ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ھيءَ پنھنجي ڪرڻي ڀرڻي آ

Editorial-Article- Dastgir Bhatti

اڄ اسان ھي پنھنجو ئي ڪيتو لوڙي رهيا آهيون جو شدت پسند دھشتگرد ھڪڙي زوردار ڌماڪي سان سٺ کان وڌيڪ معصوم انسانن کي رت جي درياهه ۾ ٻوڙي فنا ڪري ڇڏيو ۽ سوين ماڻهو ڦٽجي رتورت ٿي، اسپتالن ۾ داخل ٿيا آهن.
ھي دھشتگرد قاتل اسان جي ئي ليڊرن جا پاليل تاتيل آهن. مون پاڪستان جي ڇاھتر سالن جي تاريخ جو خميس واري آرٽيڪل ۾ تت لکيو ھو جنھن ۾ ھڪ وڏو تاريخي واقعو لکي نه سگهيو آهيان. ھن دھشتگردي جو بنياد به جنرل ايوب خان جي مارشل لا دور ۾ پيو ۽ جنرل ضياءَ جي آمريت ۾ وڌي اھڙو وڻ ٿيو جنھن ۾ ڪنڊا نه پر بم پوکيا ويا هئا. ايوب خان حڪومت ۾ آمريڪي سي آئي اي پشاور ڀرسان افغانستان جي سرحد تي بڊابير علائقي ۾ پنهنجا ھوائي اڏا قائم ڪرڻ لاءِ پاڪستان سرڪار کان زمين گھري جنهن تي جنرل ته راضي ٿي ويو ھو. پر جيئن ته ان زماني ۾ ملڪ جي ٻنهي حصن (اولهھ ۽ اوڀر پاڪستان) ۾ نيشنل عوامي پارٽي (نعپ) کاٻي ڌر جي ھڪڙي مضبوط جماعت ھئي، ان جي طرفان سخت مزاحمت ڪرڻ تي جنرل پوئتي ھٽي ويا هئا. ان کان پوءِ آمريڪي جاسوسي اداري سي آئي اي سڌو سنئون افغانستان تي قبضو ڪري، سوويت يونين کي ڏکڻ ايشيا جي گرم سمونڊ تائين رسائي حاصل ڪرڻ کان روڪڻ جي سازش سٽي. سوويت يونين جي قيادت ان سازش کي ٻنجو ڏيڻ خاطر ڊسمبر 1979 ڌاري افغانستان تي ڪاھه ڪئي ۽ اتي بادشاهت ختم ڪري، ڪامريڊ نور محمد تراڪي جي سربراهي ۾ عوامي راڄ جو بنياد رکيو. پاڪستان تي ان زماني ۾ جنرل ضياءَ الحق جي فوجي ڊڪٽيٽر شپ واري حڪومت مڙھيل ھئي جنهن کي آمريڪا جي مڪمل پٺڀرائي حاصل ھئي.
جيئن ته سوويت يونين جي افغانستان تي قبضي جي ڪري آمريڪا روس جي ھن پاڙيسري ملڪ تي قبضو ڄمائڻ ۾ ناڪام ٿي ويو تنھن ڪري بدلو وٺڻ خاطر سوويت فوجن سان جنگ ڪرڻ لاءِ پشاور کان ملتان تائين مدرسن ۾ پڙهندڙ ڪچڙن ذھنن وارن ٻارن کي جنت جا خواب ڏيکاري پاڪستاني سرحدن تي وانا ۽ وزيرستان ۾ تربيتي مرڪز قائم ڪيا. ٻارن کي مجاهدين جو لقب ڏنائون ڇاڪاڻ ته اھي مذهب دشمن سوويت يونين جي لامذھب ڪميونسٽ فوجن سان جنگ جوٽي رهيا هئا. جن مدرسن ۾ اھي ٻارڙا پڙهندا هئا تن ۾ نه رڳو ڪميونسٽ روسي فوجن پر تراڪي جي ڪميونسٽ حڪومت کي لا مذھب ھجڻ جو درس ڏنو ويندو هو پر گڏوگڏ ايران ۾ تازو قائم ٿيل آيت الله خميني جي شيعه حڪومت ۽ سمورن شيعن کي به “ڪافر” چوڻ سيکاريندا هئا. مطلب ته سوويت يونين ۽ ايران جي حڪمران مذهبي جماعت کي مذهب دشمن قرار ڏنو ويو.
