هئا. اهي ڪنهن به شاعري ۽ ڪهاڻي وغيره جي اسم تي تنقيد ڪندي پنهنجي سياسي اوٻر ٻاهر ڪڍندا هئا. سنگت ڪراچي ان سلسلي ۾ اڳ ئي گھڻو ڪجھه سهي چڪي هئي. انهن گڏجاڻين جي ڪارروائي جي رپورٽ ٿيندي هئي ۽ ان سلسلي ۾ باقاعدي سرڪاري ڪارندن پاران مختلف دوستن کان پڇا ڳاڇا ٿيندي هئي. ٻه ڀيرا کن مون کان به ان سلسلي ۾ پڇا ٿي. هوٽل وارن تي به ان سلسلي ۾ دٻا هو. انهن نيٺ اسان کي چيو ته اوهان پنهنجي لا ڪو ٻيو بندوبست ڪيو.
ان وقت سگا به عتاب هيٺ هئي ۽ ان جا گھڻا ميمبر، جيڪي سرڪاري ملازم هئا پاسيرا ٿي ويا هئا. حيدربخش گل جيڪو ساڳي وقت سگا جو هڪ ڪميٽڊ ۽ سرگرم رڪن ۽ سنگت ڪراچي سان به لاڳاپيل هو ان سلسلي کي جاري رکندي ٿي آيو. هو سگا جي رمپا پلازه ۾ نائين ماڙ تي آفيس باقاعدي کوليندو هو. هن سنگت کي ان آفيس ۾ گڏجاڻين ڪرڻ جي آڇ ڪئي ته جيئن سگا جي سرگرم هئڻ جو به هڪ تاثر ملي. سنگت گھڻو عرصو اتي پنهنجيون هفتيوار گڏجاڻيون ۽ ماهوار پروگرام وغيره ڪندي رهي. ڪجھه عرصي کانپو جڏهين پابنديون ختم ٿيون ۽ سگا وري پنهنجيون سرگرميون شروع ڪيون ته سنگت کي وري اتان به پنهنجا ٽپڙ ويڙهڻا پيا. پر ان ئي عمارت ۾ ٽين ماڙ تي اداره امن وانصاف جو دفتر هو اها هڪ ترقي پسند خيالن جي ماڻهن تي مشتمل اين جي او هئي، جنهن کي چرچ جي تنظيم جي مدد ۽ پٺڀرائي حاصل هئي. اهي جفاڪش جي نالي سان هڪ ماهوار رسالو به ڪڍيندا هئا، جنهن ۾ پورهيتن ۽ ٻين پٺتي پيل طبقن جي نمائندگي هوندي هئي. احمد سليم، آزاد بلوچ ۽ توقير چغتائي جهڙا ترقي پسند ليکڪ ان رسالي جا ايڊيٽر رهيا. آئون گھڻي عرصي تائين ان جي ايڊيٽوريل بورڊ ۽ هڪ ليکڪ طور ان رسالي سان لاڳاپيل رهيس. اهو ادارو هڪ دهشت گرد حملي جو شڪار ٿي، جنهن ۾ ان جا گھڻا ڪارڪن مارجي ويا، بند ٿي ويو. ان اداري جي هال کي مختلف ادبي ۽ مزدور تنظيمون وغيره پنهنجين گڏجاڻين وغيره لا استعمال ڪنديون هيون. سنگت کان اهي نالي ماتر پنجاهه روپيا في گڏجاڻي وٺندا هئا جيڪي به ڪڏهين انهن کي ڏيندا هئاسين ۽ ڪڏهين نه. گڏجاڻي کان پو ڪجھه دوست ڪڏهين چانهه لا رمپا پلازه جي روف ٽاپ هوٽل تي ويهندا هئاسين يا ٻاهر ڪنهن هوٽل جو رخ ڪندا هئاسين. انهن ۾ گھڻن دوستن جو واسطو لياري سان هوندو هو. اهي اتان پنڌ جوبلي، رامسوامي ۽ ڀيم پوري وغيره کان ٿيندا سڄي واٽ پاڻ ۾ ڪچهري ۽ کل ڀوڳ ڪندا پنهنجن گھرن ڏانهن روانا ٿيندا هئا. اهو سلسلو ڪافي عرصي تائين هلندو رهيو.
