ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اشرافيائي سياست تي امپائر جو پاڇو

اشرافيا طبقي جي سياسي گيم ۾ “امپائر” جو ڪردار نئون ته ناهي پر انهيءَ جي” آڱر جي اشاري” جي طاقت تي فخر پي ٽي آءِ جي ڪپتان ۽ هاڻوڪي وزير اعظم عمران خان نيازي ڪيو هو. هن پنهنجي مشهور ميلائي ڌرڻي (يا عرفِ عام ڪنٽينر ڌرڻي) ۾ شريڪ ماڻهن جي مايوس ڪيفيت ۾ اقتداري اميد پيدا ڪرڻ لاءِ فخريا انداز ۾ چيو هو ته “ٿرڊ امپائر جي آڱر مٿي ٿيندي ۽ نواز شريف گھر ويندو” ڌرڻي جي طاقت ۽ گيم کي تڏهن روڪيو ويو جڏهن اي پي ايس سانحو ٿيو. خان ڀائي ڪروڌ ۽ ناپسنديده انداز ۾ چيو هو ته هنن حالتن ۾ ڌرڻو وڌيڪ نٿا هلائي سگھون پر هي به ٺيڪ طرح سان يادر کڻ گھرجي ته تڏهن اسمبليءَ جي اندر اڪثريتي پارٽيون ن ليگ جي حڪومت سان يڪجهتي جي اظهار ۾ گڏ هيون. ڇو ته کين امپائر جي آڱر کڻڻ جو خوف هو پر ڪجھه وقت کان پوءِ وري پاناما اسڪينڊل آيو، نواز شريف کي مالي ڪرپشن جي بجاءِ اقاما الزام ۾ صادق ۽ امين نه هجڻ جو داغ لڳو هو، سڄي عمر لاءِ چونڊ عمل کان نااهل ٿي ويو، تڏهن هن پنهنجا چپ چوريندي چيو ته “منهنجي خلاف خلائي مخلوق حرڪت ۾ اچي وئي آهي “پر جيئن ته سندس پارٽي جي حڪومت هئي جو هن خاقان عباسيءَ کي وزير اعظم چونڊرايو هو، هلڪي ڦلڪي تحرڪ ۾ اچڻ کان سواءِ نواز شريف ڪا وڏي تحريڪ يا احتجاج نه ڪيا پر هن چيو ته هاڻي مان انقلابي ٿي چڪو آهيان.
پاڻ وڌيڪ ورجاءَ ۾ نٿا وڃون، پر امپائر جي ڪردار ۽ سياست تي ان جو پاڇو وڌيڪ بحث ۾ اچڻ لڳو. پي ٽي آءِ جي ڪپتان امپائر جي طاقت جي پوائنٽ اسڪورنگ ڪندي وڏي فخر سان 2018 جي اليڪشن جي تياريءَ جي جوڙتوڙ ڪرڻ شروع ڪئي ۽ ڪيترن جي ڳچين ۾ پي ٽي آءِ جو جھنڊو لڙڪڻ لڳو هو. کلئي طريقي سان اهوئي چئي رهيو هو ته ايندڙ اليڪشن ۾ سندس پارٽيءَ جي حڪومت يعني هن جي حڪومت جڙندي. اليڪشن کان پوءِ آيل نتيجن سڀني کي پريشان ڪيو انهيءَ جي پريشاني جو اثر ڪپتان جي چهري ته به نظر اچڻ لڳو، ڇو ته کيس پارليامينٽ ۾ سادي اڪثريت به نه ملي هئي، تڏهن بظاهر جھانگير ترين جو جهاز تحرڪ ۾ آيو، خبر ناهي ته انهيءَ ۾ بريف ڪيس هيو به يا نه پر امپائر جو پاڇو انهيءَ جوڙتوڙ ۾ وڌندي نظر آيو. پي ٽي آءِ جي حڪومت ٺهي ۽ پوءِ ڪپتان جو هڪ ٻيو بيانيو اچڻ لڳو ته هاڻي هو ۽ اسٽيبلشمينٽ هڪڙي پيج تي آهن. ان جو ورجاءُ ايترو ڪيو جو اسٽيبلشمينٽ جا تجزيي نگار ٽي وي پروگرامن ۾ پريشان نظر آيا ۽ هنن ڪيترن ئي پروگرامن ۾ چيو ته “وزير اعظم کي اهڙن بيانن کان احتياط ڪرڻ گھرجي ڇو ته اسٽيبلشمينٽ انتظامي بنيادن تي ته حڪومت سان گڏ هوندي آهي پر سياسي عمل ۾ اها نيوٽرل هوندي آهي.”
