ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

دهشتگرديءَ جا پاپي پاڇا

Editorial-Article- Umer Qazi

ملڪ جي ميڊيا ته هونءَ ئي سخت چمڙيءَ جي مالڪ رهي آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن اهو خيال به ايندو آهي ته جنهن صورتحال مان اسان جو ملڪ گذرندو رهيو آهي، ان ۾ جيڪڏهن احساس به هجي ته انسان جي لاءِ ساهه کڻڻ مشڪل ٿي وڃي. هونءَ به ميڊيا هڪ پروفيشل ادارو هوندو آهي ۽ ان جو ڪم اسان کي وڌ کان وڌ معلومات ڏيڻ هوندو آهي پر جڏهن کان وٺي اسان جي ملڪ ۾ سوشل ميڊيا جو طوفان اٿيو آهي، تڏهن کان وٺي اهو محسوس ٿيڻ شروع ٿيو ته احساس جو جيڪو پاسو پروفيشنل ميڊيا ۾ گهٽ نظر ايندو هو، ان کي سوشل ميڊيا پنهنجي توازن ۾ آڻيندي پر ان سلسلي ۾ به سوال پيدا ٿيندو رهي ٿو ته هاڻي سوشل ميڊيا به چشم پوشي ڪرڻ جي ماهر ٿي وئي آهي ۽ ان جو سڀ سگهارو احساس ان مهل ٿيو، جڏهن گذريل ڏينهن پشاور جي مسجد ۾ آپگهاتي حملي سبب 57 انسان اجل جو شڪار ٿي ويا ۽ تمام گهڻا ماڻهو زخمي ٿي اسپتال ڀيڙا ٿيا. جيڪڏهن اسان جي ملڪ ۾ احساس هجي ها ته ان واقعي کان پوءِ هر طرف سوڳ جو عالم ڇائنجي وڃي ها پر اهڙو ڪجهه نه ٿيو.
ملڪ ۾ هلندڙ سياسي سرگرميون ان واقعي سبب تر جيترو به متاثر نه ٿيون ۽ هر پارٽي ۽ هر فرد پنهنجي پنهنجي ڪرت سان لڳو رهيو ۽ ائين محسوس ٿي رهيو هو ته ڄڻ پشاور واقعي جي حصي ۾ تمام ٿورو احساس آيو هجي. پيپلز پارٽيءَ جي سلسلي ۾ سوشل ميڊيا ڀري رهي. پيپلز پارٽيءَ جي مارچ دوران جيڪو اڻ وڻندڙ واقعو پيش آيو ۽ جنهن سبب هڪ ڊرون ڪئميرا آصفه جي اک ڀرسان لڳي ۽ ان سبب ويچاري نياڻيءَ کي چڱو خاصو رهڙو آيو پر ان واقعي کي جهڙي طرح سياسي طور تي ڪيش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اها ان مهل افسوس لائق لڳڻ لڳي، جڏهن ان تي پيدا ڪرايل سياسي احساس جي ليول پشاور واري واقعي کان به وڌيڪ بڻائي پيش ڪئي وئي. اهو هڪ افسوسناڪ عمل هو ۽ اسان کي ان باري ۾ به سوچڻ گهرجي ته سياست پنهنجي جاءِ تي آهي ۽ انسانن جو احساس الڳ آهي. اسان کي انساني احساس سياست مٿان قربان نه ڪرڻ کپن. ڇو ته ان عمل سان اسان ان توازن کي ختم ڪرڻ جا باعث ٿا بڻجون، جنهن توازن کي قائم رکڻ جي ڪوشش ڪندي اسان کي هڪ بهتر معاشري جي تعمير جو ڪم ممڪن بڻائڻو آهي.
