ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پشاور ۾ ٿيل دهشتگرديءَ جو واقعو

ملڪ ۾ دهشتگرديءَ جي واقعن ۾ ڪجهه وقت تائين ٺاپر ايندي آهي پر وري اهي وڌيڪ شدت سان شروع ٿي ويندا آهن. پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جي واقعن ۾ ٻاهريون هٿ ملوث هجڻ وارو بيان هر دور جو گهرو وزير ڏيندو رهندو آهي. هن ڀيري گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته هي واقعو پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي سازش آهي. مڃيون ٿا ته پرڏيهي قوتون ملڪ کي غيرمستحڪم ڪرڻ جي پويان لڳل هونديون ۽ ان امڪان کي رد به نٿو ڪري سگهجي پر ڇا رڳو اهو بيان ڏيڻ سان دهشتگرديءَ جو مسئلو حل ٿي سگهي ٿو. ملڪ هڪٻئي خلاف سازشون ڪندا آهن پر هاڻوڪي حڪومت ۽ ملڪ جي سيڪيورٽي ادارن کي گهٽ ۾ گهٽ اهو ته ياد رکڻ گهرجي ته سندن وقتائتن اپائن نه وٺڻ جي ڪري نه رڳو ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي ويندي آهي پر ان سان گڏ ڪئين مسئلا پڻ پيدا ٿيندا آهن. جڏهن گهرو وزير کي اهو اندازو آهي ته پرڏيهي قوتون ملڪ جي امن امان لاءِ خطرو آهن ۽ اهي ڪنهن به قيمت تي ملڪ ۾ دهشتگرديءَ جو واقعو ڪرائي سگهن ٿيون ته پوءِ ان لاءِ اڳواٽ حفاظتي اپاءَ وٺڻ لازمي آهن. پشاور ۾ مسجد اندر ڪو هي پهريون واقعو ڪونه ٿيو آهي بلڪه اتي ان کان اڳ به مسجدن ۾ ڌماڪا ٿيندا رهيا آهن ۽ ان حوالي سان پشاور هڪ حساس شهر آهي. تنهنڪري اتي وڌيڪ سيڪيورٽي يا وري حفاظتي اپاءَ وٺڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ماڻهن جو تحفظ ٿي سگهي. ڪالهه جيڪو واقعو پيش آيو آهي، اهو نه فقط دل ڏاريندڙ آهي بلڪه مذمت جوڳو به آهي.
خبر موجب پشاور جي قصا خواني بازار جي مسجد ۾ ڌماڪو ٿيو آھي، ڌماڪي جي نتيجي ۾ 30 کان وڌيڪ نمازي شھيد ٿي ويا آھن ۽ 50 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آھن. ٻڌايو پيو وڃي تھ پشاور جي قصه خواني بازار جي جامع مسجد اندر ۾ ڌماڪو ٿيو آھي، 56 کان وڌيڪ ماڻھو شھيد ٿي ويا آھن، ڪيترائي ماڻھو زخمي ٿي پيا آھن، اڄ جمعي جو ڏھاڙو آھي، جمعي جي نماز لاءِ بھ ماڻھو وڏي انگ ۾ مسجد ۾ موجود ھئا. ريسڪيو ذريعن موجب پشاور جي ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي، زخمين کي منتقل ڪيو پيو وڃي،ڌماڪو قصه خواني بازار جي جامع مسجد ۾ ٿيو، ڌماڪي کان پوءِ پوليس ۽ سڪيورٽي ادارن جي اهلڪارن علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آھي. ايس پي سٽي جو چوڻ آھي تھ ڌماڪو قصه خواني بازارجي جامع مسجد ۾ ٿيو، ڌماڪي کان پوءِ پوليس ۽ سڪيورٽي ادارن جي اهلڪارن علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، اکين ڏٺن شاھدن موجب مسجد ۾ ڌماڪو جمعي نماز دوران ٿيو. ڪاري رنگ جا ڪپڙا پهريل آپگهاتي بمبار پوليس تي فائرنگ ڪرڻ کان پوءِ تيزيءَ سان مسجد اندر داخل ٿي ويو هو. فائرنگ ۽ ڌماڪي کان پوءِ مسجد ۾ هر پاسي انساني عضوا نظر اچي رهيا هئا. پشاور ۾ ڌماڪي جي اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته دهشتگرد سوڙهين گهٽين کان مسجد تائين پهتا هئا، دهشتگردن نمازين تي به فائرنگ ڪئي هئي. بم ڊسپوزل اسڪواڊ طرفان ڌماڪي واري جاءِ جو معائنو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم عمران خان ڌماڪي جي مذمت ڪندي آءِ جي ڪي پي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي. ڪي پي جي وڏي وزير ۽ اپوزيشن جي اڳواڻن پاران پشاور ڌماڪي جي مذمت پڻ ڪئي وئي آھي.
اسين سمجهون ٿا ته هن قسم جي دهشتگرديءَ جا واقعا شهرين کي عدم تحفظ جو احساس ڏيارين ٿا ۽ عالمي سطح تي ملڪي ساک به سخت متاثر ٿئي ٿي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته دهشتگرديءَ کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ هر سطح تي اپاءَ ورتا وڃن ۽ دهشتگرديءَ جو مطلب هر سطح جي دهشتگردي سمجهيو وڃي. ڇاڪاڻ ته پاڪستان جهڙو ملڪ اڳ ئي دهشتگردي سبب هزارين انساني جانيون وڃائي چڪو آهي ۽ هاڻ ان جي وڌيڪ گنجائش ناهي. هي ملڪ نه ته هاڻ دهشتگرديءَ جي سٽ سهي سگهي ٿو ۽ نه ئي انساني جانين جو نقصان برداشت ڪري سگهي ٿو. تنهنڪري هن واقعي جي تڪڙي جاچ ٿيڻ گهرجي. جيڪي به عنصر پشاور واقعي ۾ ملوث آهن، انهن خلاف هر فورم تي ڪارروائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته جيئن ايندڙ وقت ۾ اهڙن واقعن کان بچي سگهجي ۽ ماڻهو بنا ڪنهن ڊپ جي رهي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button