امريڪي سي آئي اي جي اربين ڊالرن عيوض پاڪستان ۾ نوان نوان کٿابي ڇوڪرا سوويت يونين خلاف ھٿياربند جنگ لاءِ ڀرتي ڪري، روسي فوجين تي جديد امريڪي اسٽنگر ميزائيلن سان موتمار حملا ڪندا ھئا ۽ ڪلھوڪي پشاور جامعہ مسجد شيعه تي ڪيل ھڪڙي نئين ڪربلا وانگر، رڳو جنت ۾ وڃڻ خاطر پنهنجي جسم کي بارود جي ڍير سان ويڙهي الله سائينءَ جي حضور ۾ سجدو ڪندڙ مسلمانن جي صفن ۾ گھڙي ڪوس ڪندا رهيا، سو به سالن جا سال! جنرل ضياءَ پنهنجي مڇن کي وٽ ڏيئي آمريڪا طرفان سوکڙيءَ طور اماڻيل ھڪ ارب ڊالرن جو مذاق اڏائيندي، ان زماني جي سڀ کان وڏي سپر پاور آمريڪا کي مھڻو ڏيندو هو ته، “These are peanuts.” ترجمو: ھي ته مڱ ڦريون پيا موڪليو!
پاڪستان جھڙي آمريڪي ۽ يورپي قرضن ۽ ھٿيارن تي جيئندڙ ملڪ جي پاور فل ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ جي انھن طعنن جو جواب آمريڪي سي آئي اي وارن 17 آگسٽ 1988 تي ڏنو جڏهن جنرل ضياءَ جو ڊپٽي جنرل ۽ سڀ کان وڏي اعتماد وارو ساٿي جنرل اسلم بيگ بھاولپور جي ھوائي اڏي تان ضيا جي منٿن باوجود ان فوجي جھاز سي ون 30 ۾ نه چڙهيو جنهن ۾ انبن جون ڪاٺ واريون پيتيون سوکڙيءَ طور رکايون ويون هيون.
جنرل ضياءَ جي ھوائي جھاز جو بستي لال ڪمال ۾ ڇو ۽ ڪيئن موتمار حادثو ٿيو، ان جي جانچ آمريڪي حڪومت پاڻ به سچائيءَ سان نه ڪرائي. سچائيءَ سان تحقيقات ڪرائڻ ان ڪري به لازمي ھو جو ساڳئي سفر ۾ آمريڪا جو سفير آرنلڊ رافيل پڻ سوار ھو جنھن جا ته ڏند به ڪونه لڀجي سگهيا. ان زماني ۾ اھا ڳالهھ عام ٿي ويئي ته جنرل ضياءَ ۽ سندس ساٿين جا جسم سڙي خاڪ ٿي ويا هئا. رڳو ضيا الحق جا نقلي ڏند (ٻٽيھي) لڌي ھئي جيڪا ھن جرمنيءَ مان ھڪ وڏي ڊينٽسٽ کان لڳرائي ھئي.
ان حادثي کان فقط اڍائي مھينا پھرين جنرل ضياءَ پنهنجي Hand picked وزير اعظم محمد خان جوڻيجي کي 29 مئي 1988 تي سندس عھدي تان ھٽائي، نئين سر عام چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو هو. ضياءُ الحق ۽ سندس ساٿاري جنرل اختر جي موت سبب پاڪستان ۾ سڀ کان سگهارا ٽي تمام وڏا حڪومت جا عھدا خالي ٿيا ھئا. ٻه عھدا جنرل ضياءَ جا، يعني ملڪ جو صدر ۽ آرمي چيف. انھن مان صدر جي جا تڏهوڪي چيئرمين سينيٽ مرحوم غلام اسحاق خان والاري ۽ صدر ٿيڻ شرط جنرل اسلم بيگ کي چيف آف آرمي اسٽاف ۽ جنرل حميد گُل کي وڏي حساس اداري جو چيف مقرر ڪيائين. سوويت يونين خلاف ھٿياربند طالبان جا جٿا ٺاهڻ ۽ کين تربيت ڏيڻ جو اصل ڪم جنرل حميد گل ڪندو هو جنهن ان زماني ۾ بينظير ڀٽو جي سدائين مخالفت ڪئي. ھن جي اشاري تي ئي مولانا فضل الرحمان 1988 وارين عام چونڊن کان پوءِ اھو موقف اختيار ڪيو ته اسلامي ملڪ ۾ ڪابه عورت حڪومت جي سربراهه نه ٿي سگهندي آهي. شرعي طور تي سربراهي ڪرڻ جو ذمو رڳو مردن کي ئي مليل آهي.