پر خان ڀائي جي زبان تي جيڪي جملا رٽجي چڪا هوندا آهن، انهن جو ورجاءُ ٿيندو ئي رهندو آهي ۽ هو ورجاءُ ڪندو رهيو. تڏهن حڪومت جي گودڙي مان هڪ ٻيو ڪردار تحرڪ ۾ ايندي اڳتي وڌيو ڇو ته اشرافيا سياست جو هڪ ٻيو ڌڙو جنهن کي پاڻ اپوزيشن سڏيون ٿا ان پنهنجي اقتدار ۽ بقا جي جنگ ۾ پي ڊي ايم جوڙيو ۽ ان پي ڊي ايم کي منهن ڏيڻ جي لاءِ انهيءَ ڪردار يعني شيخ رشيد کي وزيرِ داخلا ڪيو ويو، تڏهن شيخ رشيد وڏي فخريا انداز ۾ هي بيان ڏيڻ شروع ڪيا ته “اسٽيبلشمينٽ جو هٿ يعني طاقتور اداري جو هٿ عمران خان جي پٺيءَ تي آهي جيستائين اهو هٿ پٺيءَ تي رهندو ته خان صاحب کي نه لهر نه لوڏو ايندو.”
نواز شريف پنهنجي بيماريءَ کان پوءِ جڏهن ٻاهر ويو ته هن پنهنجي تعلقات جون ٽٽل تندون وري جوڙيون ۽ امپائر جو پاڇو خان ڀائي جي حڪومت کان وڌندي اپوزيشن جي طرف وڌڻ لڳو تڏهن نومبر مهيني جا تضاد وڌيا وڌندڙ ويڇن ڪجهھ پاسن کي ناراض ڪيو، اپوزيشن غنيمت سمجھندي پنهنجي تنقيد جو مرڪز صرف هڪ ڪردار کي بڻايو. خلائي مخلوق جو اصطلاح هاڻي ماضيءَ جو داستان بڻجي ويو ۽ پورو ڪروڌ ن ليگ جو ان ڪردار تي فوڪس ٿيو، تڏهن اهي واضح اشاره اچڻ شروع ٿيا ته هاڻي رساما گھٽجن پيا ۽ رٺل پاسا وڌڻ لڳا آهن پي ڊي ايم جي جلسن جيڪو به تحرڪ پيدا ڪيو انهيءَ ۾ ڪمزوري پ پ پ جي جدا ٿيڻ سان ٿي ڇو ته استعيفائن جو بحث ۽ فيصلو زرداري صاحب کي قبول نه هو، هو الڳ ٿيو پر ڪجهھ عرصي کان پوءِ وري پي ڊي ايم جي ويجهو ايندي گڏيل اپوزيشن جي وک سياست جي ميدان ۾ وڌڻ لڳي ن ليگ ۽ پي ڊي ايم عدم اعتماد جي نقطي رڳو هٿ نه وڌايو پر هڪ ٻئي جي ڀاڪرن ۾ پئجي چڪا آهن.
هاڻي بظاهر عدم اعتماد جو پلڙو ڪجهھ ڀاري ٿيندي نظر پيو اچي. مولانا فضل الرحمٰن پنهنجي مخصوص دل ڪش مرڪ سان باربار اهو پيو چئي ته هاڻي امپائر نيوٽرل آهي پر هو اهو نٿو چئي ته هڪ ٻيو پيج ورائجي چڪو آهي هو نيوٽرل هجڻ جي ڳالهھ ته ڪري ٿو پر اڻ سڌيءَ طرح سان هاڻي امپائر جو پاڇو مخالف ڌر تي ڇانورو بڻجي سندن مٿان ڇپر ۽ ڇانو ٿيندي محسوس پيو ٿئي تڏهن ق ليگ جي چوڌري پرويز الاهي صحافين کي جواب ڏيندي عدم اعتماد لاءِ چيو ته “بي اعتمادي جي ايڏي وڏي ديڳ چڙهيل آهي ڪجهھ ته نڪرندو” هن وزير اعظم سان ملاقات جي دوران اها به وضاحت ڪئي ته سندس بي اعتماديءَ واري رٿ تي ڪا به ڳالھه نه ٿي هئي. ق ليگ ڪهڙي طاقت جو مائوٿ پيس آهي، انهيءَ کي پاڻ ٺيڪ طرح سان سمجھي سگھون ٿا، اهي تمام علامتون ۽ اشارا ۽ گڏيل مخالف ڌر جو تحرڪ اعتماد ۽ انهيءَ کان وڌيڪ لانگ مارچ جيڪو پ پ پ جو شروع ٿي چڪو آهي ۽ جنهن اعتماد سان پ پ پ جو چيئرمين بلاول حڪومت کي استعيفائون جون ڌمڪيون پيو ڏي ٻئي طرف ن ليگ جا جذباتي ۽ سنجيده ڪردار تمام پر اعتماد بيان ڏئي رهيا آهن ته انهن جو اسٽيبلشمينٽ سان ٺاجهھ جي ڪيفيت کي محسوس ڪندي مولانا کان سوال ڪيو ويو ته اندروني ٺاھه ٿي چڪو آهي ته مولانا اهوئي ورجاءُ ڪندي چيو ته “پ پ پ ۽ ن ليگ جي اسٽيبلشمينٽ سان ڊيل جي مون کي خبر ناهي پر امپائر نيوٽرل آهي.”