نومبر 1997 ۾ آئون گلشن حديد اچي رهيس. ڪجھه عرصي کانپو مون اهو محسوس ڪيو ته آفيس ۽ ٻين ڪمن لا بسن وغيره ۾ سفر ڪرڻ ۽ پنڌ نه ڪرڻ جي ڪري جسم وٺجي ويو هو ۽ سور رهڻ لڳو هو. مون کي ان جو اهو ئي علاج نظر آيو ته واڪ کي پنهنجو معمول ٺاهجي. هتان جو ماحول وڻڪاري، ڪشادن رستن ۽ ڪجھه پارڪن وغيره جي ڪري ان لا گھڻو سازگار آهي. واڪ جي لا صبوح جو سويل اهڙو وقت رکيو جيڪو منهنجي آفيس وڃڻ جي وقت سان به ٺهڪندڙ هجي. اهڙي ريت منهنجي ننڊ مان اٿڻ جو وقت فجر جي ٻانگ کان به اڳ جو هوندو هو. ڏندڻ پاڻي ڪري آئون ٻاهر نڪري ويندو هوس. حڪومت پاران سج جي روشني مان فائدو وٺڻ جي نالي ۾ جڏهين گھڙين کي ڪلاڪ اڳتي پوئتي ڪيو ويو ته مون کي اڃا به معمول کان سويل اٿڻو پوندو هو. ٻاهر نڪرڻ وقت بلڪل اونداهي هوندي هئي. ائين ٿيندو هو ته آئون جڏهين واڪ ڪري موٽندو هوس ته ان مهل فجر جي ٻانگ ٿي رهي هوندي هئي. اها صورتحال ٿورو وقت رهي ۽ جلد ئي ان نظام کي ختم ڪيو ويو. هونئن سياري ۾ اٽڪل ساڳي صورتحال هوندي هئي. ان مهل ماڻهو ته سڀ ستل هوندا هئا جڏهين ته اصل ڊپ ڪتن جو هوندو هو. ڪتن جا ولر سڙڪن تي پيا گھمندا هئا. اهو منهنجو تجربو آهي ته جيڪڏهين ماڻهو ڊپ جو اظهار نه ڪري ته ڪتا پنهنجي ليکي ئي پيا مستيون ۽ حرڪتون ڪندا ۽ ماڻهو جو نالو نه وٺندا آهن. ساڳي ريت ڪڏهين ڪڏهين پوليس سان به منهن مقابل ٿبو هو. هڪ ڀيري آئون جيئن گھر مان نڪتس ته سامهون ميدان ۾ پوليس جي موبائل بيٺي هئي. شايد ان رات علائقي ۾ ڪا ڪاروائي ٿي هئي جنهن جي ڪري پوليس الرٽ هئي. مون کي ڏسندي انهن منهنجي منهن ۾ ٽارچ جي روشني هنئي پر آئون ڪنهن پريشاني يا ڊپ جو اظهار ڪرڻ جي بجائي پنهنجي رفتار ۽ اعتماد سان موبائل ڏانهن ئي هلندو رهيس. مون کي اها ڄاڻ هئي ته ان موقعي تي ڪنهن پريشاني جو اظهار ڪرڻ يا پوئتي موٽڻ پاڻ کي مشڪوڪ ڪرڻ هو. آئون جڏهين موبائل جي ويجھو پهتس ته هڪ سپاهي رڙ ڪري مون کي چيو ته ڇا اوهان کي ڪنهن مدد جي ضرورت آهي. مون هٿ لوڏيندي کيس جواب ڏنو ته نه اوهان جي مهرباني. اهڙي ريت هڪ ڀيرو ٻيهر به واڪ ڪندي پوليس موبائل منهنجي آڏو اچي بيٺي. پر منهنجي واڪ جي ڪپڙن ۽ ساڻن ڳالهائڻ تي انهن وڌيڪ پڇا ڳاڇا نه ڪئي. منهنجو هڪ دوست جيڪو مون کان اڳ گھران نڪرندو هو مون کي ٻڌائي پيو ته هڪ ڏينهن پارڪ ۾ سيڪيوريٽي گارڊ اچي کيس پڪڙيو. پڇا ڳاڇا کانپو پڪ ڪري ته هي ڪو مشڪوڪ ماڻهو ناهي هن کيس چيو ته گھر وارا ايڏو سويل توکي گھران ڪڍي ڇڏيندا آهن. واڪ دوران اونداهي ۾ شين جون عجيب شڪليون نظر اينديون آهن. هڪ لحاظ کان ماڻهو جا خيال ۽ تصور شين سان گڏ وچڙه ٿي پوندا آهن. ڪڏهين پريان وڻ کي ڏسي ائين لڳندو آهي ته شايد ڪو ماڻهو يا ڪتو آهي جيسين ماڻهو ان کي ويجھڙائي کان وڃي ڏسي. مون سان ڪجھه ڀيرا ائين به ٿيو آهي ته سڙڪ جي ناهموار هئڻ يا ڪو پٿر هئڻ ڪري ٿاٻو اچي ويندو آهي ۽ پو ڪجھه ڏينهن پنهنجا اهي ڦٽ پيو سيڪيندو آهيان.
واڪ جو هڪ فائدو اهو آهي ته گھڻن اڻڄاڻ ماڻهن سان سلام دعا ۽ واقفيت ٿيندي آهي.
وقت بوقت واڪ جو روٽ تبديل ڪندو رهندو آهيان. هن وقت فيز ون جو پارڪ، جيڪو منهنجي گھر کان اٽڪل ڏيڍ ڪلوميٽر جي پنڌ تي آهي، منهنجي منزل هوندو آهي. اهو هڪ وڏو پارڪ آهي. علائقي جا گھڻا ماڻهو ان مان فائدو وٺن ٿا پر مناسب سار سنڀال ۽ صفائي وغيره جي مناسب بندوبست نه هئڻ ڪري اهو هن وقت ڪنهن سٺي حالت ۾ ناهي. بهرحال في الحال واڪ جو سلسلو هتي ئي هلندڙ آهي.
(پورو ٿيو)