پاڪستان پنهنجن ڪيترن ئي پاسن جي سلسلي ۾ هڪ بهتر ملڪ آهي پر جڏهن کان وٺي هن ملڪ جي مٿان دهشتگرديءَ جو پاڇو پيو آهي، تڏهن کان وٺي هن ملڪ جي سموري اهميت به ختم ٿي وئي آهي ۽ ان ملڪ ۾ موجود انسانن جي زندگين جي قيمت به گهٽجي وئي آهي. اهو هڪ سچ آهي ۽ ان کان انڪار ڪرڻ ڪنهن به طور تي آسان ناهي ته دهشتگردي هر جاءِ تي آهي ۽ هر ملڪ جي مٿان ان جا پاپي پاڇا پيا آهن. اوهان کي دنيا ۾ اهڙو ملڪ مشڪل ملندوو جنهن ملڪ جي مٿان دهشتگرديءَ جي ديو پنهنجا خوني چنبا نه کوڙيا هجن پر اها به حقيقت آهي ته انهن ملڪن دهشتگرديءَ سبب سور ته سٺا پر ان مان سکي ان مان پنهنجي جان آجي ڪرائڻ جي واٽ به ڪڍي ويا پر اسان جي ملڪ ۾ هن مهل تائين دهشتگردي جو خاتمو نه ٿيو آهي. جڏهن ته دهشتگرديءَ کي هن ملڪ جي مٿان حملا آور ٿيندي تمام گهڻا سال گذري ويا آهن پر دهشتگرديءَ جو دور هن مهل به جاري آهي. ان ڪري دهشتگرديءَ جي حوالي سان ذميوار ادارن جي مٿان تنقيد جائز محسوس ٿئي ٿي ته ڇو ته انهن جو ڪم آهي ته هو دهشتگرديءَ جا رستا روڪين پر افسوس ته خيبر پختون خوا کان وٺي بلوچستان تائين هر هنڌ تي دهشتگرديءَ جي باهه بدستور ٻري رهي آهي ۽ هن وقت تائين ان مان نجات جو ڪوئي به رستو نه نڪتو آهي. جيڪڏهن اهو معاملو ائين ئي هلندو رهيو ته هن ملڪ جو ڇا ٿيندو؟
پشاور واري واقعي جي سلسلي ۾ جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ جي لانگ مارچ واري سياست تي هلڪي تنقيد ڪئي وئي ته ان جو مطلب اهو نه هجڻ گهرجي ته سرڪار ان کان آجي آهي. اصل تنقيد ته سرڪار جي مٿان ٿيڻ گهرجي ۽ آهي به! ڇو ته خيبر پختون خوا ۾ تمام گهڻي وقت کان وٺي تحريڪ انصاف جي حڪومت آهي ۽ هن وقت تحريڪ انصاف کي وفاقي سطح تي اقتدار ۾ آئي ته گهڻو وقت گذري ويو آهي. ان ڪري هاڻي ته ڪنهن به طرح سان حڪومت جي مٿان ڪک رکڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي ۽ ملڪ جو گهرو وزير شيخ رشيد جنهن کي پنهنجي سياسي ڪيريئر تي تمام گهڻو ناز رهندو آهي ته هو تمام گهڻي وقت کان وٺي حڪومتن جو حصو رهيو آهي ته هن جي اچڻ سبب ملڪ ۾ جاري دهشتگرديءَ جي مٿان ڪو به محسوس ڪرڻ جهڙو اثر ڇو نه پيو آهي؟ جهڙي طرح دهشتگرديءَ جا حملا پهريان هوندا هئا، اهڙا حملا هن مهل به آهن ۽ هن مهل به ملڪ جي مٿان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو افسوس کان به اڳتي آهي. اها به تمام تلخ حقيقت آهي ته ملڪ جي مٿان جڏهن به دهشتگرديءَ وارا وار ٿين ٿا، تڏهن اسان جي حڪمرانن جو اهڙو اسٽائيل نظر ايندو آهي ته ڄڻ اهي حملا اسان جي ملڪ ۾ نه پر ڪنهن ٻي ملڪ ۾ ٿيندا هجن! جڏهن به دنيا ۾ جتي به ڪو پرتشدد واقعو پيش ايندو آهي ته رسمي طور تي عالمي برادري ان تي پنهنجي پاران افسوس جو اظهار ڪندي آهي ۽ پشاور واقعي تي به ٻين ملڪن جي پاران افسوس جو اظهار ٿيو آهي ۽ جڏهن ٻين ملڪن ۾ به اهڙي قسم جا واقعا ٿيندا آهن ته پاڪستان پاران به افسوس جو اظهار ڪيو ويندو آهي ۽ هن ڀيري به اهو ئي ڪجهه ٿي رهيو آهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته اسان جي سرڪاري پاليسي به هاڻي صرف روايت طور تي افسوس جو اظهار ڪرڻ واري حد تائين محدود آهي ۽ ان ۾ به اهو ڪجهه پيدا ٿي نه سگهيو آهي، جيڪو اڳتي اچي ۽ پنهنجي هجڻ جو ثبوت پيش ڪندي اهو ڪجهه ڪري جنهن سان ملڪ جي مٿان پيل مصيبت جو مقدار ڪجهه گهٽ ٿئي.