هي پورو منظر نامو نظر پيو اچي ۽ انهي سڄي سياسي ڪيفيتن کي پاڻ جيترو محسوس ڪري رهيا آهيون ته پوري سياست جو محور رسامن ۽ پرچڻ کان پوءِ ڦري گھري انهيءَ پاڇي جي هيٺان بيهي ٿو جنهن جي خلاف نواز شريف وڏيون دانهون ڪندو رهيو آهي پاڻ ڪيتري ئي عرصي کان انهيءَ ئي نقطي تي بحث ڪندا رهيا آهيون ته هتي هن ملڪ ۾ جمهوريت جو الميو اهو آهي ته پوري سياست اشرافيا طبقي جي گرفت ۾ آهي ۽ اشرافيا طبقو پنهنجي اقتداري مفادن کان ٻاهر ڪڏهن به نٿو سوچي ۽ هو پنهنجي پوري سياست جو هڪ شعوري ڪمزور پهلو رکندو ٿو اچي ۽ ان ڪمزور پهلوءَ جو نالو آهي اسٽيبلشمينٽ جو دٻاءُ يعني جڏهن اشرافيا سياست ڪجھه عوام لاءِ نٿي ڪري ته هو هي بيانيو ڏيڻ شروع ڪندي آهي ته هو آزاد فيصلا ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهي ڇو ته حڪومت ۽ سياست تي اسٽيبلشمينٽ جو دٻاءُ آهي سڀاڻي جڏهن عمران خان نيازي اقتدار کان ٻاهر ايندو ته هو به اهوئي چوندو ته مون کي اقتدار کان ٻاهر ڪڍيو ويو آهي مافيائن جي گڏيل اتحاد منهنجي صفن ۾ ڏار وڌا هو پنهنجي پوري ڪمزوري يا نااهليت کي ٻين جي پاسي ڌڪي ڇڏيندو. ممڪن آهي ته هڪ دفعو وري هو اسٽيبلشمينٽ تي اهائي تنقيد ڪري، جيڪا هن ماضيءَ ۾ ڪئي هئي ڇو ته سياسي جياپي جي لاءِ ڪجھه بااصول ۽ باڪردار ٿيڻ ضروري آهي ۽ انهيءَ جي لاءِ پوري تنقيد مخالف ڌر ۽ اسٽيبلشمينٽ تي ڪرڻ تمام گھڻي آسان آهي پنهنجي نااهليت ۽ گناهن کي اشرافيا طبقو هر وقت ڪمزورين جي چادر ۾ لڪائيندي سياسي اسٽيٽسڪو کي ساڳئي انداز ۾ رکڻ چاهيندو، پوري اشرافيا سياست ڪڏهن به پاڻ کي انهيءَ پاڇي کان ٻاهر ڪڍڻ جي لاءِ تيار ناهي جنهن جو نالو هاڻي علامتي انداز سان ” امپائر” چيو وڃي ٿو ها اها دانهن ڪوڪ تڏهن وڌندي آهي جڏهن امپائر جو پاڇو هٽندو آهي تڏهن دانهون ڪري ۽ هڪ ٻئي کي ڌڪي پاڻ کي پاڇي جي ڇانو ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪندا آهن هن وقت سڀ ڪجھه جيڪو ٿئي پيو، اهو اهوئي پيو ٿئي حالتن جو عذاب عوام جي پيڙا ۽ مهانگائي جو راڪاس انهيءَ ئي وحشيت ۽ بربريت سان رهندو اشرافيا سياست جون موجون ساڳيون رهنديون. ڪيترائي ڪردار هڪ ڇٽيءَ کان نڪري ٻي جي هيٺيان ايندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button