جنرل حميد گل ان زماني کان ئي عمران خان جي ڪرڪيٽ واري عالمي مقبوليت کي نظر ۾ رکندي، کيس سياست ۾ اڳڀرو ڪرڻ جي باقاعدي شروعات ڪئي. اڄ به عمران خان جي طالبان سان ھمدردي عالم آشڪار آهي. ھن روس جو تازو دورو به طالبان لاءِ حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيو. ڏکڻ ايشيا، مرڪزي ايشيا، روس ۽ چين جاگرافي ۾ ايئن جڙيل آهن جو سڀاڻي جيڪڏهن آمريڪا جي ڪاڻ نه به ڪڍن ته به پاڻ ۾ اتفاق ڪري اڳتي وڌي سگهن ٿا. مثال طور جي چائنا ۽ رشيا فيصلو ڪري ڇڏين ته اسان ڊالر بدران پنهنجي ڪرنسي ۾ مغربي ملڪن سان واپار ڪنداسين ته آمريڪي ڊالر جي ھڪ ھٽي کي وڏو ڌڪ رسندو.
بھرحال پاڻ واپس اچون ٿا پشاور ۾ ٿيل انسانيت سوز خودڪش حملي جي نتيجي ۾ پاڪستان جي ادارن خلاف پيدا ٿيندڙ مايوسي ۽ ماڻھن ۾ طالبان جي خوف تي جن جي وزير اعظم عمران خان سدائين وڪالت ڪندو رهيو آهي. پاڻ اھو به سمجهون ٿا ته طالبان توڙي داعش کي افغانستان مان اوچتي آمريڪي ڀاڄ جي نتيجي ۾ جيڪي جديد ھٿيار مليا سي پڻ ھڪ سازش تحت ئي پوئتي ڇڏيا ويا هئا. اڄ انهن موتمار هٿيارن ذريعي پاڪستان ۾ جيڪو قھرام ڪيو پيو وڃي ان ۾ آمريڪي سي آئي اي جو ھٿ ان ڪري به ڏسجي ٿو ته چائنا جي سيپيڪ وارن منصوبن کي آمريڪي پنهنجي لاءِ ھاڃيڪار سمجھن ٿا.
وزير اعظم عمران خان جي طرز حڪمرانيءَ تي ڪيترائي اختلاف ھوندي، سندس روس وڃڻ واري فيصلي کي ساراهيو ويو آهي. ان مان ھڪڙو ڀلو تاثر اھو ضرور پيدا ٿيو آهي ته ڇا اسان آمريڪا ۽ سندس آئي ايم ايف جھڙن رت پياڪ سامراجي ادارن جي قيامت تائين غلاميءَ جو ٺيڪو کنيو آهي ڇا؟ عمران خان گذريل پوڻن چئن سالن ۾ عوامي مفادن لاءِ ڪوبه منصوبو نه ڏيئي سگهيو آهي. سندس حڪومت ۾ ايتري قدر مھانگائي وڌي وئي آهي جو ماڻهو اڳوڻن بدنام حاڪمن کي بھتر سمجھڻ لڳا آهن. پر سوچڻ جي ڳالهه آهي ته عمران خان حڪومت جي خاتمي کان پوءِ جيڪي ٽيون ۽ چوٿون دفعو اقتدار ۾ ايندا، ڇا اھي ملڪ کي آئي ايم ايف جي غلاميءَ مان نجات ڏياري سگهندا؟ مون کي يقين آهي ته انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ، ايشيائي بينڪ (نالي ماتر ايشيا جي بينڪ) ۽ يورپي ادارن جي قرضن ۾ ڪارو ٿي ويل پاڪستان پنهنجي گماشتا سرمائيداري، جاگيرداري، سرداري ۽ اسٽيبلشمينٽ جي تابعداري واري ھاڻوڪي بدبودار نظام مان نجات حاصل ڪري نه سگهندو. ڇا اوهان کي خاطري آهي ته ميان نواز شريف، مولانا فضل الرحمان، آصف زرداري يا سندس پٽ بلاول ھن ملڪ جي پيڙيل ۽ ڏتڙيل ڪروڙين ماڻهن جي حياتيءَ مان بيروزگاري، اڻھوند، بيمارين، بکن ۽ ڏکن جو خاتمو ڪرڻ لاءِ سنجيده آهن؟ ھرگز نه!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button