پاڪستان جي لاءِ اها وڏي للڪار رهي آهي ته هو گهڻي وقت کان وٺي بدترين دهشتگرديءَ جو شڪار رهيو آهي ۽ اها به حقيقت آهي ته ايترو سارو سور سهڻ جي باوجود به عالمي سطح تي ۽ خاص طور تي آمريڪا پاران پاڪستان جي مٿان تنقيد ٿيندي رهي آهي ته هو دهشتگرديءَ جي خاتمي جي سلسلي ۾ سنجيده ناهي. جيڪڏهن آمريڪا جي تنقيد اسان جهڙي هجي ته پوءِ ٻي ڳالهه آهي پر آمريڪا جي تنقيد جا اشارا ڪجهه الڳ آهن، ان ڪري ان جي باري ۾ اسان جو خيال تمام الڳ آهي ۽ اسان ڪنهن به طور تي اهو برداشت ڪري نه ٿا سگهون ته پاڪستان جي زخمن جو علاج ڪرڻ بدران هن جي ڦٽن مٿان لوڻ ٻرڪيو وڃي پر پاڪستان جي رياست ۽ سرڪار کي ان باري ۾ پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجين پاليسين جي جوڙجڪ اهڙي ڪرڻ گهرجي ۽ جنهن ۾ هڪ ملڪ جو غصو به محسوس ٿئي پر اسان جو ملڪ به ڄڻ اهڙي تنقيد جو عادي بڻجي ويو آهي ۽ جڏهن به آمريڪا پاران هن کان ”ڊومور“ جو مطالبو ڪيو ويندو آهي ته پاڪستان احتجاج بدران افسوس جو اظهار ڪندو نظر ايندو آهي. جڏهن ته پاڪستان کي معلوم هجڻ گهرجي ته افسوس جو اظهار ڪمزوريءَ جي علامت هوندي آهي. طاقتور سدائين احتجاج ڪندا آهن ۽ احتجاج کان به اڳتي وڌي اهڙو قدم کڻندا آهن، جنهن جو ڪو نه ڪو نتيجو نڪرندو آهي پر پاڪستان جي سلسلي ۾ ان قسم جو ردعمل ڪڏهن به نظر نه آيو آهي. پاڪستان دهشتگرديءَ جي حوالي سان دنيا جو سڀ کان وڌيڪ مظلوم ملڪ رهيو آهي پر ڀارت ۽ آمريڪا پاران پاڪستان جي مٿان ئي دهشتگرديءَ جا الزام لڳندا رهيا آهن. جيڪڏهن ڀارت اهڙا الزام هڻي ٿو ته هن جي اها روش سمجهه ۾ به اچي ٿي. ڇو ته هو فطري طور تي پاڪستان جو مخالف ملڪ آهي پر حيرت اها آهي ته آمريڪا هن مهل تائين جيڪو ڪجهه به ڪيو آهي، ڇا اهو ڪجهه آمريڪا کي ڪرڻ گهرجي؟ جڏهن ته پاڪستان هن مهل جيتري به دهشتگرديءَ جي قيمت ادا ڪري چڪو آهي، ان ۾ آمريڪا جو اصل ڪردار رهندو آيو آهي پر محسوس اهو ٿي رهيو آهي ته اسان عادي ٿي ويا آهيون، آمريڪي تنقيد جا به دهشتگرديءَ جا به!!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button